ڏيپلي جون خبرون

ڏيپلي جون خبرون تـازھ تـرين خـبـر ھـر وقـت بـر وقـت
ھن پيج تان اوھان کي ھڪ سچي خبر ملندي رھندي ھن پيج تان ھر مظلوم ماڻھن جو آواز اٿاريو ويندو

07/11/2025

ڪراچي پوليس اي چالان سسٽم تي عمل نه ڪيو، سول لائين ۽ گذري ٿاڻي جون 2 پوليس موبائيلون چالان، ڊرائيورن کي سيٽ بيلٽ نه ٻَڌل هو، ايس ايس پي مهزور علي ڊرائيورز جا تفصيل گهري ورتا،

07/11/2025

مٺي جي سونارا مارڪيٽ ۾ قائم گتي ٻاهران جمعي جي ڏينهن گتي بند هجڻ باوجود سرعام شراب جو وڪرو جاري

گتي ٻاهران ٿيليون ڀري شراب جو وڪرو ڪرڻ لڳا،مٺي پوليس ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران منشيات خلاف حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو،سونارا مارڪيٽ سميت،ميگهواڙ ڪالوني اسڪول ۽ پاڙها ڪالوني ۾ ريزي دڪان تي شراب جيئن جو تيئن وڪرو جاري،ايس ايس پي پاران صحافين سان تعارفي گڏجاڻي ۾ صحافين پاران گهٽي گهٽي ۾ قائم ڪيل مني گتن خلاف شڪايت تي پوليس کي منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي جي هدايت ڪئي وئي هئي

07/11/2025

*مٺي ملاڻي پمپ جي ڏاکڻي ڪُنڊ تي علي گل نهڙيو جي پلاٽ تي رکيل ڪئبين کڻائڻ لاءِ مٺي پوليس اٽالا پهچي ويا*

07/11/2025

*اسلام ڪوٽ ڀرسان جھن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ڦاڙھيون ڀيل ۾ ڪچي ٺري جي ٻٺين جو آزار،ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ 5 ڪچي ٺري جون بٺيون سرعام ھلندڙ آھن نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي،موالي قسم جا ڇوڪرا مال چوري ڪري ڪُھي کائي ٿا ڇڏين،چورين جو آزار وڌي ويو* آهي،پوليس ڪاروائي نہ ٿي ڪري ايس ايس پي نوٽيس وٺي،
*عوامي آواز ميڊيا گروپ
Tharparkar Police

07/11/2025

🌍✍️ صحافي سچا ٿي وڃن…

ته ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ نظام پاڻمرادو ٺيڪ ٿي وڃي!
ڇاڪاڻ⁠تہ سچو صحافي ڪو فقط خبر نه ڏيندو آهي،
هو سماج جي ضمير کي جاڳائيندو آهي،
ظلم خلاف آواز بڻبو آهي،
۽ حق لاءِ بيهي نظام کي آئينو ڏيکاري ڇڏيندو آهي۔

🖋️ سچو قلم ئي قوم جي بيداري جو ذريعو آهي،
جيڪڏهن اهو قلم وڪامي نه، ته ڪو به نظام بگڙي نٿو سگهي۔

#پاڪستان

07/11/2025

سکھر میں حساس ادارے کی نشاندہی پر محکمہ صحت ضلعی انتظامیہ کی مشترکہ کارروائی ،،، زیر تعمیر بند مکان سے سرکاری اسپتالوں کی چوری شدہ 48لاکھ مالیت کی ادویات برآمد کرلیں،،،، ملزمان تاحال گرفتار نہیں ہوسکے،،،،

07/11/2025

*ننگرپارڪر. واگهي جي ويري ۾ امير حسن ساند جي گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي*

06/11/2025

مٺي
سراج سومرو
صدر پاڪستان پيپلز پارٽي
تعلقا مٺي
جي صدارت ۾ تعلقي جي نئين منتخب ٿيل تنظيم جي عھديدارن جي تعارفي گڏجاڻي سڀاڻي 7نومبر جمعي جي ڏينهن منجهند ٽي بجي سومرا ھائوس تي رکي وئي آھي تعلقي مٺي جي نئين منتخب تنظيم جي تمام
عھديدارن کي شرڪت لاء اطلاع ٿو ڪجي

نھچل داس ھنساڻي
انفارميشن سيڪريٽري
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه مٺي

