09/02/2026
ميهڙ (رپورٽ: وائس آف دادو): ميهڙ جي شاهه گودڙيو واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو آهي.
تفصيل موجب، پوليس پاران ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ڏوهارين پاران سڌي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهلڪارن جامِ شهادت نوش ڪيو. واقعي بعد ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
شهيد اهلڪارن جا مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري لهر پکڙيل آهي. پوليس پاران علائقي جي گهيرو ڪري ڏوهارين جي ڳولا لاءِ وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.