Ghotki and Khanpur Mahar News

Ghotki and Khanpur Mahar News Social Media
03003151199
03123151199
03092373683

خانپور مھر:چيئرمين ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ حاجي عبدالرزاق خان مھر جن اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد حميد شیخ صاحب جن سان ملاقات ڪر...
03/09/2025

خانپور مھر:
چيئرمين ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ حاجي عبدالرزاق خان مھر جن اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ماجد حميد شیخ صاحب جن سان ملاقات ڪري تعلقه خانڳڙھ جي ترقياتي ڪمن سميت ٻين اهم مسئلن تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي

03/09/2025

خانپورمهر ويجهو مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، پنج ڄڻن کي کنڀي وئي، خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڀيٽور ۾ مختلف ٿاڻن خانپورمهر، عادلپور، يارو لنڊ ۽ جروار پوليس چڙهائي ڪري مبينا طور 5 ڄڻن کي کنڀي وئي، رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻي صدام مهر ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان جهيڙو هلندڙ آهي، جنهن ۾ پنج سال اڳ هڪ ٻي ڌر جو شخص شاهنواز مهر قتل ٿيل آهي، جنهن ڪيس ۾ اسان جي ماڻهن مٿان قتل جي ايف آئي آر داخل ٿيل آهي، پر اسان جا ماڻهو ڪورٿ مان ضمانت تي آزاد ٿيل آهن پر ان باوجود مختلف ٿاڻن جي پوليس آسر ويل گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي پنج ماڻهن الطاف مهر. منير مهر، دولو مهر. عطا محمد مهر. علي مهر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جيڪي ماڻهون کڻي وئي آهي انهن ماڻهن جو جهيڙي سان ڪو به واسطو ناهي هن ٻڌايو ته پوليس چوي ٿي ته اسان کي شاهنواز مهر جي قتل ڪيس ۾ جيڪي ماڻهو گهربل آهن اهي ماڻهون اوھان پيش ڪيو جڏهن ته اهي روپوش آهن، اسان کي انهن جو ڪو به پتو ناهي ،پوليس ڪيس ۾ گهربل جوابدار ڀل گرفتار ڪري انهن سان اسان جو واسطو ناهي، پر جيڪي اڄ گرفتار ڪري وئي آهي اهي بي گناھ آهن، ڳوٺاڻي ڊي آئي جي سکر. ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي،واضح رهي ته پنج سال اڳ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان شاهنواز مهر قتل ٿيو هو، جنهن جو قتل ڪيس خانپورمهر ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي.

31/08/2025

خانپورمهر ۾ سماجي تنظيم سرسو جي عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف مختلف يوسين ۽ ڳوٺن جي رهواسين سڪندر لال مينگهواڙ، محمد ادریس ملڪ، حضور بخش ماڇي، اربيلو ملڪ ،آصف چاچڙ، حنيف چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرسو آفيس خانپورمهر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سرسو عملدارن تي الزام هنيو ته سرسو آفيس يونٽ خانڳڙھ جا عملدار انچارج غلام مصطفي واسو،ايس او عبدالصمد شيخ، اي ڊي او مظفر مهر، فيلڊ انجنئير اعجاز احمد مهر ۽ فنڊن توڙي لون جي ورهاست ۾ شديد بي ضابطگيون ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سرسو عملدار اصل حقدار ماڻهن کي نظرانداز ڪري رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي قرض توڙي ٻيا فنڊ ڏيئي رهيا آهن، مختلف سکيا سينٽرن توڙي روڊن تي مزدوري جو ڪم ڪرڻ باوجود اجورو نه ڏنو ويو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته سرسو هڪ تمام بھترين ادارو آهي جيڪو غريب ۽ مستحق ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري ٿو پر خانڳڙھ تعلقي جي پوري ٽيم اداري کي بدنام ڪرڻ چاهي ٿي، ڳوٺاڻن چيو ته سرسو يونٽ خانڳڙھ جو انچارج غلام مصطفي واسو،
ايس او عبدالصمد شيخ، فيلڊ انجنئير اعجاز احمد مهر، اي ڊي او مظفر مهر سميت پوري ٽيم ڪرپشن ڪري رهي آهي جيڪي اسان جي ڳوٺن ۾ اچي ڪري سي آئي ايف جي ننڍي لون ۽ اي ڊي ايف وڏي لون ۽ ايل سي ايڇ جي گهرن جا فارم ڀرڻ جا پيسا گهرن ٿا ۽ قرض جي آيل چيڪن جا پيسا گهرن ٿا پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان جي ڳوٺن کي بلاڪ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا،ڳوٺاڻن چيو ته سماجي تنظيم جا عملدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي مقامي ماڻهن کي تڪليفون پهچائي رهيا آهن، احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر،سي اي او محمد ڏتل ڪلهوڙو ،ڊسٽرڪٽ مينيجر عاشق ڪلوڙ، چيئر پرسن ميڊم ناهيد شاھ ، آر جي ايم عامر عباس منگي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سرسو يونٽ خانڳڙھ جي پوري ٽيم کي هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت احتجاج دائرو وڌايو ويندو.

