11/07/2026
قاضي احمد رپورٽ:
نواب شاهه جي افضال ٽائون واسڻ مسڪان ڏونگراڻي پنهنجي مڙس قاضي احمد شير محمد ڪالوني جي رھواسي شهباز علي انڙ سان گڏ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندن لڳ ڀڳ اٺ مهينا اڳ ٻنهي خاندانن جي رضامندي سان لال قلعي شاڊي نواب شاھ ۾ منڱڻي ٿي هئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا مائٽ ۽ برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا هئا.ھن چيو ته ڪجهه وقت بعد سندس ساهرن رخصتي جي اجازت گهري، پر سندس وارثن بار بار انڪار ڪيو. مسڪان موجب، ان دوران مٿس مبينا تشدد ڪيو ويو ۽ سندس فون پڻ کسيو ويو.مسڪان ٻڌايو ته هوءَ ٽي ڏينهن اڳ موقعو ملڻ تي گهران نڪري شهباز علي انڙ سان نواب شاهه جي عدالت ۾ نڪاح ڪري چڪي آهي، جنهن کان پوءِ هو ٻئي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.ھن الزام هنيو ته سندس والد، ڀائر ۽ مامو کيس، سندس مڙس ۽ ساهرن کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.مسڪان ڏونگراڻي ۽ شهباز علي انڙ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايڇ او قاضي احمد ۽ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کان اپيل ڪئي آهي ته کين قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن هو بنا خوف جي زندگي گذاري سگهن.