ڪڙيوگھنور: حادثو پنج زخمي. ھڪ جي حالت نازڪ، اسپتال منتقل.
10/01/2025
ڪڙيوگھنور نيوز اپڊيٽ
رپورٽ
ڪڙيوگھنور حادثي جو ھڪ زخمي لمس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي انتقال ڪري ويو.
ڪڙيوگھنور لڳ خاصخيلي آئل فيلڊ ڀرسان ڪڙيو ـ کورواھ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪولھي برادري جي ھڪ عورت، ھڪ نينگري سميت پنج ڄڻا زخمي ٿيا ھئا، جنهن ننگر پارڪر جي ڳوٺ اونڏير جو رھواسي ٽيڪم داس پٽ ڪستورو ڪولھي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب حالت نازڪ ھئي جيڪو لمس اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. باقي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.
09/01/2025
ڪڙيوگھنور: حادثو پنج ڄڻا زخمي. لمس اسپتال منتقل
18/12/2024
ڪڙيوگھنور سميت سموري سنڌ جي شھرن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياءَ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي.
18/12/2024
ڪڙيوگھنور ۾ بدامني، ڦورن مزاحمت تي نوجوان کي گوليون ھڻي زخمي ڪري وڌو، حيدرآباد اسپتال منتقل.
Be the first to know and let us send you an email when NPC Kario Ghanwar نیشنل پریس ڪلب ڪڙيو گھنور بدین posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.