دلي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا
دادو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ براء سال 2024/25 رٽرننگ آفيسراليڪشن / سينيئر سول جج دادو جناب امتياز علي ڀنڀرو صاحب جي نگراني ۾ اڄ تاريخ 21 ڊسمبر 2024 چونڊ ٿي گذري چونڊن جي حتمي نتيجن موجب دادو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جا ھيٺيان نوان عھديدار اڪثريت سان ڪامياب ٿيا ڪامياب عھديدارن ۾ جناب عبدالخالق ٻگھيو صدر
جناب مفيد احمد ناريجو نائب صدر
جناب علي بخش لنڊ جنرل سيڪريٽري
جناب نورالني جمالي جوائنٽ سيڪريٽري محترمه سيده سنمبل ڪاظمي خزانچي جي عھدي تي ڪامياب ۽ لائبريري سيڪريٽري جي عھدي تي جناب صدام حسين جمالي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آھي
دادو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ۽ روزاني عوامي آواز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر جي حيٽيت ۾ دادو ڊسٽرڪٽ بار جي نون چونڊيل عھديدارن کي دل جي گھراين سان دلي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا
07/01/2024
25/08/2023
Thanks all journalist friends... 🙏
23/08/2023
دادو سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ميمبر مشتاق شاهاڻي جي سوشل ميڊيا تي مبئنا آڊيو ريڪارڊنگ وائرل جي معاملي جو سنڌ جرنلسٽس ڪائوسنل تعلقہ دادو جي صدر ڪامران ڪورائي نوٽس وٺي ورتو
دادو: ڪائونسل جي قانون ۽ ظابتن جي ڀڃ ڪڙي تي جاچ جو نوٽس جاري ڪري
دادو: نوٽس ۾ ڄاڻايو ويو تہ لڳل الزام سچ ثابت ٿيڻ تي سندس مستقل ميمبر شپ ختم ڪئي ويندي
21/08/2023
اردو ميڊيا جو ناموار صحافي شعيب ٿهيم پاران سنڌ جرنسلٽس ڪائونسل جي اڄ اڱاري تي شام 5 بجي ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪندي چيو تہ هر بار صحافين جو خون پاڻي جيان وهايون ٿو وڃي اسين شهيد صحافي جان محمد جي قتل ۾ ملوث سمورن ڌرين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ چاهيون ٿا
21/08/2023
مفت قانوني امداد ۽ صلاح مشوري تي ڪم ڪندڙ ليگل ايڊ سوسائيٽي جي ايڊمن آفيسر سجاد علي پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتک خلاف سڀاڻي نڪرندڙ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو
21/08/2023
مير رضوان ميمڻ سنڌ ميمڻ اتحاد آرگنائيزر ڊسٽرڪ دادو ينگ نوجوان اتحاد دادو اعلان ڪيو آهي تہ
انشاالله ڀرپور ساٿ رھندو دوستن ساٿين سميت شرڪت کي يقيني بنائي حق سچ جي آواز بلند ڪنڌڙ بي باڪ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي سزا جي عمل تائين جدوجھد ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو ساٿ رھندو
21/08/2023
سڀاڻي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو جي سڏ تي ڀان سعيد آباد مان پريس ڪلب ڀان جي سينئر صحافي پرديپ ڪمار صحافي عمران آرائين پاران احتجاجي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو
21/08/2023
پريس ڪلب ٽنڊو رحيم خان جي صدر اسماعيل شاهاڻي پنهنجي ٽيم سان گڏ سڀاڻي واري سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو
21/08/2023
خداآباد پريس ڪلب جي سينئر صحافي پنهجي ميمبرن سميت سڀاڻي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل دادو ۾ صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن خلاف لڳندڙ احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو
Be the first to know and let us send you an email when Sindh Journalists Council Dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.