King Swans Graphic Designer

King Swans Graphic Designer Creative Designer

11/11/2023

Happy birthday Janab Meghwar

ٿر جي نئين اُمنگ؛ پرديپ ميگهواڙ ۽ سندس اِدارو آئي اسڪلرس.

هُو جيڪو سڀ کان اَول ۾ ميگهواڙ آھي. هُو پنهنجي صدين پُراڻي سُڃاڻپ کي اڄُ به پنهنجي اِسم گراميءَ سان ڳَنڍيو اچي، کيس نالي پويان ڪا ”واڻي“ يا ”لاڻي“ لڳائڻ جي ڪا لوڙ ناھي. هُو پاڻ کي ميگهواڙ سڏائيندي وڏو فخر محسُوس ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ميگهواڙ ڪو معمولي ٿوروئي آھن. هُن کي خبر آھي ته ميگهواڙ هن ڌرتيءَ جا دلبر پُٽ آھن.
پرديپ ميگهواڙ جو جنم 25 آڪٽوبر 1986 تي ڳوٺ سومڻھار ۾ سائین واگھجي مل ميگهواڙ جي گهر ۾ ٿيو. پرديپ پنهنجي شروعاتي تعلیم پھرین ڪلاس کان وٺي میٽرڪ تائین مین اسڪول ۽ ھاءِ اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪئي. انھيءَ کانپوءِ ڪالیج پبلڪ اسڪول حیدرآباد مان پاس ڪيو،
پوءِ انجنیئرنگ پڙھڻ لاءِ مھراڻ یونیورسٽي ڄامشورو ويو. جیئن ته ڪمپیوٽر فیلڊ سان هن جو تعلق بچپن کان ئي ھیو. انھيءَ ۾ سُٺي مھارت ھئڻ سبب شاگرديءَ واري دور ۾ به مختلف آفیسن ۽ گهرن ۾ ڪمپیوٽر ریپئر سروس ڏیندو ھو اِھو ئي سبب ھو جو هن پنھنجو ڪیریئر پڻ آئي ٽي فیلڊ ۾ ٺاھیو. ھن وقت پنھنجي آئي ٽي ڪمپنيءَ سان گڏوگڏ فریلانسر طور پڻ ڪم ڪري پیو جنھن تي پاڪستان سرڪار طرفان ٽاپ فریلانسر طور چونڊیو ویو آھي. پرديپ کي اولاد ۾ ھڪڙو پُٽ آھي جنھن جو نالو ”ملھار میگھواڙ“ آھي.

