14/09/2026
قاضي احمد جي آفتاب ڪالوني جي رهواسين صفائي، پڪن روڊن ۽ نيڪال جي نظام نه هجڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي ٽائون چيئرمين کان اپيل ڪئي آهي ته ڪالوني جو دورو ڪري تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي. مقامي رهواسي علي سولنگي جو چوڻ آهي ته هو پ پ پ جا پراڻا ووٽر آهن، پر کين بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪالوني جي صفائي جو مستقل انتظام ۽ روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي.