Badin News

Badin News News

18/02/2025

سي ايم صاحب، پوليس کاتي ۾ نفري جي کوٽ باوجود ٽيسٽس پاس ڪندڙ 54 هزار اميدوارن کي ڀرتي ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ نوجوانن جي بيچيني ۽ سنڌ ۾ بدامني وڌي رهي آ، هي مسئلو فوري طور حل ڪرڻ کپي.

13/10/2024

جتي نياڻيون محفوظ ناھين اتي جي رياست کان ب اسان کي نفرت آھي

13/10/2024

اسلام جي ٺيڪيدارن ۾ نياڻن جي تزليل تي خوشي جي لھر ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھي ويچارا محمد بن قاسم جو چٽو ثبوت آهن

ايس ايڇ او ماتلي غلام حيدر پنهور جي بهترين ڪاروائي ماتلي ضلعي بدين ۽ ٻئين شهرن ۾ 2 نمبر سگريٽ جي فروخت ۾ ملوث 3 جوابدار ...
19/08/2024

ايس ايڇ او ماتلي غلام حيدر پنهور جي بهترين ڪاروائي ماتلي ضلعي بدين ۽ ٻئين شهرن ۾ 2 نمبر سگريٽ جي فروخت ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا ماتلي پوليس گودامن ۾ لڪايل 2 نمبر سگريٽ جا 4 ڪارٽون هٿ ڪري جوابدارن جي خلاف ايف ائي ار داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 2 جوابدار ماتلي علي رضا ڪمبوه ۽ ذوهيب ڪمبوه ماتلي جا رهائشي ۽ 3 جوابدار عبدالسلام ميمڻ گولارچي جو رهائشي ٻڌايو پيو وڃي

بدين انڊس اسپتال وارا غريبن کي ريفر ليٽر ڏيڻ کان پوء اسپتال ۾ ڇڪو داڻي راند ڪري رھيـا آھن
19/08/2024

بدين انڊس اسپتال وارا غريبن کي ريفر ليٽر ڏيڻ کان پوء اسپتال ۾ ڇڪو داڻي راند ڪري رھيـا آھن

سڄي سنڌ جي رهواسين لاءِ خوشخبري  جيڪي ماڻهو پنهنجي يوسي چيئرمين ڪائونسلر کان تنگ آهن اهي ڪم نٿا ڪن چيئرمين پاران جواب نه...
19/08/2024

سڄي سنڌ جي رهواسين لاءِ خوشخبري
جيڪي ماڻهو پنهنجي يوسي چيئرمين ڪائونسلر کان تنگ آهن اهي ڪم نٿا ڪن چيئرمين پاران جواب نه ملڻ سبب هو پريشان آهن ۽ اهو فنڊ به نظر نه پيو اچي جنهن تي علائقي جي ماڻهن جو حق آهي ته يوسي جي ماڻهن جو ڪو به حق ناهي ان لاءِ هڪ درخواست تيار ڪئي وئي آهي ته درخواست گذار پنهنجو ڊيٽا داخل ڪري پنهنجي ضلعي جي اينٽي ڪرپشن آفيس ۽ اينٽي ڪرپشن سان رابطو ڪري -پاڪستان يوسي ۾ ڪم نه ڪندڙ يوسي چيئرمين خلاف پاڻ قانوني ڪارروائي ڪندو.

19/08/2024

اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، بدين تاريخ 17 آگسٽ 2024ع
هينڊ آئوٽ
بدين ( ) ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي جي زير صدارت ڪميٽي روم ۾ ايجوڪيشن ورڪس سان لاڳاپيل ايم اينڊ آر جي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين لاڳاپيل تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اسڪولن جي مرمتي ڪمن دوران اوچتا دورا ڪندا رهن، هن ايجوڪيشن ورڪس جي انجنيئرن کي پڻ هدايتون ڏيندي چيو ته مرمتي ڪم ۾ اعليٰ قوالٽي جو مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙا محفوظ رهن هن وڌيڪ چيو ته هو پاڻ زيرتعمير ۽ مرمتي ڪمن جا اوچتا دورا پڻ ڪندو ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نظر آئي ته انهي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس رياض احمد شيخ ٻڌايو ته ضلعي جي 19 اسڪولن ۾ مرمتي ڪم لاءِ پروپوزل ٺاهيو آهي فنڊ ملندي ئي ڪم شروع ٿي ويندو هن چيو ته فنڊز جي کوٽ سبب زيرتعمير ۽ مرمتي ڪم اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ رڪيل آهن گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري احمد خان زنئور جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري عائشہ ڀٽي، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عارف حسين ميراڻي، چيف مانيٽرنگ آفيسر نثار علي شاهه، ضلعي جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي

تعلیم کاتي سنڌ ۾ انتظامي پوسٽون گهٽائڻ جو فيصلو، وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه منظوري ڏئي ڇڏي.فيصلي تحت ڊائريڪٽرز جون ست DE...
19/08/2024

تعلیم کاتي سنڌ ۾ انتظامي پوسٽون گهٽائڻ جو فيصلو، وزيراعلي سنڌ مراد علي شاهه منظوري ڏئي ڇڏي.
فيصلي تحت ڊائريڪٽرز جون ست DEOs جون 90 ۽ TEOs جون 442 پوسٽون ختم ٿي وينديون.
ضلعي ليول تي هاڻي هڪ ڊائريڪٽر هڪ ڊي اي او ۽ هڪ ٽي اي او مقرر ٿيندو.

07/08/2024

بدين رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ۽ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي جي مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن سان اھم گڏجاڻي - رين ايمرجنسي دوران ماڻهن کي ھر ممڪن سھائتا فراهم ڪرڻ لاءِ ھدايتون جاري.
رپورٽ :
شاد الطاف ميمڻ
پرھ نيوز سنڌ

ضلعي بدين جي ھوشيار ۽ ضرورتمند غريب شاگردن جي لاء (مڪتب ) منظور احمد چانڊيو ٽرسٽ بدين جي طرفان ڪلاس يارھين جي لاء اسڪالر...
07/08/2024

ضلعي بدين جي ھوشيار ۽ ضرورتمند غريب شاگردن جي لاء (مڪتب ) منظور احمد چانڊيو ٽرسٽ بدين جي طرفان ڪلاس يارھين جي لاء اسڪالر شپ جو بھترين موقعو
اپليڪيشن فارم (پيراگن اڪيڊمي بدين )
( روٽس اڪيڊمي بدين )
تي جمع ڪرائي سگھجن ٿا
درخواست فارم ھن پوسٽ سان گڏ شامل اھي
فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ خميس 08 آگسٽ انٽرويو ڇنڇر 10 آگسٽ ڪواليفائنگ ٽيسٽ ڇنڇر 17 آگسٽ ۽ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن جي فھرست ڇنڇر 24 آگسٽ تي جاري ڪئي
ھوشيار ۽ ضرورتمند شاگرد ھن قيمتي موقعي مان ضرور فائدو وٺن

06/08/2024

فيڊريشن آف خواجه جماعت بدين پاران جي ڊي اي ۽ مرزا گروپ جي متحرڪ اڳواڻن دلبر سنڌي ۽ فيصل چيما سان ملاقات لاء لاڙڪاڻو مان واپسي تي 13 بدين واسين کي مبينا گم ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس - صاف شفاف انڪوائري ۽ مبينا گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو.
رپورٽ :
شاد الطاف ميمڻ
پرھ نيوز سنڌ

Address

Village Yousif Soomro Near Khoski Road Badin
Badin

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Badin News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share