Jhol Explore

Jhol Explore Vlogging Explorer Travelers Creator

اِنّا لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْنعظیم روحانی اسکالر پير و مُرشد خواجہ شمس الدین عظیمی صاحب رضاۓ الٰہی سے انتقال ...
21/02/2025

اِنّا لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
عظیم روحانی اسکالر پير و مُرشد خواجہ شمس الدین عظیمی صاحب رضاۓ الٰہی سے انتقال فرما گئے.

18/02/2025

#جھول

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس سانگھڙ پاران جھول ۾ کدڙن فقيرن خواجه سراھن سان ووٽ جي اھميت ۽ شناختي ڪارڊ بابت سيمينار ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ محمد سرور جي صدارت ھيٺ ٽائون ڪميٽي آفيس جھول ۾ چيئرمين ٽائون ڪميٽي جھول راڻا راشد علي راجپوت جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو.
جنھن ۾ اليڪشن آفيسر سانگھڙ محمد عمير، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا مسٽر ڪيف، فوڪل پرسن dvec صائمه ستار، ميڊم ساجده انصاري، ميڊم فرحت قريشي ۽ ٻين ٽيم ميمبرن شرڪت ڪئي.

جھول ۽ ڀرپاسي مان آيل کدڙن فقيرن کي سيمينار ۾ ووٽ جي اھميت ۽ پنھنجا شناختي ڪارڊ وڌ کان وڌ ٺھرائڻ لاء آگاھي ڏني وئي.
ٽيم کين يقين ڌياني ڪرائي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي عمل دوران اوھان کي ڪابه تڪليف وغيره پيش نه ايندي نادرا جي ٽيم اوھان سان مڪمل سهڪاري بڻبي.
جڏھن ته حڪومت پاڪستان پاران خواجه سراھن لاء جيڪا به پاليسي لاڳو ڪئي آھي انھيءَ بابت کدڙن فقيرن کي پڻ آگاھ ڪيو ويو.

ان موقعي تي چيئرمين راڻا راشد علي راجپوت آيل مھمانن کي لنگھي جا تحفا پيش ڪري آڌر ڀاءُ ڪيو.

رپورٽ نويد گل خاصخيلي

 #جھول  ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس سانگھڙ پاران جھول ۾ کدڙن فقيرن خواجه سراھن سان ووٽ جي اھميت ۽ شناختي ڪارڊ بابت سيمينار ...
18/02/2025

#جھول

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آفيس سانگھڙ پاران جھول ۾ کدڙن فقيرن خواجه سراھن سان ووٽ جي اھميت ۽ شناختي ڪارڊ بابت سيمينار ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سانگھڙ محمد سرور جي صدارت ھيٺ ٽائون ڪميٽي آفيس جھول ۾ چيئرمين ٽائون ڪميٽي جھول راڻا راشد علي راجپوت جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو.

جنھن ۾ اليڪشن آفيسر سانگھڙ محمد عمير، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا مسٽر ڪيف، فوڪل پرسن dvec صائمه ستار، ميڊم ساجده انصاري، ميڊم فرحت قريشي ۽ ٻين ٽيم ميمبرن شرڪت ڪئي.

جھول ۽ ڀرپاسي مان آيل کدڙن فقيرن کي سيمينار ۾ ووٽ جي اھميت ۽ پنھنجا شناختي ڪارڊ وڌ کان وڌ ٺھرائڻ لاء آگاھي ڏني وئي.

ٽيم کين يقين ڌياني ڪرائي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي عمل دوران اوھان کي ڪابه تڪليف وغيره پيش نه ايندي نادرا جي ٽيم اوھان سان مڪمل سهڪاري بڻبي.

جڏھن ته حڪومت پاڪستان پاران خواجه سراھن لاء جيڪا به پاليسي لاڳو ڪئي آھي انھيءَ بابت کدڙن فقيرن کي پڻ آگاھ ڪيو ويو.

ان موقعي تي چيئرمين راڻا راشد علي راجپوت آيل مھمانن کي لنگھي جا تحفا پيش ڪري آڌر ڀاءُ ڪيو.

رپورٽ نويد گل خاصخيلي

18/02/2025

#جھول

جھول: سائنسي ترقيءَ ۽ تحقيق ڏانهن راغب ڪرڻ لاء جھول جي نيو نمل پبلڪ اسڪول پاران شاندار سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو.

اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ھٿ سان شاندار ماڊل ٺاھي نمائش ۾ پيش ڪيا.

چيئرمين ٽائون ڪميٽي جھول راڻا راشد علي راجپوت، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر عبدالجبار راجپوت، اڳوڻي تعلقي ناظم سنجھورو ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي، سائين حضور بخش پنڃارو، ملڪ سرور ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن توڙي اسڪولي ٻارڙن جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ٻارڙن توڙي اسڪول اسٽاف جي محنت کي آيل مھمانن پاران خوب ساراهيو ويو.

رپورٽ نويد گل خاصخيلي

ڪيمرا مين غلام رسول خاصخيلي

سِنڌ ٽي وي نيوز

 #جھول    جھول واسين لاءِ بھترين چيئرمين ثابت ٿيندڙ ايڊووڪيٽ راڻا راشد علي راجپوت کي سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران مڃتا....
16/02/2025

#جھول

جھول واسين لاءِ بھترين چيئرمين ثابت ٿيندڙ ايڊووڪيٽ راڻا راشد علي راجپوت کي سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران مڃتا.
سندس مان ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو.
جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، علمي ادبي شخصيتن، شاعرن، صحافين توڙي شھرين شرڪت ڪئي.
رپورٽ نويد گل خاصخيلي
ڪيمرا مين غلام رسول خاصخيلي

16/02/2025

#جھول

جھول واسين لاءِ بھترين چيئرمين ثابت ٿيندڙ ايڊووڪيٽ راڻا راشد علي راجپوت کي سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران مڃتا.
سندس مان ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو.
جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، علمي ادبي شخصيتن، شاعرن، صحافين توڙي شھرين شرڪت ڪئي.
رپورٽ نويد گل خاصخيلي
ڪيمرا مين غلام رسول خاصخيلي

بي لوث محنت جو سمر، سٺي ساک واري اداري پاران مڃتا پروگرام...عوامي خدمت توڙي جھول شھر ۾ ترقياتي ڪمن ۾ رات ڏينھن مصروف رھن...
16/02/2025

بي لوث محنت جو سمر، سٺي ساک واري اداري پاران مڃتا پروگرام...
عوامي خدمت توڙي جھول شھر ۾ ترقياتي ڪمن ۾ رات ڏينھن مصروف رھندڙ جھول جي ھر دل عزيز شخصيت چيئرمين ٽائون ڪميٽي جھول راڻا راشد علي راجپوت صاحب کي سنڌي ادبي سنگت پاران مڃتا توڙي سندن ڪمن تي ساراھڻ لاء اڄ سنڌي ادبي سنگت شاخ جھول پاران سندس جي مان ۾ پروگرام رٿيو ويو آھي.
راڻا راشد علي جي پرستارن چاھيندڙن سپورٽرن. توڙي سڄاڻ دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

سندھ حکومت نے سرکاری ملازمت کیلئے عمر کی حد 5 سال بڑھا دی، صوبائی کابینہ نے فیصلے کی منظوری دیدی۔ شرجیل میمن کا کہنا ہے ...
15/02/2025

سندھ حکومت نے سرکاری ملازمت کیلئے عمر کی حد 5 سال بڑھا دی، صوبائی کابینہ نے فیصلے کی منظوری دیدی۔ شرجیل میمن کا کہنا ہے کہ فیصلے کا اطلاق سندھ پولیس اور پبلک سروس کمیشن کی نوکریوں پر نہیں ہوگا۔

سندھ کابینہ نے صوبہ بھر میں سرکاری ملازمین کی بھرتی کیلئے عمر کی حد 5 سال بڑھادی، پہلے سرکاری ملازمت کیلئے عمر کی حد 28 سال تھی جو اب 33 سال ہوگئی ہے۔

وزیراعلیٰ سندھ مراد علی شاہ کی زیر صدارت سندھ کابینہ نے سرکاری ملازمین کیلئے عمر کی حد بڑھانے کی منظوری دیدی۔ ذرائع کے مطابق سرکاری نوکریوں پر پابندی تھی، جس کے باعث عمر کی حد بڑھانے کا فیصلہ کیا گیا۔صوبائی وزیر شرجیل میمن کا کہنا ہے کہ فیصلے کا اطلاق سندھ پولیس اور پبلک سروس کمیشن کی نوکریوں پر نہیں ہوگا۔

15/02/2025

#سپردخاڪ

جھول: ڪيريا برادري جو نيڪ مرد ايڊووڪيٽ حاجي گل حسن ڪيريو لڳ ڀڳ 60 ورھين جي ڄمار ۾ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز جھول ڀرسان ڳوٺ ولي محمد ڪيريو ۾ ادا ڪئي وئي.

