06/08/2026
ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، تيز رفتار ڪوچ موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، 3 نوجوان فوت
ڪنڊيارو (رپورٽ): ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي پيش آيل هڪ دل ڏاريندڙ ٽريفڪ حادثي ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد مٿس چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٽي نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
فوتين جي سڃاڻپ رستم پٽ ذاڪر علي مڱريو، مختيار پٽ عبدالستار مڱريو ۽ نسيم پٽ حسن طور ٿي آهي، جيڪي ڳوٺ لال بخش مڱريو جا رهواسي هئا.
حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا.
حادثي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. اطلاع ملڻ تي ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه پڻ اسپتال ۽ واقعي واري هنڌ پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ حادثي بابت تفصيل معلوم ڪيا.
پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته حادثي ۾ ملوث مسافر ڪوچ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ڊرائيور واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
#ڪنڊيارو #حادثو #سندھ #ڪاوش