The Bakrani News

The Bakrani News ھر خبر تي نظر

28/10/2025

لاڙڪاڻو بقاپور چوڪيءَ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل چوڪيءَ انچارج مشتاق تنيو جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪئي وئي شهيد کي سلامي پڻ ڏني وئي....
Www.Facebook.com/ThebakraniNews

27/10/2025

باقراڻي (رپورٽ محرم ڪنڀر)
خير محمد آريجا جي الياس پور شيخ محله م قائم گروونگ ونگس فائونڊيشن ڪوچنگ سينٽر جي انتظاميا طرفان 3ين اينيورسري (سالگره) تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ تعليمي ماهرن سياسي سماجي اڳواڻن ٽائون چيئرمين ۽ صحافين سميت استادن شاگردن توڙي والدين سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪيڪ ڪاٽيو ويو
Www.Facebook.com/ThebakraniNews

27/10/2025

باقراڻي لڳ ڳوٺ علي آباد واسي نينگر شمن علي ولد همٿ علي انڙ
ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم وارث پريشان سندس جي ڳولها ڪرڻ باوجود ڪو به پتو نه پئجي سگهيو سندس جي وارثن پاران نينگر جي ڳولها ڪرڻ ۾ مدد جي اپيل
03297018207
Www.Facebook.com/ThebakraniNews

26/10/2025

"جيڪو ٻين لاءِ جيئندو آهي، اهو ڪڏهن مري نٿو سگهي۔"
باقراڻي: نياڻي جي ڏاج لاءِ هنجون هاريندڙ پيرسن جي مالڪي ٿي وئي، سندس جي چهري تي مرڪ تري آئي
Www.Facebook.com/ThebakraniNews
#انسانیت














انسانيت
























Requested by Page Members.....🌟 عوامي اپيل: محترم طارق انور سيال صاحب ۽ شاهه رُخ انور سيال صاحب جي خدمت ۾ دل جي گهراين س...
24/10/2025

Requested by Page Members.....
🌟 عوامي اپيل: محترم طارق انور سيال صاحب ۽ شاهه رُخ انور سيال صاحب جي خدمت ۾ دل جي گهراين سان عرض! 🌟

اڄ به اسان جا سادا، غريب پر غيرتمند ماڻهو ڳوٺ دولت کوکر جا بغير سوئي گئس جي عذاب ڀوڳي رهيا آهن۔
جڏهن ته اسان جي ڀر وارن علائقن ۾ زندگي جون سهولتون دستياب آهن:

🔹 فريدآباد ۾ سوئي گئس موجود آهي، جيڪو رڳو هڪ ڪلوميٽر پري آهي۔
🔹 مڏ باهو ۾ به گئس جي سهولت آهي، جيڪو رڳو هڪ ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي۔
🔹 باقراني ۾ ته گئس جو دٻاءُ به بهترين آهي، ۽ اهو ته ٻه ڪلوميٽر پري آهي۔

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن سڀني ڳوٺن جي وچ ۾ رهندڙ ڳوٺ دولت کوکر اڄ به پويان دور ۾ ڦاٿل آهي۔
اسان جون مائون، ڀينرون ۽ معصوم ٻارڙا لکين تڪليفون سهن ٿا۔
ڪاٺيون، ڇلريون ۽ ڪچرو ساڙي چلهيون ٻاريون وڃن ٿيون،
۽ جڏهن برسات وسندي آهي، ته رڌ پچاءُ هڪ عذاب بڻجي ويندو آهي۔

برسات ۾ مٽي، پاڻي ۽ تڪليف جو ميل،
۽ اسان جي ڀينرن جي اکين مان نڪرندڙ اوکائيءَ جا ڳوڙها،
سندس ئي گواهي ڏين ٿا ته زندگي ڪيتري ڏکي ٿي وڃي ٿي۔

اسان کي ڪا سهولت نه، ڪو آسرو نه۔
جڏهن ته صرف هڪ پائيپ وڌائڻ سان سڄي ڳوٺ جي زندگي بدلجي سگهي ٿي۔

---

💐 محترم طارق انور سيال صاحب ۽ شاهه رُخ انور سيال صاحب 💐

توهان ٻنهي جو نالو ئي انسانيت، خدمت ۽ سماجي بهتريءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي۔
توهان جهڙا سوشل ورڪر، عوام دوست ۽ درد دل رکندڙ اڳواڻ ئي آهن،
جيڪي ماڻهن جي تڪليف محسوس ڪري عملي قدم کڻن ٿا۔

اسين ڄاڻون ٿا ته توهان جا ڪم، توهان جون خدمتون ۽ توهان جي ڪوششن جا مثال سموري ، لاڙڪاڻو ۽ سڄي سنڌ ۾ ڏنا وڃن ٿا۔
اسان کي پوري اميد آهي ته جيئن توهان ٻين علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا،
تيئن ئي توهان ڳوٺ دولت کوکر جي ماڻهن کي به هن سوئي گئس واري تڪليف مان آزاد ڪندؤ۔

