Nijat Media cell Luari Sharif

Nijat Media cell Luari Sharif Nijat Media Cell ( Official )

11/09/2025

درگاهه عاليه لواري شريف جي موجوده سجاده نشين ۽ روحاني رھنما، روحاني رھبر حضرت قبلہ پير محمد حسن قادر صديقي نقشبندي مدظلہ العالي جن جي 54ھين جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڳوٺ انڊھلو ۾ جشنِ ولادت وڏي شان ۽ عقيدت سان ملھايو ويو.

07/09/2025

موجوده گادي نشين درگاه عاليه لواري شريف حضرت قبلا پير محمد حسن قادر المعروف پير حسن قادر قريشي صديقي نقشبندي جن جي 54ھين سالگره جي مرڪزي تقريب انڊھلو ۾ وڏي عقيدت احترام سان ملھائي وئي.

تاريخ: 06 سيپٽمبر 2025درگاهه عاليه لواري شريف جي موجوده سجاده نشين ۽ روحاني رھنما، روحاني رھبر حضرت قبلہ پير محمد حسن قا...
06/09/2025

تاريخ: 06 سيپٽمبر 2025

درگاهه عاليه لواري شريف جي موجوده سجاده نشين ۽ روحاني رھنما، روحاني رھبر حضرت قبلہ پير محمد حسن قادر صديقي نقشبندي مدظلہ العالي جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڳوٺ انڊھلو ۾ جشنِ ولادت وڏي شان ۽ عقيدت سان ملھايو ويو۔

روحاني محفل ۾ علما ڪرام، مشايخ عظام، نعت خواں، سماجي اڳواڻن، عقيدتمندن ۽ وڏي انگ ۾ مريدن ۽ عاشقانِ رسول ﷺ شرڪت ڪئي۔

پروگرام جو آغاز تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ٿيو، جنهن کان پوءِ سُهڻيون نعتون، منقبتون پيش ڪيا ويون۔ ذڪر ۽ درود پاڪ جي معطر صدائن سان ماحول نوراني بڻجي ويو، جڏهن ته دعا جي گهڙين ۾ هر دل عقيدت ۽ سڪون سان ڀرجي وئي۔

مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حضرت پير محمد حسن قادر صديقي نقشبندي مدظلہ العالي جي شخصيت هڪ اهڙو روشن مينار آهي، جتان عقيدت جا قافلا روشني ماڻي رهنمائي حاصل ڪن ٿا۔ پاڻ پنهنجي بزرگن، خاص طور حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان صديقي نقشبندي رحه جي روحاني روايتن جا سچا وارث آهن ۽ سندن وجودِ مسعود سان لواري شريف جي گلشن ۾ فيض جا سرچشما جاري آهن۔
بادشاه ڪريم ڪردار مان فقط صوفيانه اخلاص ۽ محبت ئي
نٿا جھلڪن، پر علم، خدمت ۽ روحاني فيضان جا رنگ به نمايان ٿين ٿا، سندن هٿ خدمتِ خلق ۾ هميشه رهنمائي لاءِ کليل آهن۔
سندن رهنمائي سان نوجوانن ۾ عشقِ رسول ﷺ، اخوت، اتحاد ۽ روحاني شعور جا چراغ روشن ٿي رهيا آهن۔ سائين جن جو فيض نه رڳو هڪ خطي تائين محدود آهي، پر دلين ۽ فڪر جي فضائن ۾ روشنيءَ وانگر پکڙيل آهي.

پروگرام جون سموريون ذميواريون نجات يونٽ لواري شريف، يونٽ انڊهلو ۽ يونٽ لال بخش نوتڪاڻي سنڀاليون، جڏهن ته سيڪيورٽيءَ جا خاص انتظام سنڌ پوليس جي جوانن پنهنجي ذميواريءَ سان نڀايا۔ مرشد ڪريم جي سالگره مبارڪ جي بابرڪت موقعي تي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ رات جي لنگر، صبح جي ناشتي ۽ رهائش جو پڻ خاص بندوبست ڪيو ويو،

ان روحاني محفل ۾ نجات يونٽ حيدرآباد، نجات يونٽ مھر فقير، نجات يونٽ ماٺيڻو فقير منڍ جمڙائو، نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد، نجات يونٽ بچل خاصخيلي، نجات يونٽ سائينداد جوڻيجو ڀيڄا فقير، نجات يونٽ پاتا ٿرپارڪر، نجات يونٽ عبدالله فقير انڙ چيل بند، يونٽ جھائنڙو ، نجات يونٽ ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو، نجات يونٽ لاڙڪاڻو، نجات يونٽ اشرف آباد، نجات يونٽ لال بخش نوتڪاڻي ۽ چيلھاڙ ڏٻرڇن، کڏڙو۔ سيتا روڊ ۽ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جماعت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
پروگرام جي اختتام تي درگاهه لواري شريف جي روحاني روايتن موجب ٻه قصائد پاڪ، دعا شريف گھري وئي

