Awane Sahafat Badin

Awane Sahafat Badin Founded in 1996, Under leadership of Muhammad Yaseen Arain (Late) & Muhammad Hashim Khan Bhurgari. T

بدين، ايوان صحافت بدين جي جنرل باڊي جو اجلاس صدر لالا ھارون گوپانگ صاحب جي سربراھي ۾ ٿي گذريو سڄي ضلعي مان ميمبرن ڀرپور ...
29/12/2024

بدين،
ايوان صحافت بدين جي جنرل باڊي جو اجلاس صدر لالا ھارون گوپانگ صاحب جي سربراھي ۾ ٿي گذريو سڄي ضلعي مان ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي،

بدين، رپورٽر، ڪڊڻ جي سينئرصحافي مرحوم الھبچايو (پارس)ڪنڀار جي ياد ۾ ايوان صحافت بدين پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن...
27/10/2024

بدين، رپورٽر،
ڪڊڻ جي سينئرصحافي مرحوم الھبچايو (پارس)ڪنڀار جي ياد ۾ ايوان صحافت بدين پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن ۾ ضلع بدين جي صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،
سينئر صحافي الهبچايو پارس ڪنڀار جي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ايوان صحافت ضلع بدين جي صدر لالامحمد ھارون گوپانگ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪردار ڪڏھن بہ مرڻا ناهن بدين ضلع جي پٺتي پيل ڪڊڻ جھڙي علائقي ۾ ھڪ صحافتي ادارو پريس ڪلب ڪڊڻ ٺاھيو ۽ ڪڍڻ جھڙي شھر ۾ صحافت جا فرض سرانجام ڏئي علائقي جا مسئلا اعلئ ايوانن تائين پھچايا، ھن صحافت ۾ پنھنجا ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا ۽ سٺا دوست ٺاھيا، لالا ھارون گوپانگ چيو ته زنده ھوندي به اھڙن ماڻھن جي ياد ڪرڻ اسان مٿان فرض آھي، اسان پنھنجن سڀني صحافي ساٿين ۽ نالي وارن اديبن شاعرن فنڪارن ۽ ليکڪن کي ھميشا ياد ڪرڻ لاء ايوان صحافت ۾ اھڙا ميڙاڪا ڪندا آھيون،ان کان اڳ سينئر صحافي پريس ڪلب ڪڊڻ جي صدر نالي واري صحافي خواجا ظفر حسين حيدري خطاب ڪندي چيو ته الهبچايو پارس ڪنڀار سينئر ۽ مخلص صحافي ھو جنھن اخبارن ذريعي ڪڍڻ جي عوام جي مسئلن لاء جاکوڙيندڙ رھيو،ھو زرد صحافت کان ھميشه پري رھيو،سينئر صحافي ايڇ يو جي مرڪزي اڳواڻ حاجي خالد محمود گھمڻ چيو ته الھ بچايو پارس سنجيده ء بھادر صحافي ھو ،جنھن ڪڍڻ پريس ڪلب جو بنياد وڌو ۽ غريب ماڻھن لاء ميدان تي بيھي دليري سان صحافت ڪئي، ايوان صحافت جي جنرل سيڪريٽري شفيع جوڻيجو چيو ته پارس واقعي پارس ھو جنھن غربت ھوندي به ڪڊڻ سميت بدين ضلع ۾ عوامي مسئلن لاء پنھنجي قلم ذريعي اعلئ ايوان تائين اواز پھچايو، تعزيتي ريفرنس کي، سردار خان ڀٽي، علي محمد شاھاڻي،سينئر صحافي عبدالله چانڊيو، مصطفا جمالي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اسماعيل پٺاڻ۽ ٻين پڻ الھبچايو پارس ڪنڀار جي شخصيت تي روشني وڌي، تعزيتي ميڙاڪي ۾ بدين ضلع جي سينئر صحافين اختر علي کوسو، نصرت حسين جعفري،رازق ڏنو کوسو،علي احمد ميمڻ، عبدالحميد خاصخيلي، محمد صديق ٿيٻو، مخدوم ابراھيم، پير علي مراد شاھ، بابوخير محمد کوسو، شاھنواز چاوڙو، امداد بلوچ، امتياز ڪورائي ۽ ٻين ڀرپور شرڪت ڪئي،

