Bhan News Update

Bhan News Update Bhan News Update

سنڌ ميمڻ اتحاد ضلعي ڄامشوري لاء نون عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو،سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه شرجيل انعام ميمڻ  ۽ مرڪزي سيڪريٽ...
02/08/2025

سنڌ ميمڻ اتحاد ضلعي ڄامشوري لاء نون عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو،سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراه شرجيل انعام ميمڻ ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل سجاد امداد ميمڻ جي منظوري سان نون عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب ضلعي ڄامشوري لاء صدر ايڊوڪيٽ نويد ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو، عاشق حسين ميمڻ کي جنرل سيڪريٽري ۽ گل محمد ميمڻ کي انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. آصف علي ميمڻ کي سينيئر نائب صدر، فياض ميمڻ کي نائب صدر ۽ سليم ميمڻ کي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ نئين مقرر ٿيل صدر ايڊوڪيٽ نويد ميمڻ چيو تہ سنڌ ميمڻ اتحاد کي ضلعي ڄامشوري اندر مضبوط بڻائڻ لاء جاکوڙينداسين، جلد ضلعي اندر سنڌ ميمڻ اتحاد جو ڪنويشن گهرائي ميمڻ برادري جي ماڻهن سان ملاقات ڪري مسئلن جي حل لاء ڪوششون وٺنداسين، سنڌ ميمڻ اتحاد ضلعي ڄامشوري جي سمورن تعلقن ۾ عهديدارن جي چونڊ جلد ڪندو جنهن ۾ چئني تعلقن مان عهديدار کنيا ويندا. هن ضلعي اندر سموري ميمڻ برادري کي متحد ٿيڻ جي اپيل ڪندي چيو تہ سموري ميمڻ برادري هڪ پليٽ فارم تي متحد ٿئي جيئن برادري جا مسئلا حل ٿي سگهن.

29/04/2025

ڀان سيدآباد ۾ صحافي عبدالڪريم جمالي تي پوليس جو تشدد، واقعي خلاف صحافين جو احتجاج، انصاف جي گهر.
ٽائيم نيوز تي هليل بريڪنگ نيوز.

29/04/2025

ڀان سيدآباد ۾ صحافي عبدالڪريم جمالي تي پوليس جو تشدد، واقعي خلاف صحافين جو احتجاج، انصاف جي گهر.
آواز نيوز تي هليل خبر.

28/04/2025

ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي پاران ڪئنالن خلاف درياء خان لغاري، علي اصغر سولنگي، سهيل ٻرڙو، علي اصغر شاهاڻي، ڪامريڊ امير بخش خشڪ، غلام شبير ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هڻندي وفاقي سرڪار کان گهر ڪئي وئي تہ ڪئنالن جي رد ٿيڻ جو نوٽيفيڪيشن فوري طور تي جاري ڪيو وڃي.

28/04/2025

بوبڪ ۾ قتل ٿيل قاسم کوسو جي قتل ڪيس ۾ نامزد 3 ڄڻا گرفتار، ايس ايڇ او سيوهڻ ذوالفقار اوڍاڻو جي سربراهي ۾ پوليس ڪاروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

آواز نيوز تي هليل خبر.
رپورٽ: آصف علي ميمڻ.

Address

Press Club Bhan
Bhan
076170

Telephone

+923000860037

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Bhan News Update posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Bhan News Update:

Share