Humsari

Humsari It's a new general Sindhi magazine, progressive and independent, wants to create its own writers club we are working on youtube videos too.

After the pandemic crisis Hum magazine has been an online journal. You can subscribe to our Humsari Sindh channel.

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو ٻيون)ھمسري ميگزين لاءِ راءِ ۽ تجويز شبير کوکرھمعصر صحافت ۾ محترمه زاھدہ ابڙو جو نالو ڪافي نرال...
11/06/2026

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو ٻيون)
ھمسري ميگزين لاءِ راءِ ۽ تجويز
شبير کوکر
ھمعصر صحافت ۾ محترمه زاھدہ ابڙو جو نالو ڪافي نرالو ،اڻڌريو ، جدت پسند ،غير روايتي ۽ مثالي آهي. ھمسري ميگزين ۾ شامل مواد جا مضمون ۽ ڪتابن تي تبصرا ڪافي اھميت رکن ٿا، ان کان علاوه ڪتابن جو تعارف پڻ قابل تعريف آهي. ڪجھ شخصيتن جا انٽرويو پڻ مزيدار رھيا آھن. مجموعي طور ميگزين ادبي علمي مڪالمي جي لحاظ کان اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.
تجويز: سنڌي صحافت روايتي طور سرگرم رھي آھي، پر ان کي غير روايتي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صحافت کي ھمعصر دور جي اھم ڪردارن، اختلاف راءِ، متبادل بيانيي کي دريافت ڪرڻ کپي جيڪو ڪم تمام گھٽ ٿيو آهي. اڪثر صحافي رڳو مشھور شخصيتن تائين محدود رھيا آھن.
***
نفيس نهڙي
استاد
همسري ادب جي دنيا ۾ نه صرف ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس هر پڙهندڙ کي پنهنجي پسند جو مواد پڙهڻ لاءِ مهيا ڪري رهيو آهي. تنهنڪري انيڪ پڙهندڙ دلچسپيءَ سان هر مهيني نئين شماري جو بي صبري سان انتظار ڪن ٿا. ڊجيٽل دنيا ۾ همسري جو ڀلوڙ ڪردار آهي جتي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍڙي تجويز آهي ته جتي فيس بڪ تي مئگزين جي لنڪ رکي وڃي ٿي ته ان سان گڏ مڪمل مواد سان شماري جون تصويرون پڻ رکيون وڃن ته شايد پڙهڻ وارن جو تعداد اڃان به آساني سان وڌي سگهڻ جو چٽو امڪان آهي. مئگزين جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ايڊيٽر ۽ سندس سموري سٿ داد لهڻي، جو اهي مئگزين کي هميشه وقت تي پهچائي پڙهندڙن جو انتظار ختم ڪن ٿا. هن نفسانفسي جي مصروف دور ۾ سنڌي ادب جو هر مهيني انمول تحفو پيش ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. همسري کي يارهين سالگره جي ڊگهي سفر جي مسلسل ڪاميابي تي گهڻيون واڌايون پيش ڪجن ٿيون.
