Radio Voice of Sindh - London

Radio Voice of Sindh - London سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

تعارف


سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي نشريات شروع ٿيڻ واري موقعي تي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ سمجھان ٿو ته سنڌ واسين لا۽ هي موقعو پڻ خوشي جو باعث هوندو.

منهنجي خواهش هئي ته عالمي سطح تي ميڊيا ۾ سنڌواسين جو آواز شامل هجي، ريڊيو وائيس آف سنڌ انهي خواهش جي تڪميل آهي،انهي موقعي تي سنڌ واسين کي دل جي گھراين سان واڌايون ڏيان ٿو

.اڄ دنيا ۾ جنگيون هٿيارن بجا۽ ميڊيا وسيلي وڙهيون وڃن ٿيون.جيڪي قومون ميڊيا ۾ اڳڀريون آهن اهي ميڊيا جي هٿيار سان پنهنجو موقف دنيا تائين پهچائڻ ۽ ان کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. ميڊيا وسيلي حڪومتون ڪيرايون ۽ قائم ڪيون وڃن ٿيون.

ريڊو وائيس آف سنڌ جو بنيادي مقصد سنڌ ۽ سنڌواسين جي مضبوط مورچي جي حيثيت ۾ انهن جي حقن جي ترجماني ڪرڻ آهي، سنڌي صدين کان آزاد ۽ خوشحال قوم جي حيثيت ۾ دنيا جي انتهائي مهذب قومن ۾ شمار ٿيندي آئي آهي. هن جو شاندار ماضي شاهد آهي ته هن قوم ڪڏهن به غلامي ناهي قبولي ۽ آزادي جي حفاظت لا۽ لکين ڪونڌر ڪهايا آهن ۽ هي سلسلو اڃان به جاري آهي.

1843 ۾ انگريزن جي غلامي کانپو۽ هن وقت تائين سنڌي قوم کي هر طرح جي جبر ۽ ڏاڍ جي زور تي هيسائڻ ۽ محڪوم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، انهن کي پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن ئي وسيلن کان محروم ڪري بک ، غربت ، افلاس، بيروزگاري سان گڏ انيڪ مسئلن ۽ پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.هت مذهب ، ذات اونچ نيچ جي بهاني ڀاءُ کي ڀاءٌ سان وڙهايو ويو آهي.سرڪاري سرپرستي هيٺ نشي جو مرض عام ڪيو ويو آهي.تعليم ڦري نئين نسل کي اونڌاين طرف ڌڪيو ويو آهي.معصوم نياڻين کي نام نهاد غيرت جي نالي ۾ ناحق ماريو پيو وڃي .ڀنگ عيوض اغوا بااثر طبقي ۽ رياستي ادارن جي سرپرستي ۾ وڏو منافعي وارو ڪاروبار بنايو ويو آهي. سنڌي ماڻهن کي هر طرف کان مسئلن ۽ پريشانين ۾ الجھائي رکيو ويو آهي . جيئن هو پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي کان هميشه محروم رکيا وڃن.

سنڌي قوم کي اهڙي ڀيانڪ صورتحال مان ڪڍڻ لا۽ سمورين سنڌ دوست ڌرين ۽ سنڌي ميڊيا تي وڏي زميواريون عائد ٿين ٿيون.تاريخ جي هن اهم موڙ تي جتي سنڌ ڌرتي ماءٌ جي وجود لا۽ اهم سوال اٿاريا ويا آهن ، اهڙي موقعي تي سڀني کي سچائي ، ايمانداري ۽ قومي جذبي تحت پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ڌرتي ماءٌ جي حلالي پٽ وانگر ان جي حفاظت ڪرڻي پوندي.سنڌي ماڻهن کي اونڌاين جي آڙاهه مان ڪڍڻو پوندو. اسان جتي به آهيون ۽ جنهن به طبقي سان اسان جو تعلق آهي اسان کي وڏي زميواري سان ڪم ڪرڻو پوندو. اڄ اوهان کي ڌرتي ماءٌ جو سڏ ورنائڻو پوندو.

