29/07/2026
ڪنهن تي به الزام هڻڻ يا برو چوڻ کان اڳ حقيقت جي تصديق ڪرڻ لازمي آهي. افسوس جو اڄڪلھ ڪاپي پيسٽ ۽ اڻپوري ڄاڻ سبب روز ڪنهن نه ڪنهن جي عزت سان کيڏيو وڃي ٿو.
گذريل ٻن ڏينهن کان ڀاءُ ممتاز مولائي بابت اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته هن سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيو آهي، جڏهن ته منهنجي سمجهه موجب اها ڳالهه سراسر بي بنياد آهي. تنقيد ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ماڻهو پهرين گيت مڪمل ڌيان سان ٻڌي، جيڪڏهن پاڻ نه ٻڌي سگهي ته ڪنهن ٻئي کان تصديق ڪرائي، پوءِ راءِ قائم ڪري. باقي جيڪڏهن ڪنهن کي ذاتي رنجش، ساڙ يا حسد آهي ته ان جو علاج ڪنهن وٽ ناهي.
مون ڪيترن سالن کان ڏٺو آهي ته بنا تصديق جي اجائي تنقيد عروج تي آهي. هرڪو پاڻ کي وڏو نقاد سمجهي، حقيقت معلوم ڪرڻ کان سواءِ تبصرا ڪرڻ لڳي ٿو. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ وڏو سبب تڪڙا ويوز حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۽ ڪاپي پيسٽ واري روش آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي.
ٻي اهم ڳالهه اها ته ڀاءُ ممتاز مولائي نه رڳو سٺو فنڪار، پر نهايت نياز، نوڙت ۽ سهڻي اخلاق وارو انسان به آهي. مان سندس انهيءَ اخلاق سبب ساڻس محبت ۽ عزت رکان ٿو.
شايد منهنجي هن راءِ تي به ڪي ماڻهو ناراض ٿين، پر جيڪڏهن مان پنهنجي ڀاءُ جهڙي دوست تي ٿيندڙ بي بنياد تنقيد ڏسي خاموش رهان ته اها منافقي ٿيندي. ها، جيڪڏهن واقعي ڪنهن به ماڻهو، ڀلي اهو منهنجو ويجهو دوست ئي ڇو نه هجي، سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهه ڪري ته ان جو جواب ضرور ڏيڻ گهرجي. پر بيگناهه ماڻهوءَ تي اجائي تنقيد هرگز مناسب ناهي.
آخر ۾، گيت جا اصل ٻول هي آهن. مهرباني ڪري پاڻ به يوٽيوب تي ٻڌي پوءِ راءِ قائم ڪريو:
"بحریہ آؤ، ڈفینس آؤ
میرے سارے فینس آؤ"
پيارا ممتاز ڀاءُ، دعا آهي ته مولا پاڪ توکي
وڌيڪ عزتون، محبتون ۽ ڪاميابيون عطا ڪري.