***
ھمسري مئگزين کي 11 هين سالگرهه جون دل سان واڌايون
گلزار چنا
استاد
سنڌي ادب، ثقافت، سماجي شعور ۽ نون قلمڪارن جي همت افزائي لاءِ ھمسري جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، اھو بيحد ساراهه جوڳو آھي.۔ خاص طور تي ڊجيٽل دور ۾ جتي پڙهڻ جو لاڙو گهٽجي رهيو آھي، اتي ھمسري آن لائين پليٽ فارمن، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل اشاعت ذريعي سنڌي ادب کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي اهم ذميواري نڀائي آھي.۔ اڄ جي نوجوانن کي ادب، فڪر، تاريخ، فلسفي ۽ سماجي سوالن سان ڳنڍڻ ۾ ھمسري جو ڪردار انتهائي اهم محسوس ٿئي ٿو۔. ڪجهه سال اڳ مون ھمسري رسالي ڏانهن پنھنجي ھڪ مختصر ڪھاڻي اماڻي ھئي۔ مون کي بلڪل به اميد نه ھئي ته اها شايع ٿيندي، پر جڏهن هڪ دوست ٻڌايو ته توھان جي ڪھاڻي ھمسري ۾ ڇپجي وئي آھي. تڏهن جيڪا حيرت ڀري خوشي محسوس ٿي، سا اڄ به ياد آھي۔ ان ڏينهن کان ھمسري سان ھڪ جذباتي ۽ ادبي رشتو جڙي ويو۔، اڄ اھو منھنجي لاءِ اعزاز جي ڳالھه آھي ته مان ھمسري اخبار نصيرآباد جو رپورٽر پڻ آھيان۔. منهنجي نظر ۾ ھمسري جي وڏي خوبي اها آهي ته اتي نون لکندڙن کي صرف جاءِ نٿي ڏني وڃي، پر انهن جي اعتماد کي هٿي به ڏني ٿي وڃي.۔ ادب سان گڏ سماجي مسئلن، ثقافتي سڃاڻپ ۽ شعوري بحثن کي به ھمسري هميشه اهميت ڏني آھي۔ ڪجھه تجويزون: ڊجيٽل ايپ يا جديد ويب سائيٽ ذريعي رسالي کي وڌيڪ عالمي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي. نوجوانن لاءِ آن لائين ادبي مقابلا، ويبينار ۽ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيا وڃن. آڊيو بڪ، پوڊ ڪاسٽ ۽ وڊيو مواد ذريعي سنڌي ادب کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو وڃي. مختلف شهرن جي نوجوان رپورٽرن ۽ ليکڪن کي وڌيڪ موقعا ڏنا وڃن۔.
***
همسري ميگزين کي 11 هين سالگره مبارڪ!
علي نواز راهمون
سماجي اڳواڻ
همسري پنهنجي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن ذريعي پڙهندڙن جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ ٺاهي آهي.۔ 11 سالن جو هي سفر علم، شعور ۽ سنڌي سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ قابلِ تعريف رهيو آهي. همسري ٽيم تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي! اي-مئگزين جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين همسري آسان ۽ جديد انداز ۾ مواد پهچائي رهيو آهي. هتي همسري لاءِ ڪجهه ڪارآمد صلاحون پيش ڪجن ٿيون: موضوعاتي خاص اشاعتون: عورتن جي بااختياري، ماحوليات، تعليم، ديهي روزگار، روايتن ۽ ورثي جهڙن موضوعن تي خاص اشاعتون شايع ڪيون وڃن. گڏوگڏ ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سان انٽرويوز ۽ فيچرز باقاعدي شامل ڪيا وڃن. ميگزين جي لي آئوٽ ۽ ڊزائين کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ انفوگرافڪس، فوٽوگرافي ۽ تصويرن جو استعمال وڌايو وڃي ته جيئن ميگزين وڌيڪ دلڪش ۽ جديد نظر اچي.
***
ستار سروهي
ميڊم اوهان کي همسري جي يارنهن سالن جي ڪامياب سفر جون مبارڪون هجن، جنهن ۾ اوهان مسلسل پرعزم رهيا آهيو. اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ٽيم لاءِ نيڪ تمنائون.
***
مدهوش مير
ھمسري جي ٽيم سان گڏ مان ان جي ايڊيٽر ۽ پبلشر ميڊم زاھده ابڙو کي جس پيش ڪيان ٿو، جيڪا ھڪ زنده دل، دماغ، روشن خيال ۽ اعليٰ ظرف عورت آھي. مون ھمسري مئگزين هارڊ ڪاپي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪي اين شاھ جھڙي ننڍڙي شھر ۾ ھر مھيني 15 کان 18 ڪڏھن 20 ڪاپيون سرڪيوليٽ ٿينديون ھيون. هن جي وڏي خوبي اھا آھي ته مواد معياري آهي. اهڙا موضوع جن کي ڪيترائي ادارا ڇاپڻ کان پهرين سئو دفعا سوچيندا آھن، ھمسري انهن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪيو آهي. ھمسري جي يارھين سالگره تي ميڊم زاھده ابڙو ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون.