اسان جي اها ڪوشش هوندي ته ريڊيو وائيس آف سنڌ دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ لڙي ۾ پوئي هڪ قوم جو احساس ڏياري، انهن جي آواز کي سگھارو بنائي سنڌ ۽ سنڌين جي تاريخي قومي حيثيت کي بحال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪري.

سنڌ جي تاريخي قومي حيثيت جي بحالي لا۽ اسين سمجھون ٿا ته سنڌين کي اجتماعي جدوجھد ڪرڻي پوندي ، اثرائتي جدوجھد لا۽ قومي شعور جو هجڻ لازمي آهي.انهي لا۽ اسين اوهان جي سهڪار سان قومي شعور جي ارتقا لا۽ چند منصوبن جو اعلان ڪريون ٿا.

1 سنڌين جي آواز کي دنيا آڏو اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ لا۽ لنڊن مان ٽيليويزن چينل شروع ڪيو ويندو. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ پروگرام پيش ڪيا ويندا.هي ٽي وي چئنل سال 2013 جي آخر يا 2014 جي شروع ۾ پنهنجي نشريات جي ابتدا ڪندو. ٽي وي چئنل جو نالو “سنڌ براڊڪاسٽنگ ڪمپني”(SBC.TV) تجويز ڪيو ويو آهي.

2 سنڌ ۾ شعوري انقلاب آڻڻ لا۽ تعليمي ادارن جو ڄار وڇايو ويندو. ابتدائي طور بنيادي تعليم طرف ڌيان ڏنو ويندو.پرائمري اسڪولن ۾ عام مسڪين ماڻهو، جن جي اڪثريت آهي جيڪو انتهائي غربت سبب ٻارن کي تعليم ڏياري ڪونه ٿو سگھي، انهن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏني ويندي.

سنڌي قوم کي مستقل غلام رکڻ لا۽ انهن کان علم جو هٿيار کسيو ويو آهي، تعليمي ادارا آهن پر اتي تعليم ڪونهي ، هزارين اسڪول بند پيا آهن. پيغبري پيشي سالن تعلق رکندڙ استاد پڙهائڻ لا۽ تيار ڪونه آهن . جتي تعليم هجي ٿي اتي غريب جو ٻار ڳرين فيئن سبب پڙهي ڪونه ٿو سگھي. ڪاپي ڪلچرعام ڪيو ويو آهي جيئن شعوري سگھه پيدا نه ٿي سگھي.

ڪو دور هيو سنڌ تعليم ۾ گھڻو اڳڀرو هئي، تعليم بنا فرق جي امير توڙي غريب جو ٻار حاصل ڪندو هيو. علم جي زور تي وڏن سرڪاري عهدن تائين اميرن سان گڏ غريبن جي اولاد به پهتو، پرهاڻ ته غريبن جي اسڪولن کي تالا لڳل آهن يا وري اسڪول آهن ته تعليم ڪونهي.هاڻي صرف مالدار طبقي جا ٻار ئي ڳرين فيئن جي عيوض تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ اهي ئي نوڪريون خصوصن وڏ ن عهدن تي پهچن ٿا. اسان جي اڪثريت عوام کي ته معمولي روزگار کان به محروم ڪيو ويو آهي

انهي مقصد خاطر هڪ ادارو “ سنڌ سجاڳ فائونڊيشن” Sindh Awareness Foundation قائم ڪيو پيو وڃي ،جيڪو سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇائڻ واري منصوبي کي عملي جامو پهرائيندو.اڳتي هلي سنڌين ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان تعليم جو سلسلو يونيورسٽي سطح تائين وڌايو ويندو.