جنھن ۾ پ پ ضلع سانگھڙ جي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر فدا حسين ڏيرو، اڳوڻي ايم پي اي حاجي راڻا عبدالستار راجپوت، اڳوڻي تعلقي ناظم سنجھورو ڊاڪٽر محمد ھاشم خاصخيلي، پ پ سٽي جھول جي صدر محمد اويس خاصخيلي، حاجي تاج محمد خاصخيلي، نعيم خان وساڻ، ايڊووڪيٽ خان محمد خاصخيلي، سردار زوھيب حسن خاصخيلي، سردار سرفراز خاصخيلي، رئيس حيدر خان مري، ميونسپل ڪميٽي سانگھڙ جي چيئرمين راشد اسلام مغل، عمير عابد انصاري، عبدالرزاق عمراڻي، پرنسپل پير عبدالنبي جان سرهندي، استاد الطاف حسين پنھور، استاد الله بخش تمبراڻي، سيٺ عظمت خان پٺاڻ، ايڊووڪيٽ ظفر حيات، امير علي رند، سيد قائم علي شاه، سيٺ لعل بخش بلوچ، حاجي محمد اسحاق خاصخيلي سميت سياسي سماجي اڳواڻن، علمي ادبي شخصيتن، وڪيلن، صحافين توڙي شھرين ڳوٺاڻن ڪيريا برادري جي ماڻهن سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد مرحوم کي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

سنڌ سرڪار طرفان 19 فيبروري بروز اربع تي لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان
15/02/2025

سنڌ سرڪار طرفان 19 فيبروري بروز اربع تي لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان

اِنّا لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْنانتھائي ڏک ڀري خبر جھول: ڪيريا برادري جو نيڪ مرد حاجي گل حسن ڪيريو ھن فاني دنيا...
14/02/2025

اِنّا لِلّٰهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن
انتھائي ڏک ڀري خبر
جھول: ڪيريا برادري جو نيڪ مرد حاجي گل حسن ڪيريو ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
جنازي نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
اللہ پاڪ مرحوم جي بخشش فرمائي کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرماءِ آمين 🤲

اہم خبر / ڌرڻي جو اعلان جھول/ شاھو شاخ جي جبري بندش خلاف آبادگارن زميندارن احتجاجي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.شاھو شاخ ج...
14/02/2025

اہم خبر / ڌرڻي جو اعلان
جھول/ شاھو شاخ جي جبري بندش خلاف آبادگارن زميندارن احتجاجي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
شاھو شاخ جي زميندار وڏيرو ڪرم علي ڪيريو، ربنواز ڪيريو، علي بخش ڪيريو سميت مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ زميندارن جي اڳواڻي ۾ سڀاڻ 11 وڳي جھول مين روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.
ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي زميندارن ٻڌايو ته ٻن مھينن کان شاخ بند آھي ٻيون شاخون مقرر وارا بندي ٽائيم کانپوءِ کلي ويون آھن پر شاھو شاخ کي آبپاشي ايريگيشن جھول انتظاميه ڄاڻي واڻي اڃا تائين بند ڪيو ويٺي آھي. اسان جا بيٺل قيمتي فصل سڪي تباھ ٿي رھيا آھن جڏھن ته نه ڳوٺن ۾ پيئڻ لاء پاڻي ٿو مي نه ئي شھر ۾ پاڻي آھي.
آبادگارن چتاءُ ڏيندي چيو ته جي اگر اڄ رات تائين پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو.

Dirección

Sevilleja De La Jara

Notificaciones

Sé el primero en enterarse y déjanos enviarle un correo electrónico cuando Jhol Explore publique noticias y promociones. Su dirección de correo electrónico no se utilizará para ningún otro fin, y puede darse de baja en cualquier momento.

Contacto La Empresa

Enviar un mensaje a Jhol Explore:

Compartir

Categoría