07/03/2026
ڳوٺ رتن جي تڙ ۾ راهمان برادري تي ٿيل ظلم خلاف احتجاج
ڳوٺ رتن جي تڙ ۾ راهمان برادري جي بيگناهه ماڻهن، خاص طور عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سميجا برادري جي ڪجهه ماڻهن طرفان ٿيل ظلم ۽ تشدد انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي۔ اهڙي غيرانساني رويي نه رڳو متاثر خاندانن کي تڪليف پهچائي آهي پر سڄي سماج لاءِ به هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪئي آهي۔
ان ظلم ۽ زيادتي خلاف اڄ ڏهين مارچ 12:00 وڳي ڏينهن ڇاڇرو پريس ڪلب اڳيان پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي۔ علائقي جي سڀني باشعور ماڻهن، نوجوانن، سماجي ڪارڪنن ۽ حق پسند ماڻهن کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته هو انسانيت جي ناتي وڌ کان وڌ شرڪت ڪري مظلوم خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن۔
احتجاج دوران ملزمان جي فوري گرفتاري ۽ متاثر ماڻهن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ڌرڻو پڻ هنيو ويندو، جيڪو ان وقت تائين جاري رکيو ويندو جيستائين ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وڃي۔
اچو ته گڏجي ظلم، زيادتي ۽ ناانصافي خلاف آواز بلند ڪريون، جيئن مظلومن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي۔
مظلومن جو ساٿ ڏيو، انصاف لاءِ آواز بلند ڪريو