هُو جھڙو شڪل ۾ سُھڻو آھي تھڙو ئي سيرت ۾ سُوڀياوان آھي. خُوبصورت چهري تي موتين تُل مُرڪن جا ستارا هر ويلي چمڪندي نظر اچن ٿا. سچائي هُن جي سُڃاڻپ آھي. هُن سچائيءَ جو ساٿ ڪڏھن ڀُلجي به ناهي ڇڏيو. هُو پنهنجي ٿر جي ٻالي ڀولي جنتا جي جيئدان لاءِ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري 2018ع جي عام اليڪشن ۾ سياست جي ميدان ۾ فقط ان لاءِ آيو هو ته هُو ڏُتڙيل ڏيهه واسين جي آواز کي ايوان تائين پهچائڻ ۾ ايمانداريءَ سان پنهنجي انرجي خرچ ڪندو. هُن وٽ مالڪ جو ڏنو سڀ ڪُجهه آھي گاڏي آھي بنگلو آھي بئنڪ بئلنس آھي ۽ وڏي ڳالهه ته وٽس آتم وشواش آھي ان کان به وڏي ڳالهه ته کيس ڏيهن جي ڏاتار هُنر جھڙي ڏات سان به بنهه گهڻو نوازيو آھي. هُو انٽرنيٽ جي دُنيا جو دڳج ماڻهو آھي هُو انٽرنيٽ وسيلي نه رڳو پاڻ پنهنجن پيرن تي بيٺو آھي پر ٿر جي گهڻن بيروزگار نوجوانن کي پنهنجن پيرن ڀر بيهارڻ جھڙا ڪيا آھن اُهو پڻ بنان ڪنهن ذات پات جي فرق جي. هر مذهب ۽ هر جات جو ماڻهو هن لئه نه رڳو قابلِ قبول آھي پر گهڻو احترام لائق پڻ. هُو ٿر جو واحد نوجوان سياستدان آھي جيڪو سياست ۾ سوڀارو نه ٿيڻ باوجود ٿر جي مسڪينن ۽ بيروزگارن نوجوانن جو اونو رکي ٿو. اُنهن جي لاءِ ڪُجهه ڪرڻ جي ڳڻتيءَ کيس گولف جي مُلڪن مان واپس هتي مٺي وٺي آئي. پاڻ هن وقت ٿر جي نوجوانن لاءِ تمام گهڻو ساراھ جوڳو ڪم ڪري رهيو آھي. ٿر جي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر مٺيءَ ۾ آئي اِسڪلرس نالي هڪڙو ادارو کولي سوين بيروزگار نوجوانن کي فري لانسنگ واري سکيا ڏياري رهيو آھي. اهو ڪارنامون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ ٿر جي ماڻهن کي خاص طور نوجوانن کي سندس نيت جي خبر هئڻ گُهرجي ته هُو ٿر جي عوام لاءِ ڪيترو ڪوشان آھي. نت هن کان اڳ جيڪي به ٿر جي سياست ۾ ناڪام ويا انهن وري پوئتي لونئڻو هڻي به نه ڏٺو ته ٿر جا ماروئڙا ڪھڙن حالن ۾ آھن؟ ڪيئن پنهنجو جيون بسر ڪن ٿا؟ سندن گهرن جا چُلهه ٻَرن ٿا يا نه؟ کين ڏُڪارن ۾ هر روز ڪيترا ٻار مَرن ٿا؟ شابس ته پرديپ ميگهواڙ کي هُجي جنهن پنهنجي حق ۽ حلال جي ڪمائيءَ جا پئسا پاڻي وانگي ٿر جي عوام لاءِ خرچ ڪيا پر موٽ ۾ ڇا مليو ڪُجهه به نه؟ پوءِ به هُو قطعي مايوس ناهي ڇاڪاڻ ته کيس پُوري ريت پروڙ آھي ته هتي جي عوام معصوم ٻار وانگي سدائين لالچ جي لولي پوپ تي لڳل هوندي آھي. کين اها به خبر ناهي هُوندي ته ”نه سڄڻ کي آسرو نه دُشمن کي ڊپ“ جھڙن سدائين آزمايل اُميدوارن کي وري وري آزمائڻ عقلندي نه بلڪه بي وقوفي هُوندي آھي. ٿر جي ٻالي ڀولي جنتا جي هر ڀيري ڪيل اهڙي بي وقوفيءَ کي هڪڙي ئي مُرڪ ۾ نظر انداز ڪري ڀٽائيءَ جي سِٽُ ”جيها جي تيها مُون مارُو مڃيا“ جي مُترادف وري وري اُن سان بي انتها مُحبت ڪرڻ جو نانءُ آھي پرديپ ميگهواڙ!

ساٿيو! جديد دُنيا ۾ جديد هُنر سکڻ جو شاندار موقعو آھي. آنلائين سکيا لاءِ اوهين پڻ اپلائي ڪري سگهو ٿا اگر جديد دُنيا جي نئين هُنر ۾ دلچسپي رکو ٿا ته! اهڙا هُنر جن جي وسيلي فريلانسينگ توڙي لوڪل مارڪيٽ ۾ چڱو خاصو پئسو ڪمائي سگهو ٿا. جيڪي به دوست گهر ويٺي روزگار جي ڳولا ۾ آهن يا آنلائين گهر ويهي روزگار ڪرڻ چاهين ٿا، اُهي آئي اسڪلرس آنلائين ڪورسز ۾ داخلا وٺي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سُٺي طريقي سان هُنر سکي پنهنجي روزگار جو ذريعو حاصل ڪري سگهن ٿا..!

