OGahi Akhtar

OGahi Akhtar Just A Common Man

 #جاپان مزدورن جو عالمي ڏينهن (پهرين مئي) جاپان ۾ به ملهايو ويندو آهي.جڏهن ته پهرين مئي تي سرڪاري موڪل نه ھوندي آهي اڪثر...
01/05/2025

#جاپان

مزدورن جو عالمي ڏينهن (پهرين مئي) جاپان ۾ به ملهايو ويندو آهي.جڏهن ته پهرين مئي تي سرڪاري موڪل نه ھوندي آهي اڪثر جاپاني ڪمپنيون پنهنجن ملازمن کي ھن ڏينھن جي اضافي اجرت ادا ڪنديون آھن.
جاپان ۾ ھر سال پھرين مئي کان ساليانو انڪريمينٽ لاڳو ڪيو ويندو آھي. جاپان ۾ مزدورن لاءِ بھترين قانون آهن، جن ۾ ليبر معيار ايڪٽ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت ايڪٽ، ۽ روزگار انشورنس ايڪٽ وغيره شامل آهن، جيڪي مزدورن جي حقن جي حفاظت ڪن ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي معيار، اوور ٽائيم ضابطن، ۽ بيروزگاريءَ کان نجات جهڙا فائدا فراهم ڪن ٿا.
جاپان ۾ سوشل ايڪٽوٽيز جي پروگرامن ۾ بيروزگاريءَ کان نجات، مزدورن جي سيلف سيفٽي ،صحت جي سار سنڀال، ۽ پينشن منصوبا شامل آهن.
ھي قوم پھرين مئي جي ڏينهن کي انهن محنتي مزدورن جي نالي ڪندي آھي جن جي لازوال قربانين سان آئٽم بم جي تباهين کان بعد، ڏينھن رات ھڪ ڪري جاپان کي ھڪ دفعو وري دنيا جي نقشي تي پاور ترين ملڪ جو رتبو ماڻي ڏيکاريو ھو.
ھي قوم مزدورن جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي ھيروز جي ساٿ و سھڪار کي ڀرپور ڀيٽا ڏيندي سرخ سلام پيش ڪندي آھي .
اوڳاھي اختر
اوساڪا جاپان

جاپاني نئين سال کي دل سان ملھائيندا آھن،گذريل سڄو ھفتو موڪلن کي انجواءِ ڪرڻ ۾ گذريو. آسن، اميدن ۽ جذبي سان سال 2025 کي خ...
12/01/2025

جاپاني نئين سال کي دل سان ملھائيندا آھن،
گذريل سڄو ھفتو موڪلن کي انجواءِ ڪرڻ ۾ گذريو. آسن، اميدن ۽ جذبي سان سال 2025 کي خوش آمديد ڪيوسين.
موڪلون پوريون ٿيون ته پاڻ به روزگار ۾ جنبجي وياسين،
جيئن تہ گذريل اربع تي جنم ڏينھن به ھو، وري ڪم ڪار ۽ ڪمپني ۾ بہ ورڪنگ ڊي ھجڻ ڪري تمام گھڻي مصروفيت ھئي، سو ڪافي دوستن جنم ڏڻ جو ڪيڪ ڪٽڻ لاء ڪالون ڪيون، کين جس ھجي،
ڪم ڪار مان واندڪائي ملڻ محال ھئي سو سڀني کي ھٿ جوڙي معذرت ڪئي سين،
جيئن ته آچر جي رات ۽ ڏينھن پاڻ کي ڪجھ نه ڪجھ ڪم کان فرصت ملي ٿي، ان دوران ڪجھ آئوٽنگ يا وري ڪتاب پڙھندي گذاريون،
دوستن سان ڪچھريون، ملاقاتون، رابطو به ھن ڏھاڙي ٿئي، جيتوڻيڪ رات دير سمھيس ان نيت سان ته اڄ سمورو ڏينھن سڪون سان ننڊ ڪبي.
صبح جو ساجھر ئي ڪنھن ھمراھ گھر جي گھنٽي وڄائي، جوڳي کي جاڳائي وڌو،
بستر ھٽائي اٿي وڃي ڏٺم تہ، وڃڃڃڃ،
ڀاڻيجو عرفان، جبل جيڏو ڪيڪ کڻي منھن مبارڪ تي مرڪ سجائي بيٺل ھو،
ھيپي برٿ ڊي چئي ڇڪي ڀاڪر پاتائين،
ھٿ ھٿ ۾ ملائي کيس اندر وٺي آيم، جيئن ته منھنجا روم ميٽ سوير ئي ٻاھر نڪري ويا ھئا،
سو کڻي موبائل نمبر ملائي سامھون رھندڙ دلي دوستن ضمير خشڪ ۽ جليل سومرو کي ته اصل دير ئي نه ڪيائون ۽ مينھن واءُ ڪندا اچي پھتا،
جيستائين ھنن ٽيبل ڪرسيون سڌا ڪيا، تيستائين مان به منھن کي آلا ڇنڊا ھڻي ڪجھ نه ڪجھ تازو توانو ٿي اچي ڪيڪ ڪٽڻ ۾ جنبجي وياسين،
آئيني تقاضائن موجب پھريون عمل فوٽو ھوندو آھي سو سئو سوا سئو فوٽو مبارڪ ڪڍي، ڪيڪ کي باريڪ بيني سان وڍي ٽڪي محفل کي مزيدار بڻايوسين،
آئون انتھائي ٿورائتو آھيان پياري ڀاڻيجي عرفان خان جو جنھن ھيڏو سارو خفو ڪري محبتن جو قرضي ڪري ڇڏيو،
پياري دوستن ضمير خشڪ ۽ جليل سومرو جا پڻ وڏا وڙ جو ھو آيا ۽ اچي مان مٿانھون ڪيائون.
مھربانيون
نوازشون
اوڳاھي اختر
اوساڪا جاپان
12 جنوري 2025

Address


Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when OGahi Akhtar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share