سنڌ سجاڳ فائونڊيشن پاران نئين نسل سميت سماج جي هر طبقي کي ڄاڻ ڏيڻ لا۽ لائبريرين جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. اسان جيڪڏهن ماضي ۾ وينداسون ته لائبريرين جي حوالي سان سنڌ خوشحال رهي آهي پر پو۽ اڳتي هلي هن شعوري ميراث کان به سنڌين کي محروم ڪيو ويو . اسان جي ڪوشش هوندي ته سنڌ جي سونهن ۽ سرواڻ شهيد سورهيه بادشاه، سنڌ جي سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي. بابا۽ سنڌ حيدر بخش جتوئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو،شهيد بشير خان قريشي،شهيد بينظير ڀٽو، شهيد هيمو ڪالاڻي، شهيد نذير عباسي، شيخ اياز ۽ اڻڳڻين سوين نه پر هزارين قومي هيرن جي نالن سان لائبريريون ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا ويندا.

اسان جو پنجون منصوبو اهم سنڌي ڪتابن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ ، لوڪ ورثي ، قومي ڪردارن ۽ انهن جي جدوجھد کان دنيا کي آگاه ڪجي.ائين ئي انگريزي ڪتابن جو ترجمو ڪرائي سنڌي ماڻهن کي دنيا جي مختلف قومن جي تاريخي پهلوئن کان آگاهه ڪجي. هت مان بابا۽ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب جيڪي انگريزي ۾ آهن . ڪامريڊ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ بغاوت جو مقدمو قائم ڪيو ويوهو. ڪورٽ ۾ هن سنڌ جي حق ۾ جيڪي دليل ڏنا انهن جي تاريخي حيثيت آهي پر اسان جي اڪثريت عوام ان کان انگريزي ۾ هجڻ ڪري پڙهڻ کان محروم آهي.انهن ڪتابن جا نالا Accused Statement Of Hyder Bux Jatoi ۽ Injustice With Sindh آهن. انهي کانسوا۽ سنڌ جي سائين جي ايم سيد ، سنڌ جي ڏاهن سائين محمد ابراهيم جويو ، سائين رسول بخش پليجو جي ڪتابن سميت ٻيو گھڻو تاريخي مواد انگريزي ۾ ڇاپي، سنڌ کي دنيا آڏو روشناس ڪرايو ويندو. ائين سنڌي ۾ گھڻو اڳ اهم موضوعن تي لکيل ڪتاب ناياب آهن ، انهن کي ڳولي ڇپرائجي ۽ مناسب اگھن تي عام ماڻهو تائين پهچايو وڃي.

اسان هي ويچار اوهان سان انهي ڪري ونڊي رهيا آهيون جو سنڌ جون حالتون سڀني لا۽ پريشان ڪندڙ آهن ۽ اسان سڀ چاهيون ٿا ته ڪيئن ڪري به حالتون سنڌي ماڻهو جي حق ۾ آڻجن ، اهو انهي ڪري به آهي ته سمورا وطن دوست ۽ ڌريون پنهنجو پنهنجو لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ لا۽ سنجيده آهن . هڪ طرف سنڌ دشمن قوتون سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ هي ڪوشش صدين کان جاري آهي ته وري ٻي طرف سنڌواسي سنڌ سميت پنهنجي وجود جي حفاظت لا۽ وڙهي رهيا آهن انهي لا۽ پنهنجا سر به گھوري رهيا آهن هي سلسلو به جاري آهي.هي سنڌ ڌرتي سان عشق ۽ عقيدت جو معاملو آهي هن سفر ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌ بو تيئن تيئن سر گھورڻ جو شوق ۽ جذبو به سرس ٿيندو ويندو.

اهي انسان عظيم آهن جيڪي پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌن ۽ سمجھن ٿا، انهن اڏول انسانن جي سچائي سان ڪيل جدوجھد ئي سماج ۾ تبديليون آڻي ٿي .حقيقت اها آهي ته ڪامل انسان اهو آهي جيڪو پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪري ٿو ،حاسد ۽ هٺيلو ناهي ، چڱاين ۽ نيڪين واري سوچ سان سرشار آهي، هر ڪنهن جو ڏک سک پنهنجو سمجھي ٿو ، معاف ڪندڙ آهي ، ارادن جو پختو ، نه پاڻ ڊڄي ٿو نه وري ٻين لا۽ خوف ۽ هراس پيدا ڪري ٿو. اهڙين خوبين سبب پيغمبر، ولي ، اولياء، سماج سڌارڪ ، صوفي ، سنت پيدا ٿيندا رهيا.انهن سمورن ڪردارن جو مول مقصد اهو هو ته هڪ انسان ٻئي انسان جو استحصال نه ڪري، انساني رشتن ۽ ناتن جو احترام ڪيو وڃي ، هر انسان کي آبرومندي ۽ ماڻهپي سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

