Hala citizen ھالا نيو سنڌ media group

Hala citizen ھالا نيو سنڌ media group The News of Hala citizen areas Village

02/11/2024
02/11/2024

*افسوسناڪ خبر*

*ڳوٺ سلطان سهتو جي غير مسلم فيملي جي گاڏي ڳوٺ سوڀو خان نظاماڻي وٽ روڊ خراب هئڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، عورتن کي شديد زخمي حالت ۾ سرڪاري اسپتال منتقل ڪرڻ جا اطلاع...!!*

07/08/2023

ڏسٽرڪ پيس مٽياري جا غازي............

جڏهن مهانگائي جو طوفان هجي جڏهن عادل مان عدالت نڪري وڃي..!!!حڪمران ظالم زاني شرابي هجن سردار پير وڏيرا ننگن دنگن جا محاف...
06/08/2023

جڏهن مهانگائي جو طوفان هجي
جڏهن عادل مان عدالت نڪري وڃي..!!!

حڪمران ظالم زاني شرابي هجن
سردار پير وڏيرا ننگن دنگن جا محافظ بجائي هاري ۽
غريب جا لوڙها لتاڙين پوء اتي عزتون ماني
ڳڀي تي وڪرو ٿيندويون آھن.!!💔😰

چين ۾ برساتن جو 140 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 22 ڄڻا فوت 27 گم
06/08/2023

چين ۾ برساتن جو 140 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، 22 ڄڻا فوت 27 گم

05/08/2023

مبارڪ
ڪجھ ڏينهن ۾ الله ورايو خاصخيلي عارب نظاماڻي نور محمد جلالاڻي سونو نظاماڻي سوڀو نظاماڻي ماهي ڪيريو سلطان سهتو وارن ڳوٺن لاء خوشخبري

05/08/2023

مخدومن صاحبن کي هڪڙو عرض
مرحوم علي شير ڪيريو سڄي زندگي توهان سان وفا ڪئي سياسي هلچل تبديل ٿيندي رهي پر مرحوم پنهنجي جاء تان چرڻ ب پسند ن ڪيو سندس سفر غمي هجي يا خوشي هر تصوير ۾ سروري جماعت ء پ پ جو احوال ضرور هوندو هيو ان کان وڌيڪ وفا ٻيو آخر ڇا هوندي
سندس فرضند پڙھيل لکيل آھن پر بي روزگار آھن محنت مضدور ڪن ٿا اسان اپيل ڪنداسين مخدوم خاندان کي ت هنن معصومن کي سرڪاري ڊيوٽي ڏياري وڃي ت جئين ٻين جي محٿاجي کان سواء پنهنجي امڙ ء پنهنجي گهر کي هلائي سگهن

انالله وانا اليه راجعون ووٽ وٺڻ وارا وڏيرا پير مير سڀ مري ويا جي زندا هجن ها ت واعدا وفا ڪن ها ,,,,ڳوٺ سلطان سهتو جي مين...
05/08/2023

انالله وانا اليه راجعون
ووٽ وٺڻ وارا وڏيرا پير مير سڀ مري ويا جي زندا هجن ها ت واعدا وفا ڪن ها ,,,,
ڳوٺ سلطان سهتو جي مين گلي ميگهواڙ ء سهتا برادري جي 40 کان 50 گهرن تي مشتمل جنهنجو هي حشر آھي پر يوسي جي بجٽ تي رڳي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جو حق آھي جٿي بجٽ استعمال پئي ٿئي هي ڳوٺ لاوارث آھن اگر ڪا فوتگي ٿئي يا ڪا ڊليوري ٿئي ت ٻڌايو هتان ميت يا اليل ماڻهون کي هاسپيٽل ڪئين پهچائيجي خدارا هاڻي ت سوچو پنهنجي پاڻ لاء

30/07/2023

اسسٽنٽ رجسٽرار R مھراڻ يونيورسٽي ٽرانسپورٽ سيشن محترم طارق احمد صدر صاحب پنجاھ ھزار دستخط مھم ۾ حصو وٺي حضرت يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿي ويو اسان پر اميد آھيون ت ھي دستخط مھم سنڌ توڙي مٽياري ضلعي ۾ سماجي ۽ ترقياتي تبديلي لاء ڪارگر ثابت ٿيندي۔

29/07/2023

ٽائون ڪميٽي ھالا پراڻا وارڊ نمبر 1 جي ڪوري امام بارگاهه جي گيٽ جي اڳيان هي حالت.

29/07/2023

*باطل خلاف جنگ جوٽڻ حقيقي درس ڪربلا آهي*

يونين ڪائونسل اجن شاھ، يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي ۽ يونين ڪائونسل فتح محمد شاھ سان تعلق رکندڙ سڀني سني، شيعا ڀائرن کي اطلاع ٿو ڪجي تہ علائقي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ هلندڙ جوا ۽ منشيات جي اڏن سبب علائقي جو امان و امان انتهائي خراب ٿي ويو آهي، چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ فائرنگ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، انڪري سڀاڻي 8 محرم الحرام بروز خميس جي ڏينهن تي شام جو 4:00 بجي انجمن حيدري ڳوٺ عارب خان نظاماڻي ۾ علائقي جون ننڍيون توڙي وڏيون انجمنون، نوحہ خوان، علماء ڪرام و ذاڪرين ۽ شيعا و سني تنظيمن جا اڳواڻ جمع ٿيندا، جتان حسيني قافلي جي صورت ۾ شام جو 5:00 بجي ھالا ،شهدادپور روڊ تي اجن شاھ پولیس چوڪي وٽ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو...!!

علائقي جي توهان سڀني سني، شيعا ڀائرن کي التماس ٿي ڪجي تہ امن و امان جو مسئلو اسان سڀني جو اجتماعي مسئلو آهي انڪري اتحاد بين المسلمین جو مظاهرو ڪندي ۽ پنھنجو ديني فريضو سمجهندي هن احتجاجي ڌرڻي ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي...!!

*(لبيڪ يا حسين عليه السلام)*

(برائي مهرباني هن ميسيج کي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين شيئر ڪيو وڃي)

29/07/2023

*ڌرڻي جو پروگرام ڪينسل ڪرڻ جو اعلان*

ايس ايڇ او ھالا وڏي نفري سان گڏ درگاھ مالڪ ڏنو شاھ تي ڇاپو هڻي جوا جو اڏو بند ڪرائي ڇڏيو...!!

جوا جو اڏو بند ڪرائڻ کان پوءِ ايس ايڇ او ھالا جي ڳوٺ عارب خان نظاماڻي ۾ مومنين سان ملاقات ۽ جوا جو اڏو مستقل بنيادن تي بند ڪرائڻ جي خاطري کانپوءِ سڀني عزادارن جي اجتماعي فيصلي سان اڄ هالا شهدادپور روڊ تي شام جو 5:00 بجي لڳندڙ ڌرڻي جو اعلان واپس ورتو ٿو وڃي...!!

سڀني دوستن جي مهرباني جن سوشل ميڊيا تي جوا جو اڏو بند ڪرائڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏنو... 🙏🙏🙏

Address

Hala Nawa

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Hala citizen ھالا نيو سنڌ media group posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share