***
وزير حسين ميمڻ
ھمسري کي يارھين سالگره ملھائڻ تي دل جي گھراين سان مبارڪون هجن. ادي زاهده جي بي لوث محنت ۽ اڻورچائي سبب ھي ادارو پنھنجو حق ادا ڪري رھيو آھي. بنا ڪنھن اپت جي مسلسل هي ادارو جدوجھد ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ لاءِ بي لوث طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. اوھان لک لک واڌاين جا مستحق آهيو.
***
اڪرم حيدري
استاد/ليکڪ/شاهه جو شارح
ھمسري ميگزين جي يارنھن سالن جي شاندار ادبي سفر تي ميڊم زاھدہ ابڙو صاحبه ۽ پوري ھمسري سٿ کي دل جي گھراين سان واڌايون ۽ دعائن ڀريون مبارڪون. اھا خوشيءَ جي ڳالھہ آھي ته ھمسري پنھنجي ادبي معيار، سھڻي پيشڪش ۽ نون موضوعن وسيلي سنڌي ادب جي خدمت جو جيڪو سفر شروع ڪيو، سو اڄ به ساڳئي جذبي سان جاري آھي۔. اسان کي هميشه ھمسري پاران سٺي موٽ، عزت ۽ حوصلا افزائي ملي آھي، جنھن لاءِ اسين پوري سٿ جا دل سان شڪرگذار آھيون.۔ دعا آھي ته ھي ادبي قافلو ائين ئي روشنين، محبتن ۽ علمي خوشبوئن سان اڳتي وڌندو رھي. ساڳئي وقت هڪ تجويز آهي ته جيئن نون ليکڪن جي همت افزائي ڪئي ٿي وڃي تيئن اڀرندڙ اديبن ۽ شاعرن جا ننڍا ننڍا انٽرويو به شايع ڪيا وڃن جيڪي سندن حوصلا افزائي ڪندا. اميد ته ان ڳالهه تي عمل ڪيو ويندو.
***
ياسر منگي
سيڪريٽري (سنڌي ادبي شاخ ڏوڪري)
ڊجيٽل دور جي تيز رفتاريءَ ۾، جتي ماڻهن جي دلچسپي مختصر وڊيوز، تڪڙين خبرن ۽ سوشل ميڊيا جي عارضي مواد ڏانهن وڌي رهي آهي، اُتي ڪنهن ادبي ۽ فڪري رسالي جو مسلسل يارنهن سال زندهه رهڻ ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ، ڪا معمولي ڳالهه ناهي. رسالا ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ادبي نبض هوندا آهن۔ اهي رڳو لکڻيون ڇاپڻ جو ذريعو ناهن هوندا، پر نون خيالن کي جنم ڏيڻ، تخليقي ذهنن کي همٿائڻ ۽ سماج جي فڪري تربيت ڪرڻ جو اهم ڪم به سرانجام ڏيندا آهن. خاص طور سنڌي ادب ۾ رسالن جي تاريخ انتهائي اهم رهي آهي، ڇو ته ڪيترن ئي وڏن شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن جا ابتدائي آواز رسالن جي صفحن تان ئي سامهون آيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ “ھمسري” جو مسلسل يارنهن سالن تائين ادب، سماج، عورتن جي مسئلن، نون خيالن ۽ تخليقي اظهار کي جاءِ ڏيڻ، هڪ ذميواراڻو ۽ سنجيده ادبي ڪم آهي. “ھمسري” جي سڀ کان خوبصورت ڳالهه اها آهي ته هن رسالي پاڻ کي رڳو روايتي ادبي دائري تائين محدود نه رکيو، پر وقت جي سوالن، سماجي تبديلين ۽ نئين نسل جي احساسن سان به پنهنجو رشتو جوڙي رکيو. ان جي صفحن ۾ جتي تخليق جو حسن ملي ٿو، اُتي شعور جي روشني به نظر اچي ٿي. هي رسالو اختلافن کان ڊڄڻ بدران مختلف خيالن کي جاءِ ڏئي هڪ صحتمند ادبي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، جيڪا ڪنهن به سنجيده ادبي اداري جي سڃاڻپ هوندي آهي. هن سڄي سفر ۾ ايڊيٽر زاهده ابڙو جي سنجيدگي ۽ ادبي وابستگيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن رسالي کي سالن تائين جاري رکڻ رڳو انتظامي ڪم نه هوندو آهي، پر ان لاءِ مستقل مزاجي، وسيع نظر، برداشت ۽ ادب سان سچي محبت جي ضرورت پوندي آهي. زاهده ابڙو جنهن خاموش محنت ۽ فڪري ذميواريءَ سان “ھمسري” کي اڳتي وڌايو آهي، ان مان صاف محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ رسالي کي ذاتي شوق بدران هڪ ادبي ذميواري سمجهي ٿي۔. شايد اهوئي سبب آهي جو “ھمسري” پڙهندڙن ۽ لکندڙن ٻنهي وٽ پنهنجو اعتماد قائم ڪري سگهيو آهي. “ھمسري” جي يارھين سالگره رڳو هڪ رسالي جي سالگره ناهي، پر اها سنڌي ادب جي زنده هجڻ، پڙهڻ جي روايت جي جاري رهڻ ۽ فڪري گفتگوءَ جي تسلسل جي به تاريخ آهي، ان ڪري دل سان واڌايون “ھمسري” جي سموري ٽيم، لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي، جن هن ادبي سفر کي ممڪن بڻايو.
