07/04/2026
احمدپور (رپورٽ) احمدپورلڳ ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو ۾ سينئر صحافي اشرف ميتلو سان سندس والد جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري، سياسي سماجي اڳواڻن تڏي تي پھچي ساڻس تعزيت ڪئي رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ ڪريم ڏنو ميتلو ۾ سينئر صحافي اشرف علي ميتلو سان سندس والد مرحوم شھمير علي ميتلو جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني جي پرسنل سيڪريٽري ضمير حسين ڪانهر، سماجي اڳواڻ نعمت الله ڪانهر اقبال حسين ميتلو صحافي ارشاد وسطڙو جي ڊي اي جي اڳواڻ پھلوان احسان ميتلو پرويز لاڙڪ ۽ ٻين تڏي تي پھچي ساڻس تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو پڻ اظهار ڪيو،