MK News

MK News رهو هر خبر کان با خبر
(2)

لاڙڪاڻو پريس ڪلب زنده آباددوستو واڪ ڪيو
25/10/2025

لاڙڪاڻو پريس ڪلب زنده آباد
دوستو واڪ ڪيو

25/10/2025
24/10/2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد پراڻي بس اسٽينڊ ميونسپل اسٽيڊيم جي آمهون سامهون ايل پي جي گيس جي دڪان کي اوچتي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت نينگر عبدالڪريم ميرجت زخمي ٿي پيو جڏهن ته دڪان جي ٻاهريان ٻڌل ٻڪري مري وئي ۽ هڪ رڪشو سڙي پيو، اطلاع تي ريسڪيو1122 ۽ فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي زخمي نينگر کي طبي امداد ڏني. ان حوالي سان دڪان مالڪ فيروز غوري ميڊيا کي ٻڌايو ته مان رڪشي ۾ ايل پي جي گيس ڀري رهيو هيس ته اوچتي دڪان کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت نينگر عبدالڪريم ميرجت زخمي ٿي پيو

14/10/2025

لاڙڪاڻي مان ڏسندا رهو ايم ڪي نيوز
لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري هڪ اي ايس آء سميت ٽن پوليس اهلڪارن کي ڏوهارين سان ٻٽ هجن جي الزام هيٺ مٿن ايف آئي آر داخل ڪرائي ٽهني اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي

لاڙڪاڻو پريس ڪلب زنده آبادلاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي روزاني امت ۾ ڇپيل خبر پڙهندا
14/10/2025

لاڙڪاڻو پريس ڪلب زنده آباد
لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جي روزاني امت ۾ ڇپيل خبر پڙهندا

13/10/2025

لآڑکانہ سے دیکھتے رہیں ایم کے نیوز
لآڑکانہ مین پولیس مقابلے میں ایک ڈاکو ھلاک ہو گیا ہے
ایس ایس پی لاڑکانہ احمد فيصل چو ڈھری

13/10/2025

لاڙڪاڻي مان ڏسندا رهو ايم ڪي نيوز
لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري ۾ نوجوان عبدالواحد جيسر جي فرزند جنيد احمد جيسر جي ڪرمنالاجي تي لکيل ڪتاب جي مهورت هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد سليم جيسر جن ڪئي جسٽس محمد سليم جيسر کي تقريب ۾ عبدالواحد جيسر پٽڪو پهرايو

30/09/2025

لاڙڪاڻو(ر رپورٽ مرتضي'ڪلهوڙو ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس ڊويزن لاڙڪاڻو جي آرگنائيزنگ ڪميٽي طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن، يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن جي مڪمل تالابندي ڪري قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پروفيسرن، ليڪچرارن، استادن، صحت کاتي جي عملي مختلف کاتن جي سرڪاري آفيسرن، مرد ۽ عورت ملازمن طرفان ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس ۾ شامل تنظيمن گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو، پ ٽ الف ڊويزنل صدر محمد اسلم ديدڙ، ضلعي صدر اشفاق ڌامراهو، سٽي صدر ارشاد تنيو، تعلقي صدر نصيرمحمد مغيري، طالب مغل، آپڪا سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ محمد رفيق جتوئي، مقبول احمد مهر، گزيٽيڊ آفيسرس ايسوسئيشن جي اڳواڻ انيس الرحمان جلباڻي، سپلا سکر ريجن جي صدر ملهار سنڌي، سپسا جي مرڪزي اڳواڻ زاهد حسين هليو، هاءِ ويز سي بي اي جي اڳواڻ ممتاز علي چانڊيو، سيد مبين شاهه، دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ملازم اڳواڻ عبدالجبار چانڊيو، آفيسرس ايسوسيئيشن جي صدر مصور علي ڀٽو، جنرل سيڪريٽري سليم رضا سانڊاڻو، پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، آپڪا پراونشل هاءِ وي ڊويزن لاڙڪاڻو جي اسدالله ميرجت، محب گوپانگ، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن جي معشوق علي کوسو، آپڪا پاپوليشن جي اڳواڻن محمد شريف عمراڻي، عبدالوحيد چانڊيو، ايريگيشن يونين جي الله بخش ڌامراهو، سنڌ سپروائيزرس تپيدار ايسوسئيشن جي مختيار علي جتوئي، آپڪا گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي منور ڪلهوڙو سميت استادن، پروفيسرن، ليڪچرارن، ننڍن توڙي وڏن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن چيو ته اسان جون تنظيمون غيرسياسي تنظيمون آهن ۽ اسان عام چونڊن ۽ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي غيرمشروط حمايت ڪري ووٽ ڏنا پر جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسين مرڪزي سڏ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بائيڪاٽ به ڪري سگهون ٿا. هنن چيو ته سنڌ جا مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ هڪ گريڊ کان 22 گريڊ جا ملازم پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ لڳاتار ٻن مهينن کان سراپا احتجاج بڻجي روڊن رستن تي پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن، پنهنجي معاشي قتل عام خلاف مڪمل تالابندي، قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪرڻ سان گڏ روڊن رستن تي نڪري ڌرڻا هڻي ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايا پر تڏهن به سنڌ حڪومت گونگي، انڌي ۽ ٻوڙهي پن جو مظاهرو ڪري هوش مان ڪم نه ورتو نه ئي سنڌ حڪومت هن مهل تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو تنهن ڪري سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تان ملازمن طرفان وري ٻيهر احتجاجي ڌرڻن سان گڏ مڪمل تالابندي جو عمل ورجائي اڄ ٻئي ڏينهن به لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو آهي اسان جي تحريڪ جاري رهندي. هنن مطالبو ڪيو ته هنن مطالبو ڪيو ته پينشن جو ڪارو قانون واپس ورتو وڃي، ڊي آر اي ۾ اضافو ڪيو وڃي، رٽائرمينٽ سان گڏ گروپ انشورنس ۽ بينوئل فنڊ ڏنو، پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جا سڀ مطالبا منظور ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت ادارن جي تالابندي جاري رهندي ۽ 6 آڪٽوبر تي سنڌ جا لکين ملازم بلال هائوس ڪراچي اڳيان ڌرڻو هڻندا جيڪو ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