29/08/2025

سيشن جج گهوٽڪي منو مل پاران شيخ همدان بن محمد تعلقه اسپتال خانپورمهر جو اوچتو دورو ڪيو ويو، دوري دوران سيشن جج اسپتال جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪيو ۽ مريضن کان علاج، دوائن ۽ ٻين سهولتن بابت حال احوال معلوم ڪيا، سيشن جج گهوٽڪي اسپتال جي عملي کان اسپتال ۾ ميسر سهولتن بابت تفصيل پڻ ورتا، جڏهن ته اوچتي دوري سبب اسپتال عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ذريعن موجب سيشن جج ڊاڪٽرن جي غيرحاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن کان جواب طلب ڪيو، سيشن جج اسپتال اندر جاري ترقياتي ڪم جو به جائزو ورتو،جڏهن ته ترقياتي ڪم ۾ سست رفتاري تي سيشن جج سخت ناراضگي ظاهر ڪئي ۽ ٺيڪيدار کي طلب ڪيو آهي.

29/08/2025

ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس گهوٽڪي ايٽ ميرپور ماٿيلو

گهوٽڪي 29 آگسٽ 2025: ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراڻي قادرپور شينڪ بند پهتو، حفاظتي بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪرڻ جو حڪم، سموري هيوي مشينري فعال ڪرڻ ۽ ٻوڏ دوران متاثرن کي محفوظ هنڌن تائين پهچائڻ لاءِ ٻيڙين جو انتظام ڪرڻ جون هدايتون جاري. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراني اسسٽنٽ ڪمشنر نويد احمد، مختيارڪار شاهد حسين دايو ۽ آبپاشي کاتي جي عمدارن کي ساڻ ڪري قادرپور شينڪ بند ۽ قادرپور لوپ بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي هن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته حفاظتي بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي وڃي ان سلسلي ۾ سموري هيوي مشينري کي فعال ڪري ملازمن کي الرٽ ڪيو وڃي ته جيئن امڪاني ٻوڏ دوران حفاظتي بندن جي مضبوطي کي يقيني بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي قبول نه ڪئي ويندي. هن اسسٽنٽ ڪمشنر کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته ڪچي واسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيڙين جو بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته ميڊيڪل ۽ لائيو اسٽاڪ ڪئمپن تي ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن متاثرن کي ڪنهن به قسم جي مشڪل پيش نه اچي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته 27 ٻيڙين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، مقامي ماڻهن جا رابطه نمبر موجود آهن، جيڪو منتقل ٿيڻ چاهيندو ته ان کي منتقل ڪيو ويندو، درياءَ ۾ پاڻي جي سطح گهٽ هجڻ سبب ڪچي واسي في الحال منتقل ٿيڻ نه پيا چاهين جيڪي منتقل ٿيڻ چاهيندا ته انهن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ان کان اڳ آبپاشي کاتي جي انجنيئر ڊپٽي ڪمشنر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته موجوده صورتحال دوران گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 3 لک 96 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته هيٺيون وهڪرو 3 لک 65 هزار ڪيوسڪ آهي اهڙي ريت سکر بئراج تي مٿيون وهڪرو 2 لک 85 هزار ۽ هيٺيون وهڪرو 2 لک 29 هزار ڪيوسڪ آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سموري هيوي مشينري کي فعال ڪري ملازمن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، حفاظتي بندن جي نگراني ڪئي پئي وڃي، بند محفوظ آهن.

27/08/2025

خانپورمهر واسي باگڙي برادري جي پيرسن زال مڙس احتجاج ڪندي عادلپور واسي بااثر وڏي مٿان سندن پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا آهن...