05/09/2025

درگاه لواري شريف جي موجوده گادي نشين حضرت قبلا پير محمد حسن قادر المعروف پير حسن قادر قريشي صديقي نقشبندي جن جي 54ھين سالگره جي مرڪزي تقريب انڊھلو ۾ وڏي جوش سان ملھائي پئي وڃي.

نجات يونٽ جهڏو مهر فقيرپريس سيڪريٽري: سليم مهرناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ مهر فقير جهڏو ۾ گڏجاڻي ناجيه جماعت درگاه لواري...
25/08/2025

نجات يونٽ جهڏو مهر فقير
پريس سيڪريٽري: سليم مهر

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ مهر فقير جهڏو ۾ گڏجاڻي
ناجيه جماعت درگاه لواري شريف جي مريدن ۽ نجات جي ميمبرز جي شرڪت
اتفاق راء سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا

صدر: غلام قادر عرف پپو مهر
نائب صدر: شاهنواز مهر
جنرل سيڪريٽري: زاهد علي
جوائنٽ سيڪريٽري: ممتاز علي
خزانچي: پير بخش
اطلاعات سيڪريٽري: ظفر علي
پريس سيڪريٽري: سليم مهر
آفيس سيڪريٽري: اڪرم مهر

چونڊيل عهديدارن کي ناجيه جماعت تنظيم نجات درگاه لواري شريف جي صدر منشاد گاڏاهي حلف کڻايو

گڏجاڻي جو اختتام دعا سان ڪيو ويو

پريس رليزتاريخ 24/08/2025پريس سيڪريٽري : اختر علي نجات يونٽ ماٺيڻو فقير منڍجمڙائو پاران اهم گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ م...
25/08/2025

پريس رليز
تاريخ 24/08/2025
پريس سيڪريٽري : اختر علي

نجات يونٽ ماٺيڻو فقير منڍجمڙائو پاران اهم گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ ميمبرن ۽ علائقي جي باشعور ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ گڏجاڻي جي شروعات تلاوت قران پاڪ ٻه قصائد پاڪ، دعا شريف ٿي، جنهن کان پوءِ مجلس شريف پڻ پڙهي ويئي۔

گڏجاڻي جي صدارت يونٽ ماٺيڻو فقير جي صدر حاجي خان وساڻ ڪئي
ان موقعي تي ڳالهائيندڙن طريقت پاڪ جي حقيقت ۽ اهميت تي تفصيلي گفتگو ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته طريقت انسان جي اندر ۾ اخلاص، ايمانداري ۽ سچائي پيدا ڪري ٿي، جيڪا نه صرف انفرادي زندگي کي سنواريندي آهي پر اجتماعي طور تي سماج ۾ به اخوت ۽ يڪجهتي پيدا ڪري ٿي

ان سلسلي ۾ تنظيم جي اهميت تي پڻ تفصيلي روشني وڌي ويئي ڳالهائيندڙن زور ڏنو ته تنظيم کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، ڇو ته هڪ منظم ۽ متحد قوت ئي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪري سگهي ٿي، هن موقعي تي مقررن اهو پڻ چيو ته هر ميمبر جو فرض آهي ته هو پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائي ۽ گڏيل عزم سان تنظيم کي اڳتي وڌائي
گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن اهو به اظهار ڪيو ته سماجي ۽ روحاني ڀلائي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ۽ يونٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀئي ميمبر پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، گڏجاڻي ۾ يونٽ مٺياڻو فقيرن جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد24 آگسٽ 2025پريس سيڪريٽري: بابو ظفرناجيہ جماعت تنظيم نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد جي گڏجاڻينجات جي ميم...
24/08/2025

نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد
24 آگسٽ 2025
پريس سيڪريٽري: بابو ظفر

ناجيہ جماعت تنظيم نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد جي گڏجاڻي
نجات جي ميمبرن ۽ ناجيه جماعت جي فقيرن شرڪت
ڪئي. جنهن ۾ اتفاق راء سان هيٺين باڊي جوڙي ويئي.
۽ مير طارق محمود ٽالپر کي نجات يونٽ ٽنڊو جان محمد جو سرپرست اعلا مقرر ڪيو ويو

صدر: محمد ڇٽل خاصخيلي

نائب صدر: محمد بخش.

