25/10/2023
ولي ڪاملُ پير سيد محمد راشد روزي ڌڻي رحمة الله عليہ.
سيد محمد راشد شاھ، سيد محمد بقا شاھ رحہ جو ننڍو فرزند هو، جنهن جي ولادت ڳوٺ رحيمڏني ڪلهوڙي( خيرپور ميرس) ۾ 6 رمضان المبارڪ 1170 /25 مئي 1757ع ۾ ٿي. چون ٿا ته "روزي ڌڻي" ڄمڻ کان پوءِ ڏينهن جو پنهنجي والده جي " ٿڇُ " نه پيئندو هو، انڪري "روزي ڌڻي" چيو ويو, پر اڳتي هلي جڏهن مزار تي روضو جُڙيو ته "روضي ڌڻي" مشهور ٿيو. سيد محمد راشد ننڍپڻ ۾ ئي تنهائي پسند ۽ غور فڪر جو عادي هو. ٿورو وڏو ٿيڻ تي والد کيس تحصيل علم لاءِ ويهاريو.، ابتدائي تعليم حافظ زين الدين مهيسر ۽ مولانا محمد اڪرم گهُمري وٽان حاصل ڪيائين جيڪي پنهنجي زماني جا وڏا عالم ۽ فاضل هئا. کيس وڌيڪ تعليم لاءِ شڪارپور ۾ علامہ فقير الله علوئَ ( ڊاڪٽر اسرار احمد علوي جو ڏاڏو ) جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. ڪجھ عرصي بعد سندس والد کيس ڏسڻ ويو تہ ڏٺائين ته کيس عمدا طعام ملي رهيا آهن، جنهن تي سندس والد چيو : "جتي طالب علمن کي عمدا طعام ملندا، اتي فيض نہ ملند". پوءِ کيس اتان ڪڍي "ڪوٽڙي ڪبير" ۾ مخدوم يار محمد صديقي رح جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو جتي فقر ۽ قناعت تي ڪم هلندو هو. ان کان پوءِ مخدوم مفتي محمد آريجي، ڳوٺ خير محمد آريجي، ضلعي لاڙڪاڻي واري وٽ دستار فصليت حاصل ڪيائين. اهڙي طرح ظاهري علمن جي حصول جي تڪميل ڪيائين. طريقت ۾ سلوڪ ۾ پنهنجي والد سيد محمد بقا شاھ رحه جي هٿ تي قادري طريقي جي بيعت ڪيائين ۽سندس رهنمانئَ ۾ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين.
ھن بزرگ ٿر، بر ۽ جبلن جا سير سفر ڪري، سنڌ کانسواءِ هند جي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان کان سواءِ بلوچستان ۽ پنجاب تائين روحاني فيض پهچايو. پير محمد راشد جي خليفن جو تعداد وڏو هو، جن مان خليفي سيد حسن شاھ جيلاني سوئي شريف واري کان پير محمد صديق ڀرچونڊي واري فيض حاصل ڪيو ۽ اتان وري تاج محمد امروٽئَ ( امروٽ وارن) ۽انهن کان دين پور، هاليجي، بائيجي ۽ ٿريچاڻئَ جا بزرگ فيضياب ٿيا. ٻئي خليفي مان ميان محمود نظاماڻي، ڪڙيي گهنور واري جا مريد وڏي تعداد ۾ ڪڇ ، ڪاٺياواڙ، ڪراچي ۽ بمبئي (هندستان) ۾ موجود آهن. ٽئين خليفي سيد جان محمد شاھ بخاري جي فيض سان پري پري جا علائقا فيضياب ٿيا ۽ سندس مريدن جي اڪثريت ڪيچ، مڪران بلوچستان ۾ آهي. مير ڄام ٽالپر ۽ نواب قيصر خان نظاماڻي به سندس مريد هئا. چوٿين خليفي محمد حسن مهيسر ڀاڳناڙئَ (بلوچستان ) واري جا مريد ۽ پوئلڳ بلوچستان ۾ آهن. پنجين خليفي مشهور شاعر نبي بخش لغاري " قاسم" ، جي مريدن جي گهڻائي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ڌوراجئَ ۾ آهي. سيد محمد راشد روزي ڌڻي جي تصنيفن ۾ سندس "مڪتوبات" ۽ "ملفوضات " مشهور آهن. سندس 'ملفوضات' فارسي زبان ۾ لکيل آهي جنهن جو ترجمو علامہ محمد قاسم مشوري ڪيو هو. سندس مڪتوبات به فارسي زبان ۾ هئا، جيڪي ڊاڪٽر نذر حسين سڪندرئَ، علامہ عبد الرحيم سڪندري جي نظرداري هيٺ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا آهن. ان کان علاوه پير صاحب فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪئي آهي، سندس سنڌي ڪلام جو مجموعو " روحاني رمزون" نالي شايع ٿيل آهي.
پير محمد راشد روضي ڌڻي 63 سالن جي عمر ۾پهرين شعبان 1233/ 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي. پر ڪجھ وقت کان پوءِ پراڻي درگاھ کي درياءَ جي پائڻ جي خطري سبب سندس پوٽي سيد علي گوهر شاھ اصغر، پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي خاڪي جسد جون پيتيون، اتان ڪڍرائي، موجوده درگاھ واري هنڌ( ڪنگري) ۾ رکايون ۽مٿان روضو ٺهرايو جنھن ۾ هن خاندان جا سڀئي بزرگ دفن آهن. هن روضي جي اڏجڻ کان پوءِ سيد محمد راشد رح " روضي ڌڻي" مشهور ٿيو. سندس پٽن جو تعداد 18 هو ،پر سندس پڳ وڏي فرزند سيد صبغت الله شاه اول "تجرڌڻئَ " کي ملي.
Today's the best Photo 🥰 🥰 🥰 🥰
💓💓💓💓💓💓💓💓💓💓💓