25/10/2025
هر مسلمان جو بنيادي فرض آهي ته هو اسلام جي حڪمن کي نه صرف سمجهي پر انهن تي مڪمل عمل ڪري ۽ ٻين تائين به خلوص دل سان سچائي ۽ حق جو پيغام پهچائي، ڇوتہ اسلام صرف نالي يا رسمن جو مذهب نه پر مڪمل ضابطوِ حيات آهي جيڪو انسان کي عدل، ايمانداري، رحم، ۽ انسانيت جي تعليم ڏئي ٿو، پر افسوس اڄ جي دور جا گهڻا مسلمان رڳو نالي جا مسلمان رهيا آهن، جن کي نه قرآن جي حڪمن جي ڄاڻ آهي نه سنت جي پيروي جو احساس، اهي دنيا جي ظاهري چمڪ ۾ ايترا گم ٿي ويا آهن جو انهن کي اهو به وسري ويو آهي ته مسلمان ٿيڻ کان پوءِ اسان تي الله جا ڪيئن ڪيئن فرض لاڳو ٿين ٿا، ۽ مسلم ۽ غير مسلم ۾ فرق رکڻ جو مقصد نفرت نه پر سچ ۽ باطل کي الڳ سڃاڻڻ آهي، پر اڄ جي معاشري ۾ حق ڳالهائڻ ڏکيو ۽ بنا مقصد جي ڳالهائڻ آسان ٿي ويو آهي، اڪثر ماڻهو فالوئرز، لائيڪس ۽ شهرت جي چڪر ۾ اهڙا موضوع چئون ٿا جيڪي دل کي نه دين کي وڻن، پر ان وقت دل کي تسڪين ملندي آهي جڏهن ڪو اهڙو ڀاءُ نظر اچي ٿو جيڪو بغير ڪنهن فالوئرز جي لالچ جي، بغير ڪنهن دنياوي فائدي جي، رڳو الله ۽ رسول ﷺ جي رضا لاءِ حق ۽ سچ ڳالهائي ٿو، اهڙو ئي شخص آهي شوقت کوسو ڀاءُ، جنهن پنهنجي ڳالهين سان ماڻهن کي جاڳايو، دين جي اصل روح ڏانهن موٽايو ۽ ثابت ڪيو ته حق هميشه زنده رهندو آهي، ڀلي سڄي دنيا ان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري، اسان پنهنجي هر دعا ۾ اهڙن بهادرن لاءِ سلامتِي جي دعا ڪريون ٿا، جيڪي بغير ڊپ ۽ بغير مطلب جي، سچ جو علم بلند رکندا آهن
Shokat Khoso