جنرل سيڪريٽري: راشد اقبال.

جوائنٽ سيڪريٽري: رحيم پٽيل

خزانچي: رياض احمد.

آفيس سيڪريٽري: خالد احمد

پريس ترجمان: بابو ظفر.

اطلاعات سيڪريٽري: فرحان احمد

جنھن کي فقير منشاد احمد گاڏهي صدر نجات يونٽ لنواري شريف حلف کڻايو.
خصوصي شرڪت سانوڻ منظور جنرل سيڪريٽري يونٽ بچل خاصخيلي ۽ اعجاز احمد باگراڻي جوائنٽ سيڪريٽري يونٽ لنواري شريف ڪئي.

پريس ريليزاختر عليتاريخ: 20 آگسٽ 2025نجات يونٽ ڳوٺ ماٺيڻو فقير وساڻ ۾ عهديدارن جي حلف برداري تقريبناجيا جماعت تنظيم “نجا...
20/08/2025

پريس ريليز
اختر علي
تاريخ: 20 آگسٽ 2025

نجات يونٽ ڳوٺ ماٺيڻو فقير وساڻ ۾ عهديدارن جي حلف برداري تقريب

ناجيا جماعت تنظيم “نجات” درگاه لواري شريف پاران ڳوٺ ماٺيڻو وساڻ ۾ عهديدارن جي حلف برداري تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو ويو ۽ کين سندن ذميدارين بابت آگاهه ڪيو ويو.

صدر: حاجي خان وساڻ
نائب صدر: نيڪ محمد
جنرل سيڪريٽري: محمد ابراھیم
جوائنٽ سيڪريٽري: عبدالستار
خزانچي: محمد صادق
پريس سيڪريٽري: اختر علي
اطلاعات سيڪريٽري: عبدالحميد
آفيس سيڪريٽري: سکيو فقير وساڻ

چونڊيل عهديدارن کي درگاه لواري شريف جي موجودا گادي نشين حضرت پير محمد حسن قادر جي جنرل مينيجر مير طارق احمد ٽالپر حلف کڻايو
ناجيا جماعت جي معزز شخصيت محمد مٺل جوڻيجو خصوصي شرڪت ڪئي

ان کان علاوا تقريب ۾ مقامي برادري، بزرگن، نوجوانن ۽ معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران ناجيا جماعت جي مقصد، اتحاد، سماجي ڀلائي ۽ خدمت جي جذبي کي اجاگر ڪيو ويو.

تقريب جي پڄاڻي دعا سان ڪئي ويئي.

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ بچل خاصخيلي پاران ڳوٺ فقير الهداد جوڻيجو ۾ فڪري ۽ روحاني سلسلي جو ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو وي...
17/08/2025

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ بچل خاصخيلي پاران ڳوٺ فقير الهداد جوڻيجو ۾ فڪري ۽ روحاني سلسلي جو ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي علم دوست نوجوانن ۽ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ليڪچر دوران سانوڻ منظور خاصخيلي پنهنجي خطاب ۾ تصوف ۽ صوفي ازم جي تاريخي پسمنظر، فڪري اهميت ۽ موجوده دور ۾ ان جي عملي ضرورت تي تفصيل سان روشني وڌي. هن چيو ته تصوف صرف عبادت جو نالو نه آهي، پر اهو انسان جي اخلاقي، سماجي ۽ روحاني تربيت جو مڪمل دستور آهي، جيڪو محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿو.

پروگرام ۾ ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، وڏي دلچسپيءَ سان ليڪچر ٻڌندا رهيا. آخر ۾ سوال جواب جي نشست به رکي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پنهنجي سوالن وسيلي روحانيت ۽ صوفي فڪر بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي.

ان موقعي تي تنظيم جي اڳواڻن چيو ته اهڙن فڪري ۽ علمي پروگرامن ذريعي نه رڳو نوجوانن ۾ مثبت سوچ پيدا ٿئي ٿي، پر سماج ۾ رواداري ۽ انساني همدرديءَ جا جذبا به وڌن ٿا. انهن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ به اهڙيون ويجهيون گڏجاڻيون ۽ ليڪچر پروگرامن جو سلسلو جاري رکيو ويندو

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ سائينداد جوڻيجو ( ڀيڄا فقير ) تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻوناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ سائينداد جو...
15/08/2025

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ سائينداد جوڻيجو ( ڀيڄا فقير ) تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو

ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ سائينداد جوڻيجو تعلقه ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو ۾ هڪ اهم روحاني ۽ تنظيمي گڏجاڻي بروز جمع، شام جو 15 آگسٽ 2025ع تي انتهائي پرجوش ۽ پرعقيدت ماحول ۾ منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ يونٽ جي عهديدارن، ميمبرن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

روحانيت ڀري گڏجاڻي ۾ مھمان خاص طور طريقتي ڀاءُ سيد عبدالرحمان شاهه، موجوده گادي نشين دڙو شريف بوبڪ، خصوصي شرڪت ڪئي. سندن آمد سان گڏجاڻي ۾ نه رڳو روحاني رنگ نکارجي ويو، پر شرڪت ڪندڙن لاءِ به هڪ حوصلا افزائي جو سبب بڻيو.

اجلاس دوران خاص طور تي درگاهه عاليه لواري شريف جي روحاني تعليمات، فڪر ۽ ادبي روايتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مقررڪن پنهنجي تقريرن ۾ لواري شريف جي تاريخ تي ڳالھائيندي چيو ته لواري شريف فقط هڪ روحاني مرڪز ناهي، پر اهو هڪ فڪر ۽ تربيت جو گهوارو آهي، جتي ادب، خدمت، عاجزي ۽ اخلاص بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن ڳالهين کي نسل در نسل اڳتي وڌائڻ ئي تنظيم جو اصل مقصد آهي.

ادب جي اهميت بابت ڳالهائيندي مقررڪن چيو ته روحانيت ۾ سڀ کان پهريون درجو ادب جو آهي. ادب ۾ نظرن جي حيا، حڪمن جي پوري تعميل، بزرگن جي عزت ۽ هر وقت خدمت لاءِ تيار رهڻ شامل آهي. بي ادبي محرومي جو سبب بڻجي ٿي، جڏهن ته ادب ئي فيض جا در کولي ٿو ۽ مريد کي روحاني بلندي ڏانهن وٺي وڃي ٿو.

گڏجاڻي جو باقاعدي آغاز ڪلامِ الٰهي جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کان پوءِ مجلس شريف، قصائد پاڪ ۽ دعا شريف پڙهي وئي گڏجاڻي دوران روحانيت، محبت ۽ عقيدت جون فضائون ڇانيل رهيون، ۽ هر ڪو پنهنجي دل جي گهراين سان درگاهه لواري شريف جي فيض ۽ برڪتن لاءِ شڪرگذار رهيو.

لواري شريف جي صوفياڻي، روحاني فضا ۾ ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ لواري شريف جي معنوي گڏجاڻي ڪوٺائي وئيتاريخي ۽ روحاني ورث...
15/08/2025

لواري شريف جي صوفياڻي، روحاني فضا ۾ ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ لواري شريف جي معنوي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي

تاريخي ۽ روحاني ورثي سان مالا مال لواري شريف ۾ ناجيه جماعت تنظيم نجات يونٽ لواري شريف جو اھم اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ صوفياڻي فضا ۾ گڏ ٿيل شرڪت ڪندڙن محبت، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جي احساس سان عھديدارن، ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ، نبي پاڪ ﷺ تي درود وسلام سان ٿي، جنهن سان ماحول ۾ روحانيت ۽ سڪون جي خوشبو پکڙجي وئي. پروگرام ۾ نجات يونٽ لواري شريف جي اڳواڻن ۽ ميمبرن، علائقي ۾ سماجي ڀلائي، اخلاقي تربيت ۽ انسانيت جي خدمت بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا، جڏهن ته هڪٻئي سان همدلي ۽ سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو ويو.

گڏجاڻي ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته لواري شريف جو روحاني پيغام صرف ماضي تائين محدود نه آهي، پر اهو اڄ به سماج ۾ محبت، اتحاد ۽ امن جي واٽ روشن ڪري ٿو.

پروگرام جي پڄاڻي دعا شريف سان ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سلامتي، امت جي اتحاد، ۽ هر دل ۾ امن ۽ خيرسگالي جي جذبن لاءِ خصوصي التجائون ڪيون ويون.

14/08/2025

اسان پنھنجي روحاني رھبر مرشد ڪامل حضرت قبلا پير محمد حسن قادر قريشي صديقي نقشبندي موجوده گادي نشين درگاه لواري شريف جن کي ھن پرمسرت موقعي تي دل جي گھرائين سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا.

پاران : ناجيه جماعت تنظيم (نجات)




(Sajjada Nashin Dargah Luari Sharif, Badin)

Address

Luari Sharif
Badin
72200

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nijat Media cell Luari Sharif posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share