آيوان صحافت بدين جو نائب صدر سينئر صحافي محترم سردار خان ڀٽي صاحب پاران عمري جي سعادت ماڻڻ تي ايوان صحافت بدين جي صحافين...
25/09/2024

آيوان صحافت بدين جو نائب صدر سينئر صحافي محترم سردار خان ڀٽي صاحب پاران عمري جي سعادت ماڻڻ تي ايوان صحافت بدين جي صحافين جو ھڪ وفدصدر محترم لالا ھارون گوپانگ جي اڳواڻي ۾ گولاڙچي پھچي کيس اجرڪن جون سوکڙيون پيش ڪري کيس مبارڪون پيش ڪيون،

بدين،پيپلز پارٽي ضلع بدين جو انفارميشن سيڪريٽري فدا حسين منڌرو پيپلز پارٽي جي عھديدارن سان گڏ ارسا پاران سنڌو درياء تي 6...
24/09/2024

بدين،
پيپلز پارٽي ضلع بدين جو انفارميشن سيڪريٽري فدا حسين منڌرو پيپلز پارٽي جي عھديدارن سان گڏ ارسا پاران سنڌو درياء تي 6 نوان ڪينال ڪڊڻ خلاف ايوان صحافت بدين ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رھيو آھي،

بدين رپورٽر ايس يوپي ضلعي صدر پاران بااثر پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خلاف زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽  ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حرسان ڪرڻ  خلا...
23/09/2024

بدين رپورٽر ايس يوپي ضلعي صدر پاران بااثر پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خلاف زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حرسان ڪرڻ خلاف ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ پريس ڪانفرنس پيپلزپارٽي قيادت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

تفصيل موجب يونائيٽيڊ پارٽي ضلع بدين جي صدر سيد حيدر علي شاھ پنهنجي پارٽي ورڪرن سان گڏ ايوان صحافت پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ انعام شاھ سندس ئي هاري اشرف ملاح جي نياڻي اغوا ڪري کڻي ويو آهي جنهن تي کيس صدمو پهتو آهي جنهن جي غلط عمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ سان تعلق مڪمل ختم ڪري ڇڏيا آهن پر علائقي جي بااثر وڏيري پيپلزپارٽي ۾ تازو شامل ٿيندڙ حاجي شير جمالي منهنجي ڀاءُ جي غلط عمل مان فائدو وٺندي منهنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي منهنجي ذاتي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڪروڙين روپين جون ساريون ٽماٽا ۽ ٻيو فصل بيٺل آهي جنهن جون منهنجي مخالفن کان ڪوڙيون ايگريمينٽون ڪرائي ورتيون آهن ۽ مون تي ۽ منهنجي مقاتيدار تي ڪوڙي 365 بي جي ايف آر داخل ڪرائي مونکي ذهني طور مفلوج ڪري ڇڏيو آهي ۽ مونکي مارائڻ لاءِ ڪرائيدار ماڻهو ڇڏيا ويا آهن جيڪي مونکي مارڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن هن چيو ته حاجي شير جمالي منهنجي سموري زمين ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي مونکي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار حاجي شير جمالي ئي هوندو هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت کان مطالبو ڪيو ته سندس زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر وڏيري حاجي شير جمالي خلاف ڪارروائي. ڪري سندس معصوم ٻارڙن. ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کوسڪي جي صحافين جو ھڪ وفد ايوان صحافت بدين پھچي صدر لالا ھارون گوپانگ سان صحافين جي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي،
15/09/2024

کوسڪي جي صحافين جو ھڪ وفد ايوان صحافت بدين پھچي صدر لالا ھارون گوپانگ سان صحافين جي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي،