***
ريحانه فتح خان
استاد
سماج جي بند ڪمري ۾ جتي سچ چوڻ تي پهرا هجن ۽ حساس موضوعن تي لکڻ کان اڳ وڏا وڏا دانشور پنهنجا قلم لڪائي ويهن، اتي گذريل يارهن سالن کان مسلسل هڪ چراغ روشن آهي، جنهن جو نالو آهي ”همسري”! آئون ”همسري“ جي پوري ٽيم ۽ ان جي باني، محترمه ميڊم زاهده ابڙو کي دل جي گهراين سان سلام ۽ جس پيش ڪيان ٿي. ميڊم زاهده هڪ روشن خيال، اعليٰ ظرف ۽ زنده دل دماغ جو اهو نيلوفر آهي، جنهن سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ مصلحت پسندي جي برف کي پنهنجي بهادريءَ، صلاحيت ۽ قابليت سان ڳاري ڇڏيو آهي. مون جيئن ئي “همسري” پڙهڻ شروع ڪيو ته ان جي معيار ۽ بي باڪيءَ مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ مون ھمسري ۾ مواد موڪلڻ شروع ڪيو ھو. همسري جي يارهين سالگره جي موقعي تي، آئون ميڊم زاهده ۽ سندس سڄي سٿ کي هن علمي، ادبي ۽ فڪري معرڪي سر ڪرڻ تي شاباس ڏيان ٿي. قلم ۽ شعور جو هي رشتو هميشه سلامت رهي!
***
عبدالقيوم مڱريو
همسري سٿ تمام بھترين ڪم ڪري رھي آھي پنھنجي وس آھر ڪوششون جاري رکڻ کپن. اسان سکندڙ ۽ پڙھندڙ آھيون ڪڏھن ڪڏھن تنقيدي سوال ۽ سماج سڌاري جون ڳالھايون پڻ لکي ڇڏيندا آھيون. ھن وقت سچ ڳالھائڻ، لکڻ، چوڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي، پر وري به سچ سچ آھي ۽ ڪوڙي شھرت کي لڪائڻ لاءِ وري به سچن ماڻھو جو استعمال ڪيو ويندو آھي.
***
اسدالله فيض الله
ايڊووڪيٽ
سچ ته اڄ تائين مون ھمسري ميگزين ناھي پڙھيو، پر مئگزين پڙھندڙ دوستن جا بھترين ۽ مثبت ڪمينٽس پڙھي دل چاھيو ته اھو مئگزين ضرور پڙھڻ گھرجي. شروعات اڄ کان ئي.
***

ھمسري ميگزين لاءِ راءِ ۽ تجويز شبير کوکر ھمعصر صحافت ۾ محترمه زاھدہ ابڙو جو نالو ڪافي نرالو ،اڻڌريو ،

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو پهريون)ڊاڪٽر مشتاق احمد راهوهمسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيان...