---

🔥 عوامي مطالبو:
تڪڙو قدم کنيو وڃي، ۽ ڳوٺ دولت کوکر تائين سوئي گئس جو سلسلو وڌايو وڃي۔
هي رڳو هڪ سهولت نه، پر اسان جي مائن، ڀينرن ۽ ٻارن جي عزت ۽ زندگيءَ سان جڙيل معاملو آهي۔

📢 سڀ دوستن کي گذارش:
هي پوسٽ وڌ کان وڌ شيئر ڪيو،
جيئن اسان جي هي صدا بااختيار دروازن تائين پهچي، ۽ سچ ۾ تبديلي اچي۔

باقراڻي رپورٽ محرم ڪنڀر خير محمد آريجا بوائز هائي اسڪول جو استاد شفقت حسين هليو تعليم کاتي کي پنهنجي زندگيءَ جي جي سال ڏ...
24/10/2025

باقراڻي رپورٽ محرم ڪنڀر
خير محمد آريجا بوائز هائي اسڪول جو استاد شفقت حسين هليو تعليم کاتي کي پنهنجي زندگيءَ جي جي سال ڏئي شاگردن کي تعليم جي زيور سان سنواريندي رٽائرڊ ٿي ويو جنهن کي اسڪول جي استادن ۽ هيڊ ماستر گلن جا هار پارائي کيس الوداع ڪيو ويو.
رپورٽ موجب خير محمد آريجا بوائز هائي اسڪول جو سينيئر استاد شفقت حسين هليو خير محمد آريجا بوائز هائي اسڪول ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 33 سال خير محمد آريجا ۾ شاگردن کي تعليم ڏيندي اڄ رٽائرڊ ٿي ويو
جڏهن ته رٽائرڊ استاد شفقت حسين هليو جي مان ۾ اسڪول انتظاميا سندس جي مان ۾ شاندار الوداعي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر ديدار علي مگسي ايف اي اعجاز علي هليو ذوالفقار علي ميراڻي خادم حسين مڱريو سيد شفيق شاھ محمد رمضان ڪلهوڙو مظهر علي هليو عارف لاهوري آفتاب کوھارو رضوان ميمڻ فياض مڱريو سراج شيخ شفيع محمد تونيو سليم آريجو توفيق آريجو مصور ميمڻ سميت اسڪول عملي شرڪت ڪئي ان موقعي تي سمورن استادن رٽائرڊ ٿيندڙ استاد کي گلن جا هار پارائي کيس پنهنجي دعائن سان الوداع ڪيو ويو تقريب ۾ هيڊ ماستر ديدار علي مگسي اعجاز هليو ذوالفقار علي ۽ ٻين چين ته استاد شفقت حسين هليو هڪ بهترين ۽ محنتي استاد هو جنهن پنهنجي تعليم جي زيور سان ڪيترن ئي شاگردن کي علم ڏنو ۽ سندس جي ڪاوشن سان اسڪول جو نالو روشن ٿيو.. ان موقعي تي رٽائرڊ ٿيندڙ استاد شفقت حسين هليو اسڪول هيڊ ماستر سميت سموري عملي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته مونکي اڄ فخر آهي ته مان جوائننگ ڪرڻ کان وٺي اڄ تائين خير محمد آريجا بوائز هائي اسڪول ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 33 سال گذاريا ۽ ان دوران مون شاگردن ۽ استادن سان پيار محبت سان رهيم آئون شڪرگذار آهيان سڀني آيل مهمانن ۽ دوستن جو جن مونکي مان ڏيندي هي تقريب ڪوٺائي

23/10/2025

باقراڻي رپورٽ محرم ڪنڀر
باقراڻي تعلقي ۾ سارين جو فصل لهڻ شروع ٿي ويو ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب باقراڻي تعلقي جي سمورن شهرن توڙي ڳوٺن باقراڻي خير محمد آريجا مڏباھو پٺاڻ ڳيريلو رشيد وڳڻ مهر وڏا نائچ پراڻو آباد دولت کوکر ڪنبي چنه اوٺا دريا خان ابڙو فريد آباد ۽ ٻين ڳوٺن توڙي شهرن ۾ سارين جو فصل پچي راس ٿي ويو سارين جي سٽ ڪٽ پڻ جاري آهي جڏهن ته سارين جو في مڻ جو اگهه کليل مارڪيٽ ۾ 17 کان 18 سو روپيا ۾ واپاري خريد ڪري رهيا آهن جيڪو اگهه تمام گهٽ آهي ۽ واپارين جي هڪ هٽي ٻيگهي متل آهي، جڏهن ته واپارين طرفان ساريون گهٽ اگهه ۾ خريد ڪرڻ تي واپارين جا جاواه بڻيل آهن ۽ آبادگار توڙي هاري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هوڏانهن ان سلسلي ۾ باقراڻي خير محمد آريجا جي آبادگار ۽ هارين انور علي آريجو ڪمدار ذوالفقار علي آريجو غلام رسول ڪنڀر وڏيرو خدا بخش آريجو حاجي ڪفايت علي ڪلهوڙو ذوالفقار علي ابڙو برڪت علي جتوئي سليم ڪنڀر صدام عرف ڏاڏو آريجو منظور شيخ وحيد آريجو رحمان آريجو حاڪم آريجو خالد آريجو الفت ڪنڀر علي رضا ابڙوماجد علي چنه شاهد ناز تونيو ۽ ٻين سارين جو اگهه گهٽ ملڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي آبادگار ۽ هارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس آهي جو هڪ طرف منهگائي چوٽ چڙهيل آهي ۽ اسان ڪارو ڀاڻ 15 هزار ۽ اڇو 5 هزار ۾ خريد ڪيو آهي جيڪو تمام گهڻو مهانگو آهي ۽ هيئنر اسان جي ٻچڙن جي روزي سارين جو فصل تيار ٿيل مارڪيٽ پهتو آهي واپاري پنهنجا من پسند ريٽ مقرر ڪيون ويٺا آهن جيڪو سراسر زيادتي ظلم ناانصافي آهي ان موقعي تي هنن حڪومت سنڌ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف علي زرداري ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا سارين جي گهٽ جو نوٽيس وٺي سارين جو في مڻ 3 هزار اگهه مقرر ڪري پريشاني دور ڪئي وڃي

23/10/2025

قراڻي (رپورٽ محرم ڪنڀر)
باقراڻي تعلقي ۾ سارين جو فصل لهي تيار ٿي ويو سٽ ڪٽ شروع ساريون کليل مارڪيٽ ۾ پهچي ويون سارين جو اگهه 17 کان 18 سو مقرر واپارين جا جاواه پورهيت هاري توڙي آبادگار پريشان حڪومت ۽ انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو نه ئي سرڪاري اگهه مقرر ڪيو اگهه گهٽ هئڻ سبب آبادگارن توڙي هارين جو احتجاج نوٽيس وٺي سارين جو اگهه 3هزار روپيا في مڻ ڪرڻ جو مطالبو

23/10/2025

پٽن جو اولاد نه آهي
نياڻي جي ڏياج ۾ مدد ڪيو
ڳيريلو واسي پيرسن ارباب علي ماڇي جي وس وارن الله جي ٻانهن کان اپيل
03331330436 Whatsapp (Only)
Easypaisa 03431996138

Send a message to learn more

22/10/2025

شڪارپور جتي ڏھن ڏھن خونن جا جوابدار ڌاڙيل وڏي شان شوڪت سان ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس پھتا
پنھجو پاڻ کي قانون حوالي ڪرڻ
تيغاڻي ۽ سبزوئي گينگ جي 60 کان وڌيڪ ڌاڙيلن پاران سرينڊر ڪيو پيو وڃي
تيغاڻي گينگ جي سرينڊر ڪندڙن م ........سونارو تيغاڻي نورحسن تيغاڻي ، سکيو تيغاڻي ، علي گل تيغاڻي ، نواب تيغاڻي، ھوندو تيغا ي، رند تيغاڻي، جمعو تيغاڻي ، ميرل تيغاڻي نياز تيغاڻي ، جيئندو تيغاڻي ، اڪبر تيغاڻي، عبدالرحمان تيغاڻي ، يعقوب تيغاڻي، عطاء الله تيغاڻي، ملان عرف واحد تيغاڻي ، گاجي تيغاڻي ، گلزار تيغاڻي ، گل تيغاڻي ، نظر تيغاڻي عالم تيغاڻي ، حاڪم تيغاڻي ملگزار تيغاڻي ، بروھي تيغاڻي ، علي بخش تيغاڻي ، غلام حيدر تيغاڻي ، قابل تيغاڻي ، نورالدين تيغاڻي ۽ ٻيا شامل
سبزوئي گينگ جي سرينڊر ڪندڙن م مک گينگ ليڊر نثار سبزوئي، اڪبر سبزوئي ، سراج سبزوئي ۽ ٻيا شامل ،
ھوم منسٽر ضياءُ لنجار.... آء جي سنڌ غلام نبيءَ ميمڻ..پ پ ايم پي اي امتياز شيخ ۽ شڪارپور جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي تقريب ۾ شامل......
60/50/40/30
لک جا انعام يافتہ ڌاڙيل ھوم منسٽر آء جي آڏو گرفتاريءَ وڏي پروٽوڪول شان شوڪت سان ڏئي جيل ويندا آتي وري وڃي وڏيرا شاهي ڪندا ڌاڙيل فيڪٽر ختم ٿيڻو ھي ن آھي

22/10/2025

شڪارپور ۾ تقريب، 50 کان وڌيڪ انعام يافته ڌاڙيل پوليس وٽ پيش شڪارپور ڪچي جا بدنام ڌاڙيل هٿيار ڦِٽو ڪري پوليس لائين ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ پهچي ويا.


゚viralfbreelsfypシ゚viral

Address

Bakrani
77110

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Bakrani News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share