انهي روايت تي هلندي سنڌ به اهڙا اڻڳڻيا صوفي منش ، سچا ، وطن لا۽ سر گھوريندڙ اڏول انسان پيدا ڪيا آهن جيڪي انهي واٽ تي هلي هميشه لا۽ امر ٿي ويا.اهي پنهنجي يقين، ارادن جي پختگي ۽ ڌرتي سان عشق جي قومي ويڙه واري راه ڇڏي ويا آهن ، جنهن تي هلي اسان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان حقيقي معني ۾ انهن جا پوئلڳ ۽ وارث آهيون.

هي زندگي اچڻي وڃڻي آهي ، دنيا جي دستور موجب اسان کي به هي جهان ڇڏڻو آهي. جيڪو ڪجھه ڪرڻو آهي هت ئي ڪرڻو آهي، اسان لا۽ ٻه واٽون آهن هڪ ته مقصد کان لاتعلق ٿي صرف پنهنجي لا۽ جيئون، جيڪو ايئن آهي ڄڻ ته انسان پيدا ئي ڪونه ٿيو، سموري زندگي هيرا ڦيري، رشوت ، ٻين جو حق ماري پاڻ کي خوارخراب ڪري ناجائز ڏوڪڙ گڏائڻ ، انهي ڌن سان مسڪين ماڻهن تي ظلم زيادتيون ڪرڻ ، رشتن کي وساري انهن سان زيادتيون ڪرڻ پو۽ به پاڻ جھڙو ڪنهن کي به نه سمجھڻ. حقيقت اها آهي اهڙي زندگي سماج ۽ خود هن لا۽ به لاڀائتي ڪونه ٿي ٿئي، مان سمجھان ٿو هي بي مقصد زندگي ٿئي ٿي. اسان لا۽ ٻي واٽ آهي ته اسان ٻين لا۽ جيئون، ٻين جي ڏک سک ۾ ڀاڳيڀائيوار ٿيون، هڪ زميوار ۽ لائق انسان وانگر انسان جي پيدا ٿيڻ وارو مقصد پورو ڪيون ، پنهنجون سموريون صلاحيتون ۽ ڌن دولت ڪنهن مقصد خاطر ڪم آڻيون جنهن سان ٻين کي فائدو ٿئي ، جيئن خود پاڻ ۽ سماج کي ٺاهڻ کي ڪو لاڀ حاصل ٿي سگھي. حقيقت اها آهي جيڪي ٻين لا۽ زندگي گذاري ويا ، انهن کي رهندي دنيا تائين ياد ڪيو ويندو آهي ، جيڪي پاڻ لا۽ زنده رهيا انهن کي دنيا ڇا پنهنجن به ياد نه رکيو.

مون پنهنجي 65 سالن جي زندگي ۾ ڌن دولت ڪونه ٺاهي آهي، نه وري اهڙي قسم جو ڪو شوق هيو. ڇاڪاڻ جو مون شروع کان پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ڄاون لا۽ سوچيو ۽ لوچيو آهي ،ان لا۽ مان سمجھان ٿو مان دنيا جو خوشحال ترين انسان آهيان.منهنجي سڀ کان وڏي دولت سنڌ ۽ ان جا مسڪين ماڻهو آهن ، انهن سان پيار ۽ انهن لا۽ جدوجھد ئي منهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي.