11/06/2026

همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو پهريون)
ڊاڪٽر مشتاق احمد راهو
همسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيان ٿو۔. همسري صرف هڪ رسالو نه، پر سنڌي ادب، ثقافت، علم ۽ شعور جي خوبصورت ترجماني ڪندڙ هڪ بهترين ادبي پليٽ فارم آهي.۔ هتي نون لاڙن، ترقي پسند سوچن ۽ سماجي سجاڳي کي هٿي ڏني وئي آهي، جنهن سبب هي مئگزين سنڌ سميت سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهيو وڃي ٿو. همسري ٽيم ڪڏهن به پراڻن ۽ نون ليکڪن ۾ فرق ناهي رکيو.۔ سڀني کي هڪ جهڙا ۽ برابر موقعا فراهم ڪيا آهن.۔ اهوئي سبب آهي جو ڪيترن ئي نون ليکڪن کي سڃاڻپ ملي ۽ پڙهندڙن کي معياري ادب. همسري ۾ شايع ٿيندڙ مضمون، ڪهاڻيون، تبصرا ۽ تحقيقاتي ليک هميشه يادگار ۽ فڪري هوندا آهن.۔ خاص طور هن وقت شايع ٿيندڙ شوڪت لوهار ۽ ڪامران جتوئي جون لکڻيون انتهائي شاندار، اثرائتيون ۽ پڙهڻ وٽان آهن۔. دعا آهي ته همسري مئگزين اهڙيءَ ريت ادب ۽ مثبت سوچ جي روشني پکيڙيندو رهي.
***
همسري کي دل جي گهراين سان مبارڪون
ديوي ناگراڻي
ڪهاڻيڪار/فلوريڊا آمريڪا
زاهده صاحبه همسري جي اشاعت جي يارهين سالگره تي دل جي گهراين سان مبارڪون، جيڪو هڪ شاندار جشن آهي. ان موقعي تي مان خاص طور تي چيف ايڊيٽر زاهده صاحبه ۽ پوري ايڊيٽوريل ٽيم کي دل سان مبارڪون پيش ڪريان ٿي. همسري هڪ معياري ادبي ميگزين آهي، جيڪو پراڻن ۽ نون ليکڪن لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ مون جهڙا ليکڪ به شامل آهن. حقيقت ۾ اهو سنڌ ۽ هند جي ليکڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل آهي. جيئن مون لاءِ آهي، مان اهو ضرور چونديس ته: “هر اهو شخص جنهن توهان کي اعتماد ڏنو، توهان ان جا وڏا مقروض آهيو.” جيئن ٽرومين ڪيپوٽي صحيح چيو آهي، مان هن موقعي تي همسري جا ٿورا مڃڻ چاهيان ٿي، جنهن منهنجي لکڻين کي هر وقت شايع ڪيو جڏهن به مون موڪليو. مان ان ڳالهه جو به قدر ڪريان ٿي ته منهنجون لکڻيون وقت تي اي ميل ذريعي پهچي وڃن ٿيون. شڪرگذاري ۽ نيڪ خواهشن سان.
***
همسري: يارهين سالگره، فڪر ۽ احساسن جي يارهين بهار
سرمد کوسو
سنڌي صحافت، ادب ۽ فڪر جي دنيا ۾ “همسري” هڪ اهڙو خوبصورت ادبي، علمي ۽ سماجي سفر جو نالو آهي، جنهن پنهنجي يارهين سالگره تائين پهچندي نه رڳو پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي، پر مسلسل پنهنجي فڪري سگهه، ادبي معيار ۽ سماجي سچائيءَ وسيلي پڙهندڙن جي دلين ۾ الڳ مقام پيدا ڪيو آهي. هي صرف همسري رسالي جي عمر جو جشن ناهي، پر اهو سنڌي ادب، صحافت، فڪر ۽ شعور جي مسلسل جاري رهندڙ ان جدوجهد جي ڪاميابي آهي، جيڪا علم، ادب ۽ سچ جي روشنيءَ سان جاري آهي. “همسري” پنهنجي شروع کان ئي ادب کي فقط تفريح يا لفظن جي خوبصورتيءَ تائين محدود نه رکيو، پر ان کي سماج جي درد، انسان جي داخلي ڪيفيت، سياسي شعور ۽ سماجي مسئلن سان ڳنڍي پيش ڪيو. هن رسالي جي صفحن ۾ جتي سياسي تجزيا ۽ سماجي مسئلن تي فڪري مضمون ملن ٿا. اتي ئي شاعريءَ جي لطافت، ڪهاڻين جي حساسيت، ناولن جي وسعت، آتم ڪٿائن جي سچائي ۽ فڪشن جي تخليقي دنيا به موجود نظر اچي ٿي. “همسري” پنهنجي پڙهندڙن کي صرف ادب پڙهڻ لاءِ مواد نه ڏنو آهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سماج کي نئين نظر سان ڏسڻ جو شعور پڻ عطا ڪيو آهي. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ سياسي مضمونن وقت جي حالتن، قومي مسئلن، جمهوريت، انساني حقن ۽ سماجي انصاف بابت هڪ ذميواراڻو فڪري ماحول پيدا ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت سماجي موضوعن تي لکيل تحريرن عورتن جي مسئلن، تعليم، غربت، ٻارن جي حقن، ماحوليات ۽ سماجي تبديليءَ جهڙن اهم موضوعن کي به اجاگر ڪيو آهي. ادبي حوالي سان “همسري” هڪ مڪمل ادبي گلستان جي حيثيت رکي ٿو. هن رسالي ڪيترن ئي نون ۽ نوجوان قلمڪارن کي متعارف ڪرايو، سندن همت افزائي ڪئي ۽ کين ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ عطا ڪئي. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ شاعري نه رڳو احساسن جي ترجمان رهي آهي، پر ان ۾ وقت جي درد، محبت، مزاحمت، خوابن ۽ انسان دوستيءَ جي به خوبصورت عڪاسي ملي ٿي. وقت سان گڏ “همسري” پنهنجي فڪري ۽ ادبي سفر کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان به هم آهنگ ڪيو آهي. هارڊ ڪاپي ۾ ايندڙ مئگزين اڄ ڊجيٽل مئگزين جي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي رهيو آهي. هيءَ تبديلي فقط فني ضرورت نه، پر وقت جي گهرج مطابق هڪ دور انديش قدم آهي. ڊجيٽل دنيا ۾ “همسري” جو اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچو ادب ۽ معياري صحافت وقت سان گڏ پنهنجو انداز ته بدلائي سگهي ٿي، پر پنهنجي روح ۽ فڪر کي ڪڏهن به مرڻ نٿي ڏئي. خاص طور تي “همسري” جو يوٽيوب چئنل به هاڻي ادبي ۽ فڪري سرگرمين جو هڪ اهم مرڪز بڻجي رهيو آهي. هن پليٽ فارم وسيلي انٽرويوز، ادبي ويهڪون، شاعري، تنقيدي گفتگو ۽ سماجي موضوعن تي پروگرام نه صرف سنڌ اندر، پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن تائين پهچي رهيا آهن. زاهده ابڙو جي ادارت هيٺ “همسري” ادب، صحافت ۽ سماجي شعور جي هڪ اهڙي دري بڻجي سامهون آيو آهي، جتان نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان احساس جنم وٺندا رهيا آهن. هنن نه صرف ليکڪن ۽ شاعرن کي عزت ڏني آهي، پر ادب کي هڪ مهذب ۽ شعوري سماج جي تعمير جو ذريعو بڻائڻ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. دعا آهي ته “همسري” جا صفحا هميشه علم، محبت، شعور، سچائي ۽ تخليق جي خوشبو سان مهڪندا رهن. يارهين سالگره تي “همسري” ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن قلمڪارن، پڙهندڙن ۽ خاص طور ميڊم زاهده ابڙو صاحبه کي دل جي گهراين سان واڌايون.