29/09/2025

لاڙڪاڻي مان ڏسندا رهو ايم ڪي نيوز،
لاڙڪاڻي مان رپورٽ ڪري رهيو آهي مرتضي ڪلهوڙو

سنڌ ايمپلائیز الائنس جي ڊويزنل آرگنائزنگ ڪميٽي پاران پينشن جي ڪاري قانون سميت ٻين جائز مطالبن جي حق ۾ اسپتالن، يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن سميت سرڪاري آفيسن جي تالا بندي ڪري هڙتال ڪئي، شرڪت ڪندڙن بازن تي ڪاريون پٽي ٻڌي پريس ڪلب اڳيان ڌھرڻو هنيو، جتي انهن هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي تيز نعريبازي پڻ ڪئي.

ڌرڻي ۾ گسٹا ضلعي صدر جي ايم ابڙو، پ ٽ الف ڊويزنل صدر محمد اسلم ديدڙ، آپڪا جي مرڪزي اڳواڻ محمد رفيق جتوئي، مقبول احمد مھر، گزٽيڊ آفيسرز ايسوسيئيشن جو مرڪزي اڳواڻ عبدالرشيد چانڊيو، انيس الرحمان جلباڻي، سپلا سکر ريجن جو صدر ملهار سنڌي، سپسا جو مرڪزي اڳواڻ زاهد حسين ھليو، عبدالسعيد ھليو، هاءِ ويز سي بي اي جو اڳواڻ غلام رسول ڇجرو، غلام قادر اھير، چيئرمين آل يونيورسٽيز ايمپلائیز ايسوسيئيشن سراج ڀٽو، عبدالجبار چانڊيو، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جو شاهی خان جاگيراني، آل ريوينيو سنڌ ايمپلائیز ايسوسيئيشن جو معشوق علي کوسو، سنڌ سپروائزرز تپيدار ايسوسيئيشن جو مختيار علي جتوئي، ايپڪا گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو منور کلھورو، گسٹا جو مظھر حسين سومرو، نثار احمد چانڊيو، پ ٽ الف جو اشفاق احمد ڌامراهو سميت مختلف سرڪاري محڪمن جا مرد ۽ عورت ملازم، استادن، پروفيسر، ليڪچرار، ننڍن وڏن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
دھرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ ايمپلائیز الائنس جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي مختلف محڪمن سان واسطو رکندڙ گريڊ هڪ کان 22 تائين جا ملازم پنهنجن جائز مطالبن لاء جدوجهد ڪري رهيا آهن. اهي پنهنجن معاشي قتلِ عام خلاف هڪ ٿي ويا آهن. هنن چيو ته پينشن جو ڪارو قانون واپس ورتو وڃي، ڊي آر اي ۾ واڌ ڪئي وڃي، رٽائرمنٽ سان گڏ گروپ انشورنس ۽ بينيوولنٽ فنڊ ڏنو وڃي، پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ ادارن جي تالا بندي جاري رهندي. هنن هڪ دفعو وري ورجايو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت مطالبا منظور نه ڪيا ته 6 آڪٽوبر تي سنڌ جا لکين ملازم بلاول هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهندا. جيڪو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو.

27/09/2025

لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسنگ ايسوسئيشن پاران منقد ڪنوينشن ۾ ليڊي نرسنگ اڳواڻ پنهنجا مطالبا ميڊيا آڏو پيش ڪندي

27/09/2025

لاڙڪاڻو. ينگ نرسز ايسوسئيشن طرفان ڊويزن سطح تي نرسز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مهمان خاص چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان جي ميل ۽ فيميل نرسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نرسز ڪنوينشن کي خطاب ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري خطاب ڪندي

27/09/2025

لاڙڪاڻو. ينگ نرسز ايسوسئيشن طرفان ڊويزن سطح تي نرسز ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مهمان خاص چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان جي ميل ۽ فيميل نرسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Address

JINNAH PARK
Mumbai

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MK News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share