خانپورمهر جي باگڙي پاڙي جي رهواسين بختاور باگڙي پنهنجي مڙس سُريو باگڙي سان گڏجي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو آهي عادلپور واسي بااثر وڏيري امان ﷲ ڪلوڙ اسان جي پٽ نارائڻ داس کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي..

پيرسن زال ۽ مڙس ٻڌايو تہ اسان جي پٽ نارائڻ پنهنجي ئي برادري جي ڇوڪري سونيا باگڙي سان ميرپورماٿيلي جي سيشن ڪورٽ ۾ 3مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو. جنهن کان پوءِ هو پنهنجي گهر ۾ گڏخوش رهندا هئا ڪالھ منهنجي ننهن سونيا پنهنجي مڙس نارائڻ کي گڏ وٺي عادلپور شهر پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ويا جتان بااثر وڏيرو امان الله ڪلوڙ پنهنجي واٺن معرفت منهنجي پٽ ۽ ننهن کي تشدد ڪري کنڀي ورتو ۽ اسان جي ننهن کي ماءُ پيءُ حوالي ڪري اسان جي پٽ کي گم ڪري ڇڏيو آهي، احتجاج ڪندڙ پيرسن زال مڙس جو چوڻ هيو تہ جيڪو بہ معاملو آهي اسين باگڙي برادري پاڻ ۾ حل ڪري ڇڏينداسين پر اسان سان وڏيري امان ﷲ ڪلوڙ ناحق ڪيو آهي ۽ اسان جي پٽ کي ناحق باندي بڻائي ويهاريو آهي ان مٿان وڏيرو تشدد ڪرائي رهيو آهي

هنن مطالبو ڪيو آهي ته بااثر وڏيري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي اسان کي پنهنجو پٽ ۽ ننهن واپس ڪرائي ڏنا وڃن.

12/08/2025

خانپورمهر ويجهو ڏيڍ سال اڳ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو، خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ سومر موري جي رهواسين جمعو لنڊ. پانڌي لنڊ. خميسو لنڊ. امام بخش لنڊ رب رکيو. لنڊ، محب علي لنڊ. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڊ سال اڳ اسان جي ٽن ڄڻن الهرکيو لنڊ. راحب لنڊ ۽ رضا محمد لنڊ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته خانپورمهر ٿاڻي تي
جوابدارن موج علي لنڊ. صاحب لنڊ. راحب لنڊ. اختر لنڊ. نهال لنڊ. واحد لنڊ ۽ ٻين تي ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته اسين مسڪين آهيون جوابدارن جي ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، مظاھرين مطالبو ڪيو ته فوري ٽنهي مقتولن جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي..

17/07/2025

خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ايوب مهر لڳ پير بخش پتافي جي رهواسين غلام نبي ملڪ، نور حسن ملڪ، جاويد احمد ملڪ، دلبر ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڊيا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاھرين ٻڌايو آهي ته جوابدار الهڏتو ملڪ پنهنجي ساٿين ٻڍل ملڪ. بهادر ملڪ. لونگ ملڪ ،مکڻو ملڪ، صفر ملڪ، زاھد ملڪ. دودو ملڪ. گل ملڪ. گلزار ملڪ ۽ ٻين سان گڏجي هڪ هفتو اڳ گهر تي هٿيارن جي زور تي حملو ڪري رات جي وقت شادي شده ناري بيگم ملڪ ۽ سندس 3سالن جي معصوم نياڻي دعا ملڪ کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن چيو ته خانپورمهر ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، روزانو خانپورمهر ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پوليس ڪا به مدد نه پئي ڪري، جڏهن ته جوابدار مختلف نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن، مظاھرين ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرايو.

10/07/2025

پ پ جي صوبائي وزير چيف سردار محمد بخش خان مھر طرفان ڳوٺ پير بخش پتافي کان ڳوٺ جمال الدين مهر تائين نئو روڊ ڏنو ويو آهي روڊ ملڻ جي خوشي م ڳوٺاڻن پاران خوشي جو اظهار ڪندين منشي جمال الدين مهر. اصغر مهر.فقير علي مردان مهر.فوجي ڪريم بخش مهر۽ ٻين چيو ته سردار پوري ضلعي م ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائيو آهي..سندس جا شڪر گذار آھيون....

Address

Ghotki
123

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ghotki and Khanpur Mahar News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ghotki and Khanpur Mahar News:

Share

Category