اهڙا ڪورسز جن جي فري لانسينگ توڙي لوڪل مارڪيٽ ۾ روزگار ڪرڻ لاءَ تمام بهترين ترتيب ڏنل آھي!

اوهان جو مستقبل سنوراڻ ۽ سُڌارڻ ۾ آئي اسڪلرس جي ذميواري آھي. اچو ته هن اداري مان ڪُجهه پرايون.

سڄو ڏينهن فيسبوڪ ۽ واٽس اپ تي وقت وڃائڻ کان سُٺو آھي ته انٽرنيٽ جي دُنيا ۾ پنهنجي روزگار جو بندوبست ڪجي. جيڪڏھن ڪجهه ڄاڻو ٿا ته باقي مُون وانگي ڪو گانو ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي کي منٿ ڪرڻ وارن لاءِ انٽرنيٽ جي دُنيا آھي ڏُکي پر چوندا آھن نه ته ”همٿِ بندو مددِ خُدا“ سو همٿ ڪرڻ سان انسان جبل به ڏاري سگهي ٿو هي ته سافٽويئر جو ڪم آھي آئون پڻ نوڪيا هلائيندي اينڊرائينڊ هلائڻ سکي ويس سو اوهان جھڙا هوشيار ماڻهو ته گهڻو ڪُجهه سکي سگهن ٿا ۽ گهڻو ڪُجهه اوهان کي سيکاريندو آءِ اسڪلرس!!
Amar Raising Rajput

اداري سان رابطي لاءِ لنڪ ڏجي ٿي؛

Visit Website: https://iskillers.pk
Call Now: 03322511711

King Swans Graphic Designer
Azad HansRaj Diplai

Happy Birthday Pardeep Meghwar Mark Zkarbug of TharIT Expert & Consultant Free Lancer CEO OF iHunarBest Regard CEO King ...
25/10/2023

Happy Birthday Pardeep Meghwar
Mark Zkarbug of Thar
IT Expert & Consultant
Free Lancer
CEO OF iHunar

Best Regard

CEO King Swans Graphic Designer

14/06/2023
https://omtch.com/invite?ref=venjhrajڪجھ ڪلاڪن کانپوء اوميگا ڪوئن  ڪرپٽوايڪسچينج ۾ لائونچ ٿي  ويندي ايپ ڊائونلوڊ ڪري فري...
14/06/2023

https://omtch.com/invite?ref=venjhraj
ڪجھ ڪلاڪن کانپوء اوميگا ڪوئن ڪرپٽوايڪسچينج ۾ لائونچ ٿي ويندي ايپ ڊائونلوڊ ڪري فري مائننگ شامل ٿيپئو ٿي سگهي ٿو قسمت جي ديوي مهربان ٿي پوي

social Media Posts
13/02/2023

social Media Posts

logos
13/02/2023

logos

Business Card
13/02/2023

Business Card

Designed DBy King Swans
10/10/2022

Designed D

By King Swans

I am a Graphic Designer .You can easily contact me for Logo DesignBusiness Card Poster Banner Social media poster Flayer...
06/10/2022

I am a Graphic Designer .
You can easily contact me for
Logo Design
Business Card
Poster
Banner
Social media poster
Flayer

Whatsapp me
00923452617010

Today DesignedBusiness CardDesigner: King Swans
06/10/2022

Today Designed
Business Card

Designer: King Swans

Address

Diplo District Tharparkar
Diplo
69280

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when King Swans Graphic Designer posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to King Swans Graphic Designer:

Share