05/11/2025
پاڪستان واپڊا اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي واپڊا جي ممڪنا نجڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. احتجاجي ريلي ڊويزنل چيئرمين غوثه خان پٺاڻ، محمد امين نظاماڻي، غلام مصطفى ڪنڀار، نظير احمد ملاح، نهال خان کوسو، حافظ دين محمد، محبوب علي ملاح، الله بخش ڪاتيار ۽ ذوالفقار علي جمالي جي اڳواڻي ۾ حيسڪو ڊويزنل آفيس کان الله والا چوڪ تائين ڪڍي ويئي.