06/11/2025

🏫 سرڪاري ابتدائي اسڪول پانيلي
(Government Elementary School Paneli)
تعلقو ڏيپلو
ضلع ٿر پارڪر
يونين ڪائونسل جهرمريو

اسان پنهنجي ڳوٺ جي هڪ انتهائي ڏک واري حقيقت عوام آڏو آڻڻ پيا چاهيون۔ھن اسڪﻮﻝ ۾ 200 کان 250 شاگرد شاگرد آهن هن اسڪول ۾ تازو 4 استادن جو ٽرانسفر ٿيو، پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته:

3 استادن جوائننگ ڪري غائب ٿي ويا،

۽ چوٿون استاد ته آيو ئي ناهي۔

اهڙي لاپرواهي، بي‌ذميواري ۽ تعليم سان مذاق ڏسجي ٿو ته دل رُندي آهي۔ ڇا اهو ئي نظام آهي جنهن ۾ اسان جي ٻارن جو مستقبل لکيل آهي؟

اساتذه جيڪي پگهارون وٺي رهيا آهن، پر اسڪول ۾ موجود نه آهن — اهي نه صرف پنهنجو فرض وساري ويٺا آهن، پر هزارين معصوم ٻارن جي حقِ تعليم سان ناانصافي ڪري رهيا آهن۔
صرف مقرر 2 اُستاد ڇا پڙهائي سگهندا..

تعليم جا عملدار (DEO، SDEO، AEO ۽ ضلعي آفيسران) به آخر ڇو خاموش آهن؟ ڇا ڪنهن به جاچ نه ٿي رهي؟ ڇا ڪنهن به دورو نه ٿو ٿئي؟

اسان هيٺيان مطالبا ڪريون ٿا:
1️⃣ غائب استادن خلاف فوري جاچ ۽ ڪارروائي ڪئي وڃي۔
2️⃣ اسڪول ۾ متبادل استاد مقرر ڪيا وڃن۔
3️⃣ والدين ۽ ڳوٺ واسين سان گڏ گڏجاڻي ڪري رپورٽ جاري ڪئي وڃي۔
4️⃣ ضلعي تعليم کاتو پاڻ اچي زميني صورتحال ڏسي۔

جيڪڏهن ايندڙ هفتي اندر ڪو قدم نه کنيو ويو ته اسان ميڊيا، سماجي تنظيمون ۽ اعليٰ اختيارين تائين هي آواز پهچائينداسين۔

تعليم سان غفلت، ٻارن سان ظلم آهي۔
جيڪي آفيسر ۽ استاد پنهنجو فرض نٿا نڀائن، انهن کي شرم ڪرڻ گهرجي ته انهن جي غفلت سان نسلون اڻ پڙهيل رهجي رهيون آهن۔

دوستن کان اپيل آهي ته:
هي پوسٽ شيئر ڪريو، ٽيگ ڪريو، ۽ هر ذميوار کي جاڳايو۔
اسان کي پنهنجي ٻارن جي تعليم لاءِ پاڻ آواز اُٿارڻو پوندو۔

📚 ٿا Male primary & Secondary & Secatory Syed Sardar Ali Shah
Surendar Valasai

06/11/2025

*مٺي مان رائيونڊ اجتماع لاء ويندڙن جي ڪوسٽر سان خانيوال پنجاب ويجهو حادثو.....*
Thar voice media
گاڏي ۾ سوار مٺي جي نور الهدي مدرسي جي ٻڌايا پيا وڃن
ڊمپر بس سان ٽڪرائجي ويو

جنهن ۾ راشد جوڻيجو،حيدر جوڻيجو ۽ ٻيا زخمي هجڻ جا اطلاع مليا آهن

06/11/2025

ڏيپلو/ ڏيپلو شهر ڀيل ڪالوني جا رهواسي نيتو ڀيل، بابو ڀيل ۽ چترو ڀيل مون تي حملو ڪري زخمي ڪيو ٿاڻي تي دانهن ڏيڻ باوجود بااثرن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ تي متاثر ڌر جو نيتو ڀيل، بابو ڀيل،چترو ڀيل ۽ پوليس خلاف پريس ڪلب تي احتجاج/ ڀڳو ڪولهي، زال ريشمان ڪولهي

Address

Diplo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ڏيپلي جون خبرون posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share