03/02/2024
احمدپور پريس ڪلب جي چونڊيل عھديدارن کي پ پ تعلقي ڪنگري جي صدر پريس ڪلب تي پھچي کين مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا هار پارايا ويا، ٻئي طرف پ پ جي نامزد اميدوارن جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پيادل ورڪ ڪئي ۽ پمفليٽ ورھايا ويا، رپورٽ موجب احمدپور پريس ڪلب جي سال 2024 جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل عھديدارن صدر خواجه بدرالدين، سينيئر نائب صدر قيوم ميتلو، انفارميشن سيڪريٽري اشرف علي ميتلو، ايگزيڪيٽيو ڪاميٽي جي چيئرمين خواجه نسيم الدين، آفيس سيڪريٽري سرفراز ميتلو ۽ ٻين عھديدارن کي پيپلزپارٽي تعلقي ڪنگري جي صدر سيد حسين شاھ جيلاني پاران پريس ڪلب پھچي کين ڪاميابي جون مبارڪون ڏنيون ۽ گلن جا هار پارايا ويا ٻئي طرف تعلقي صدر پاران پيپلزپارٽي جي نامزد اميدوارن قومي تڪ اين اي 204 جي سيد جاويد علي شاھ جيلاني ۽ صوبائي تڪ پي ايس 31 جي پير سيد محمد بچل شاھ جيلاني جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي شھر جي مک بازار ۾ پيادل ورڪ ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا پمفليٽ ورھايا ويا جن تي لکيل هو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ ملازمن جون پگهارون ٻيڻيون ڪيون وينديون، پورھيت طبقي کي 300 يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي، پوري پاڪستان ۾ صحت جا مفت مرڪز قائم ڪيا ويندا، ھر ٻار تائين تعليم جي رسائي ممڪن بڻائي ويندي، پسمانده طبقي کي مالڪاڻي حقوق سان گهر ٺھرائي ڏنا ويندا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن ۾ واڌ ڪئي ويندي، ڪسان ڪارڊ جاري ڪيا ويندا، پوري ملڪ ۾ مزدورن جي سماجي تحف ۽ پينشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ مزدور ڪارڊ متعارف ڪرايو ويندو، نوجوانن جي مالي مدد ۽ تربيت فراھم ڪرڻ لاءِ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرايو ويندو ۽ پوري ملڪ ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي بک مٽائو پروگرام متعارف ڪرايو ويو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ وڏيرو عبدالحق لاڙڪ، رحمت الله ملاح، ذوالفقار ڪلال، قربان چانڊيو، محمد علي وسطڙو، عبدالاحد ميمڻ، محمد علي اڄڻ ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا،