Badin News

Badin News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Badin News, Badin.
(1)

14/08/2026

مٺي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي....

مٺي مان واپسي تي اڪيسيڊنٽ ٿيڻ سبب فوت ٿيل نوجوان مھراڻ لغاري ۽ شعبان لغاري جي حياتي جون  تصويرون
14/08/2026

مٺي مان واپسي تي اڪيسيڊنٽ ٿيڻ سبب فوت ٿيل نوجوان مھراڻ لغاري ۽ شعبان لغاري جي حياتي جون تصويرون

14/08/2026

مٺي ٿر گھمڻ آيل سياحن سان حادٽو 4 ڄڻا فوت فوتين جو تعلق بدين ضلعي جي شھر ملڪاڻي شريف سان ٻڌايو پيو وڃي... ذارئع

14/08/2026

آزادي جي ڏهاڙي تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻارن جو خاص اجلاس عمرڪوٽ واسي 11هين ڪلاس جي شاگرد لويت ڪمار جي تقرير ٻڌي صوبائي وزيرن ۽ ايم پي ايز کي ڏندين آڱريون اچي ويون......

14/08/2026

بدين ريسڪيو 1122 ڊي ايڇ ڪيو بدين اسٽيشن جي پاران اڄ پاڪستان جي آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي ۽ ڪيڪ ڪاٽي پياري وطن پاڪستان جي سلامتي، خوشحالي، ترقي، امن ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي
ريسڪيو 1122 هر وقت، هر ڏکي گهڙيءَ ۾ عوام جي خدمت لاءِ تيار.......
ريسڪيو 1122 بدين

14/08/2026

ايم پي اي ڏنڊو کڻي بيهن ته استاد ڇو ڪو نه اسڪول اينداSee More....

جشن آزادي تقريب قائد اعظم جي مزار تي حاضري وقت صوبائي وزير اسماعيل راهو طبعيت خراب ٿيڻ سبب ڪِري پيو
14/08/2026

جشن آزادي تقريب قائد اعظم جي مزار تي حاضري وقت صوبائي وزير اسماعيل راهو طبعيت خراب ٿيڻ سبب ڪِري پيو

14/08/2026

بدين ۾ جشن آزادي جي تقريب ضلعي ڪائونسل آفيس ۾ ٿي گذري.....

14/08/2026

بدين پاڪستان جي 79هين جشن آزادي جي موقعي تي ضلع ڪائونسل بدين ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران چيئرمين ضلع ڪائونسل بدين ۽ صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع بدين ڄام علي اصغر هاليپوٽو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جو باقاعده افتتاح ڪيو تقريب ۾ وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل ۽ تعلقا صدر پاڪستان پيپلز پارٽي بدين فدا حسين منڌرو، چيف آفيسر ضلع ڪائونسل اشوڪ ڪمار، ڊي ايس پي بدين شڪيل احمد سولنگي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سرفراز سمون، تعليم کاتي جي فوڪل پرسن محمد خان سمون سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ کان پوءِ سنڌ پوليس جي چاق و چوبند دستي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته مارچ پاسٽ ذريعي قومي پرچم کي ڀرپور عقيدت ۽ احترام پيش ڪيو ويو. تقريب دوران شرڪت ڪندڙن قومي يڪجهتي، امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا پڻ گهري ان موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين ضلع ڪائونسل بدين ڄام علي اصغر هاليپوٽو چيو ته جشن آزادي جو ڏينهن اسان لاءِ قومي فخر، اتحاد ۽ پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته ضلعي بدين جي عوام طرفان پاڪ فوج، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جي ڪارڪنن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهراين سان آزادي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو هن چيو ته ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي انتهائي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان گڏيل طور قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪنداسين ته ڪو به دشمن پاڪستان ڏانهن ميري نظر سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آزادي لاءِ اسان جي وڏڙن ۽ شهيدن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، جن جي بدولت اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن عظيم ڏينهن تي اسين پنهنجي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندن قربانين کي هميشه ياد رکڻ جو عهد ڪريون ٿا جشن آزادي جي حوالي سان اسڪولي ٻارڙن پاران رنگا رنگ پروگرام پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ وطن سان محبت ۽ قومي جذبي کي اجاگر ڪندڙ تقريرون، ٽيبلو ۽ ملي نغما پيش ڪيا ويا. شاگردن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ذريعي حاضرين کان ڀرپور داد حاصل ڪئي. ملي نغمن ۽ قومي گيتن تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻي پنهنجي حب الوطني جو اظهار ڪيو

13/08/2026

بدين:جشن آزادي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو چوڪ تي شاندار آتشبازي ڪئي وئي انهي کانپوءِ پاڪستان جي 79 وين سالگره جي موقعي تي جشن آزادي جي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ان موقعي تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ صدام حسين جمالي، فوڪل پرسن چيئرمين ميونسپل ڪميٽي بدين عبدالڪريم اڍيجو، اڪائونٽ آفيسر فوٽو خان کوکر ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن، شهرين، چونڊيل نمائندن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Address

Badin

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Badin News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share