Plus News Dadu

Plus News Dadu Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Plus News Dadu, Media/News Company, Dadu City, Dadu.

04/09/2026

بريڪنگ نيوز
دادو ( رپورٽ) دادو ويجھو موندر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ يختيار شاھاڻي جي رھواسي محمد عرس شاھاڻي اظھر حسين شاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيون ته اسان جا 2024 ۾ پراڻا معاملا ھئا انھي تي سردار چاڪر خان شاھاڻي سردار تيعغو خان تيغاڻي سردار معظم خان عباسي قرآن پاڪ تي فيصلو ڪيو ھو ۽ کير کنڊ ٿي ويا ھئاسين

دادو : ھنن چيو ته 5 آگسٽ تي اسان جا 3 نوجوان خادم حسين شاھاڻي سندس ڀاء ربنواز شاھاڻي ۽ ڀاڻج مظفر حسين شاھاڻي کي مخالف ڌر ٻيلو شاھاڻي ھاشم صدام مجن فدا شاھاڻي قتل ڪيو ھو جيڪي جوابدار ايف آء آر ۾ ڄاڻايل آھن

دادو : ھنن چيو ته جيڪو پوليس کي لاش ھٿ آيو آھي اسان جو انھي معاملي سان ڪو به واسطو وغيره نه آھي

دادو : ھنن چيو ته ٻيلو شاھاڻي اسان جي ڌر مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري مختلف قسمن جا حربا ھلائي ڊراما ڪري رھيو آھي

دادو : ھنن چيو ته ٻيلو شاھاڻي 3 قتل ڪيسن ۾ گھربل آھي جيڪو پاڻ کي بچائڻ خاطر ڊرامو ڪري رھيو آھي

دادو : ھنن ايس ايس پي دادو ڪئپٽين رٽائر صدام حسين خاصخيلي ۽ ڊي ايس پي سٽي اڪبر علي چنا کان مطالبو ٿا ڪريون ته صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي جيڪو لاش پوليس کي ھٿ آيو آھي انھي سان اسان جو ڪو به واسطو وغيره نه آھي

14/07/2026

ھي واٺو جيڪو پير ھائوس جو چمچو آھي ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ھوندي به ميونسپل عملي سان صفايون ڪرائيندو آھي
پريس ڪلب اڳيان آء بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار احتجاج ڪري رھيا ھئا ته ھي پنھنجن جو ماري ڄاڻي واڻي ڪيمرا جي اڳيان بيھي انھن جي ڪوريج کي روڪي رھيو آھي جڏھن ته ھو ٻين ورڪرن کي اکيون ھڻي رھيو آھي ته مان ھي ڀلو ڪم ڪري رھيو آھيان
جيئن مير اندر جعفر ڪردار ادا ڪيو ھيو
دوستن کي عرض آھي ته پوسٽ کي شيئر ڪرڻ ۾ مدد ڪندا

11/07/2026

معذور ماڻهن ۾ ويلچيئر ورهائڻ واري تقريب بدانتظامي جو شڪار، ڊگهي تقريرن تي سخت جملن جي ڏي وٺ،

معذور ماڻهن ۾ ويلچيئر ورهائڻ لاءِ ڪوٺايل تقريب انتظامي نااهلي سبب بدنظمي جو شڪار بڻجي وئي. منجهند هڪ وڳي کان سخت گرمي ۽ اٻس واري صورتحال ۾ پير مجيب الحق جي انتظار ۾ ويٺل معذور ماڻهن ۽ سماجي ماڻهن جو صبر آخرڪار جواب ڏئي ويو، سٺن ماڻهن جي خوشامند ڪرڻ هار اجرڪ ڊگهيون تقريرون شروع ٿيون ته منجهند جو هڪ وڳي کان سخت گرمي ۾ انتظار ڪندڙ معذور ماڻهن ۽ سماجي ڪارڪنن ڊگهيون تقريرون ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته معذور ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سخت گرمي ۾ اڃ بک تي انتظار ڪرائڻ باوجود تقريرن جو سلسلو جاري رکڻ سندن تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ برابر آهي.

شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مستقبل ۾ اهڙين تقريبن ۾ رسمي تقريرن بدران معذور ماڻهن جي سهولت ۽ عزتِ نفس کي اوليت ڏني وڃي.

06/07/2026

دادو: قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ممتاز ڪلهوڙو رشوت عيوض آزاد ٿيڻ جو انڪشاف

دادو: دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 2012 ۾ عورت ارباب خاتون جي قتل ڪيس ۾ جوابدار گهربل هو

دادو: ٻه ڏينهن اڳ پوليس جوابدار ممتاز ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو هو

دادو: فريادي ڌر ٿاڻي تي پهتي ته پوليس جوابدار جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي، فريادي ڌر جو احتجاج

دادو: 2012 ۾ جوابدار ممتاز ڪلهوڙو ۽ ٻين ڀيڻ ارباب خاتون کي قتل ڪيو هو (فريادي سرفراز پنهور)

دادو: ڊي ايس پي سٽي اڪبر چنه جوابدار کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو (فريادي)

دادو: ٿاڻي تي پهتا آهيو ته پوليس جوابدار جي گرفتاري بابت لاعلمي ظاهر ٿي ڪري (فريادي)

05/07/2026

بريڪنگ نيوز
دادو رپورٽ
دادو ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن ٿاڻي جو گن مين سڏائيندڙ شخص مبينا منٿلي وٺندي پسٽل سميت هڪ گهر ۾ سوگهو

دادو: ايس ايڇ او جو گن مين سڏائندڙ شخص جي سڃاڻپ امير بخش شيخ طور ٿي جيڪو ڪراچي جو رهواسي ٻڌيو پيو وڃي

دادو: ذرائع ماب معلوم ٿيو آهي ته حد جي پوليس پوليس معاملي کي لئي مٽ ڪرڻ لاء پهچي يرغمال شخص کي ڇڏائي ورتو،پسٽل به پاڻ سان کڻي وئي

دادو: ذرائع مان معلوم ٿيو آهي مبنيا ڀتي جي وصولي لاء پهتل شخص گهر ڀاتين کي چيو ته فحاشي اڏو ٿا هلايو منٿلي ڏيو

دادو: پوليس پاران معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ، ڪوئي به موقف سامهون نه اچي سگهيو

17/06/2026

ڦلجي اسٽيشن ويجهو جتوئي ڦاٽڪ لڳ ڪار موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ڳوٺ بيگ پنھور واسي پيرسن غلام شبير پنھور فوت پوليس تفشيش جاري

17/06/2026

ميونسپل ڪاميٽي دادو زندا آباد. ھن لوڊر جي تيل ختم وڃڻ جي ڪري ويچارا ملازم مٿي تي هٿ ڏيون ويٺا آھن. ھاڻي تيل ڪير آڻي ڪٿان. تيل ڪٿان اچي
ھي اٿئو ميوسپل دادو جي ترقي..

11/12/2025

سينئير صحافي نويد قريشي صابر ڀنڊ وٽ پهچي سندس جي پينل جي سموري اميدوارن جي حمايت ڪندي اليڪشن ۾ صدارتي اميدوار صابر ڀنڊ، جنرل سيڪريٽري ڪامران ڪورائي، نائيب صدر عزيز ملڪ، جوائنٽ سيڪريٽري ارباب رستماڻي، آڊيٽر مقصود چانڊيو سميت سموري ورڪنگ ڪميٽي عهديدارن کي ووٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ✌

اصل کي سڄاڻو، ورڪنگ جرنلسٽس نوجوانن جو ساٿ ڏيو. نويد قريشي

Address

Dadu City
Dadu
1122

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Plus News Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share