24/04/2026
صوبائي وزير سردار محمد بخش بخش خان مهر صاحب ٿورو هن طرف به توجه ڏيندا هي جروار ڀرسان يوسي دلمراد گبول جي ٽن ڳوٺن سهجو گبول,نور محمد جلباڻي ڳوٺ ٻڍو بوزدار جا سوين ڳوٺاڻا روڊ نه هجڻ سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيا آهن سرن سان 16 سال اڳ ۾ ٺهيل روڊ مڪمل طور هاڻي ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته هي روڊ ڪيترائي ڀيرا ڪاغذن ۾ ٺهي چڪو آهي پر زميني حقيقت توهان جي سامهون آهي معاملي جو فوري نوٽيس وٺي روڊ جي تعمير جو ڪم جلد شروع ڪرايو جيئن ڳوٺاڻا هن جديد دور ۾ روڊ جي سهولت هجڻ جو فائدو وٺي سگهن برساتن جي صورت ۾ گپ ۽ پاڻي هجڻ سبب ڳوٺاڻا شهر طرف به نٿا وڃي سگهن,