هت مان توهان سڀني کي انتهائي ادب سان گذارش ڪندس ته اسان جي امڙ سنڌ اڄ انتهائي ڏکي دور مان گذري رهي آهي. اڄ سنڌ جو اصل ڌڻي انتهائي بيوسي واري حالت ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. اسان جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي ، اسان کي پنهنجي ئي ڌرتي تي غلام بنايو ويو آهي. اسان جي ووٽن سان حڪومت ڪندڙ صرف پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن ۽ ڌارين سان ڌاڙي ۾ گڏ آهن. سنڌ ۾ هن وقت ٻه ڌريون آهن هڪڙا حڪمران سان گڏجي پنهنجن کي ماري رهيا آهن ته ٻيا وري مظلوم آهن، جيڪي سنڌ سميت پنهنجي وجود لا۽ وڙهي رهيا آهن.هي ويڙه صدين کان جاري آهي اوستائين جاري رهندي جيستائين سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجا حق ۽ پنهنجي ڌرتي جي ملڪي نٿي ملي وڃي .

انهي لا۽ اسان کي پنهنجا سمورا ويڇا وساري گڏجي جدوجھد ڪرڻي پوندي. مان سمجھان ٿو ته اسان جي سڃاڻ طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو ، سنڌ توڙي دنيا ۾ جتي به سنڌي رهن ٿا، انهن کي سنڌ جي بقا لا۽ سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. هي ڪم اسان جي پورهيتن، استادن،صحافين، سرڪاري ملازمن، وڪيلن، اسان جي ڀينرن، اسان جي نياڻين ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ سنڌواسين کي ڪرڻو آهي. جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان اسان کي سجاڳي لا۽ نئين نسل جي تعليم لا۽ ڪم ڪرڻو آهي ، عالمي سطح تي پنهنجو آواز پهچائڻ لا۽ ميڊيا واري هٿيار کي اثرائتو بنائڻو آهي، ان لا۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي اڳتي اچڻو پوندو.

مان آخر ۾ اوهان کي اها گذرش ڪندس ته هي وقت عمل جو آهي اچو ته هڪ زنده قوم وانگر جيئڻ واري واٽ تي گڏجي وک وڌايون.

اچو ته سنڌ جي سدا حيات شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي جي هن بيت سان نئين جذبي ۽ ولولي سان پنهنجي قومي آواز “ ريڊيو وائيس آف سنڌ ” وسيلي قومي جدوجھد جو آغاز ڪريون.



سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار ، هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين

https://youtu.be/Seo-kpIgJ1g
25/09/2025

https://youtu.be/Seo-kpIgJ1g

This video brings you the latest news and reactions from across Sindh. Bari Pitafi sparks outrage after slapping a student, later forced to apologize. Awami ...

https://youtu.be/kQusHMjxPBI
24/09/2025

https://youtu.be/kQusHMjxPBI

This episode of Soch Vichar highlights crucial issues shaping Sindh’s past and present. Latif Rawalani writes about the 1857 Karachi military revolt, where R...

https://youtu.be/0_jYWWbXImc
24/09/2025

https://youtu.be/0_jYWWbXImc

The drug trade in Sindh has grown beyond being a social menace; it has become an organized business with many hidden faces behind it. Disturbingly, alleged p...

https://youtu.be/Vfn-d0TQw2s
24/09/2025

https://youtu.be/Vfn-d0TQw2s

Sindh’s artists, appointed as music teachers, have still not received their joining letters. Despite their rightful selection, they are forced to protest in ...

https://youtu.be/h5cfoKdAqXU
24/09/2025

https://youtu.be/h5cfoKdAqXU

Renowned poet Manzoor Mangi reflects on the decline of the Pakistan Peoples Party, once seen as a symbol of hope and service. He compares PPP’s state to some...

https://youtu.be/JSvt9t8ETdE
24/09/2025

https://youtu.be/JSvt9t8ETdE

In today’s Sindh updates: Zain Shah told a Qaumi Kachehri that politics and resources are being hijacked through corrupt selection processes. Across Sindh, t...

https://youtu.be/zVnNRLvwrqs
23/09/2025

https://youtu.be/zVnNRLvwrqs

Dr Lakhu Luhana Chairman WSC, delivered a stirring address at the World Sindhi Congress Sindh Conference held during the UN Human Rights Council session in G...

Address

London

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Radio Voice of Sindh - London posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Radio Voice of Sindh - London:

Share

Category