09/09/2024

بدين، رپورٽر
نندو شھر جي ڳوٺ الھرکيو ڀرڳڙي جي رھواسين جو نندو پوليس خلاف بدين ۾ آحتجاجي مظاھرو پوليس خلاف سخت نعري بازي، پيپلز پارٽي جي جيالي علي ڀرڳڙي علي شير، جميل احمد، مولابخش ڀرڳڙي پوڙھو ملاح ٻارڙن سميت ايوان صحافت بدين اڏو نندو پوليس جي ايس ايڇ او اصغر سٺيو اي ايس ائي ناٿو لنڊ موھن ڪولھي ۽ ٻين خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته اسان شريف ڳوٺاڻان اھيون نندو پوليس ويھن کان مٿي پوليس موبائلون کڻي رات جو اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري گھرن ۾ ڪاھي پئي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد اسان جي نياڻين کي حراسان ڪيو جڏھن ته گھرن مان ڪابه شئي نه ملڻ باوجود گھر ۾ موجوده ٻن شاگردن کي گرفتار ڪرڻ بعد اسان مٿان منشيات ۽ چورين جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا اھن ۽ پوليس يوريا ڀاڻ جي چوري جو بھانو بنائي اسان کي ڌمڪايو رھيا آھن،
ھنن اء جي سنڌ ڊي آئ جي حيدراباد ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او نندو اصغر سٺيو اي ايس آء ناٿو لنڊ، اي ايس اء موھن ڪولھي ۽ ٻين کي ھٽائي انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ايس ايس پي افيس اڏو سخت آحتجاج ڪنداسين،

بدين، رپورٽرنندو شھر جي ڳوٺ الھرکيو ڀرڳڙي جي رھواسين جو نندو پوليس خلاف بدين ۾ آحتجاجي مظاھرو پوليس خلاف سخت نعري بازي، ...
09/09/2024

بدين، رپورٽر
نندو شھر جي ڳوٺ الھرکيو ڀرڳڙي جي رھواسين جو نندو پوليس خلاف بدين ۾ آحتجاجي مظاھرو پوليس خلاف سخت نعري بازي، پيپلز پارٽي جي جيالي علي ڀرڳڙي علي شير، جميل احمد، مولابخش ڀرڳڙي پوڙھو ملاح ٻارڙن سميت ايوان صحافت بدين اڏو نندو پوليس جي ايس ايڇ او اصغر سٺيو اي ايس ائي ناٿو لنڊ موھن ڪولھي ۽ ٻين خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته اسان شريف ڳوٺاڻان اھيون نندو پوليس ويھن کان مٿي پوليس موبائلون کڻي رات جو اسان جي گھرن تي چڙھائي ڪري گھرن ۾ ڪاھي پئي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد اسان جي نياڻين کي حراسان ڪيو جڏھن ته گھرن مان ڪابه شئي نه ملڻ باوجود گھر ۾ موجوده ٻن شاگردن کي گرفتار ڪرڻ بعد اسان مٿان منشيات ۽ چورين جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا اھن ۽ پوليس يوريا ڀاڻ جي چوري جو بھانو بنائي اسان کي ڌمڪايو رھيا آھن،
ھنن اء جي سنڌ ڊي آئ جي حيدراباد ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او نندو اصغر سٺيو اي ايس آء ناٿو لنڊ، اي ايس اء موھن ڪولھي ۽ ٻين کي ھٽائي انڪوائري ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ايس ايس پي افيس اڏو سخت آحتجاج ڪنداسين،

بدين، رپورٽرڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي سول اسپتال بدين ۾ ٻارڙي کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏي...
05/09/2024

بدين، رپورٽر
ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي سول اسپتال بدين ۾ ٻارڙي کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي مهم جي افتتاح کانپوءِ پوليو بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ سول اسپتال بدين کان مين روڊ تائين ريلي پڻ ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي چيوته 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءُ واري قومي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ والدين، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ عام شهري گڏجي ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن کي ڄاڻ ڏين ته جئين هو پوليو ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪندي پنهنجي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين هن چيو ته ٻارڙا مستقبل جا معمار آهن هي ٻارڙا اسان جي مستقبل جو سهارو آهن اچو ته پنهنجي نسلن کي دائمي معذوري کان بچايون اچو ته اسان سب ملي ڪري پوليو خلاف جنگ ۾ پنهنجو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون آگاهي ريلي کان پوءِ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءُ واري قومي مهم جي ريڊينيس گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي زير صدارت ڪميٽي روم ۾ پڻ منعقد ڪئي وئي گڏجاڻي ۾ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر منظور ميمڻ تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليو مهم دوران پيدائش کان 5 سالن تائين جي 4 لک 25 ھزار 8 سو 24 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيوته 1232 موبائل ٽيمون، 102 فڪس سائيٽ، 73 ٽرانسٽ پوائنٽ ٽيمون ۽ 80 اي پي آئي سينٽر شامل آهن ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر انجم سومرو، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر منظور ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري احمد خان زنئور، ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بدين بي رضيه اڄڻ، ڊاڪٽر رجنيش، ڊاڪٽر ثناءاللہ، ڊاڪٽر ممتاز چانڊيو، سي سي او ساوڻ لطيف جوڻيجو سميت ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي

بدين، رپورٽربدين ۾ پوندڙ برساتن بعد شھر جي حالت انتھائي خراب صديق ڪنڀار محلا جا سوين شھرين روڊن تي نڪري ايا کوسڪي بدين م...
05/09/2024

بدين، رپورٽر
بدين ۾ پوندڙ برساتن بعد شھر جي حالت انتھائي خراب صديق ڪنڀار محلا جا سوين شھرين روڊن تي نڪري ايا کوسڪي بدين مين روڊ نادرا آفيس اڳيان ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ مڪمل بند ڪري سخت نعري بازي ڪئي، مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ فدا حسين مھراڻ پوٽو، پپو شيخ، ھدايت بليدي، استاد پرويز ۽ حسن کوسوچيو ته برساتي پاڻي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي ويو آهي گھريلو سامان سڀ خراب ٿي ويو آھي اسان گھرن تائين محدود آھيون سوين ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رھي اھي پر بدين انتظاميه ڪٿي به نظر نٿي اچي، ھنن رين ايمرجنسي فوڪل پرسن سيد ذولفقار شاھ، ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور صديق ڪنڀار محلا مان برساتي گندو پاڻي ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڏو آحتجاج ڪنداسين،

بدين، رپورٽربدين ۾ پوندڙ برساتن تباھي مچائي ڇڏي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو مڇرن سبب مختلف بيماريون پکڙجي ويون شھرن توڙي ٻھ...
05/09/2024

بدين، رپورٽر
بدين ۾ پوندڙ برساتن تباھي مچائي ڇڏي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو مڇرن سبب مختلف بيماريون پکڙجي ويون شھرن توڙي ٻھراڙين جي حالت خراب عوام روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور يونينن ڪائونسل عبدالله سومرو جا سوين ڳوٺاڻا تنگ ٿي چونڊيل نمائندن ۽ ضلع انتظاميه خلاف روڊن تي نڪري ايا بدين-ٿرڪول مين روڊ تي رڪاوٽون ڊينگھر رکي سخت نعري بازي ڪئي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ چونڊيل ڪائونسلر منصور سومرو، علي محمد سومرو، مبارڪ، خميسو، نور محمد ۽ ٻين چيو ته ھفتو اڳ پوندڙن برساتن وڏي تباھي مچائي آھي ذرعي زمينن سميت اسان جا گھر ٻڏي ويا آھن ۽برساتي پاڻي گھرن ۾ بيٺل آهي گندي پاڻي جي بيھڻ سان بيمارين منھن ڪڊيو آھي اسان مريضن کي اسپتالن تائين نٿا پھچان سگهون پر اسان کان ووٽ وٺندڙ چونڊيل نمائينده اڃان تائين گم آھن ۽ بدين انتظاميه جو ڪو به ماڻھون اسان وٽ ناھي ايو،
ھنن وزير اعلئ سنڌ مراد علي شاھ، رين ايمرجنسي فوڪل پرسن سيد ذولفقار شاھ، ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو ته يونين ڪائونسل عبدالله سومرو جي سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڊرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ٻيھر بدين ٿرپارڪر مين ٿرڪول روڊ مڪمل بند ڪري مسئلي جي حل تائين آحتجاج ڪنداسين،

Address

Shah Latif Road
Badin

Opening Hours

Monday 09:00 - 23:00
Tuesday 09:00 - 23:00
Wednesday 09:00 - 23:00
Thursday 09:00 - 23:00
Friday 09:00 - 23:00
Saturday 09:00 - 23:00
Sunday 09:00 - 23:00

Telephone

+92297862033

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awane Sahafat Badin posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share