***
همسري کي 11هين سالگره جون واڌايون
مهر فقير
چوندا آهن ته محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، جيڪو به انسان جنهن به اداري ۾ محنت ڪري ٿو اهو سڦلتا ۽ عزت حاصل ڪري ٿو، ايئن ادب جي دنيا ۾ جن به محنت ڪئي انهن کي مان مليو آهي ۽ اهي منزلون طئي ڪندي ڪامياب ٿيا آهن، سو هتي اڄ مختصر طور تي ذڪر ڪبو ماهوار مئگزين همسري حيدرآباد جو جيڪو يارنهن سالن جي لڳاتار اشاعت بعد پنهنجي 11هين سالگره ملهائي رهيو آهي. تحرير کي مختصر ڪندي لکجي ٿو ته:
سڄڻ سالگره جون، ور ور توء واڌايون،
صاحب ڪندء سڻايون، سکيو هوندين سنسار ۾. ( مهر فقير )
( همسري ميڊيا هائوس جو بنياد جون 2015ع ۾ پيو ۽ جون 2026ع ۾ همسري جي 11هين سالگره ملهائي ويندي ). همسري جديد دور جو اهو واحد مئگزين آهي جيڪو 2015ع کان بنا ڪنهن وقفي ۽ تاخير جي ادب جي خدمت ڪندو پيو رهي، همسري جي سموري سٿ کي جس هجي جيڪي اڻٿڪ محنت سان همسري کي ادب دوستن تائين پهچائي ادبي فرض جو پورائو ڪري رهيا آهن. مان هتي هڪ ڳالھه فخر سان لکڻ ٿو چاهيان ته همسري ڪڏهن به سينيئر ۽ جونيئر وارو فرق ناهي ڪيو. ڇو ته هتي هميشه تحرير جي معيار کي ئي مان مليو آهي. همسري جو هڪ ٻيو به بهترين پاسو آهي ته هن مئگزين ۾ جيڪو به مواد شامل ٿيو آهي، سو سڄي سنڌ جي رهنمائي ڪندڙ هوندو آهي. ڇو ته هتي پڙهندڙ کي پرڏيهي ادب کان علاوه ملڪي ادب جنهن ۾ حالات ۽ واقعات، سياسي تجزيا، ڪتابن تي تبصرا، ٻارن لاءِ مواد، شعر و شاعري، ڊائري جا پنا، سماجي ڪٿائون، عورتن سان ٿيندڙ انياءُ ۽ عورتن جي حقن بابت تحريرون وغيره وغيره شامل هونديون آهي. سچ ته اڪثر ڪري دوستن کي همسري جو انتظار ايئن رهندو آهي جيئن روزائتن کي افطاري يا عيد جي چنڊ جو انتظار رهندو آهي. همسري جي اها به خوبي آهي ته مئگزين جي سٿ ڪڏهن به ڪنهن به رائيٽر کي مايوس ۽ نااميد ناهي ڪيو، بلڪه سدائين لکندڙن کي همٿايو آهي ۽ هنن جي رهنمائي ۽ تربيت ڪئي آهي. ڇو ته هي هڪ ادارو آهي ۽ ادارو سڀني جي لاءِ هوندو آهي. همسري مئگزين ته هڪ ماهوار مئگزين آهي، پر همسري روزاني اخبار به آهي جيڪا به مئگزين وانگر پڙهندڙن کي وستين واهڻن جي هر خبر کان باخبر رکي قومي فرض ادا ڪري رهي آهي. سچ ته همسري سٿ هڪ جاکوڙي ۽ کاهوڙي سٿ آهي جيڪا بنا ڪنهن ٿڪ ۽ ساهي جي صف اول تي نمايان نظر ايندي آهي.
رهي شل سلامت دلبرن جي دلبري،
هجئي سالگره مبارڪ اي همسري.
همسري سٿ کي همسري جي 11هين سالگره جون لک لک واڌايون هجن.
***
ڊاڪٽر فوزيه عامر صديقي
اسسٽنٽ پروفيسرسائڪالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ماھوار ھمسري رسالي کي يارھن سال مڪمل ڪرڻ تي لک واڌايون. ادي زاھدہ ابڙو ۽ سندن سڄي ٽيم جا وڏا ٿورا جيڪي ھن بيحد مصروف ۽ ٿڪائيندڙ زندگي ۾ ماڻھن کي گھر ويٺي سماجي، معاشي، نفسياتي ۽ تفريحي مواد مھيا ڪن ٿا. ھمسري جي اوسر لاءِ نيڪ تمنائون.
***
همسري جي يارهين سالگره مبارڪ هجي
بختاور رزاق درس
همسري منھنجي لاءِ هڪ الڳ حيثيت رکندڙ پبليڪيشن آهي، جتي مون زندگي جي پھرين رچنا موڪلي هئي(ڏھ جريب) ڪهاڻي، جنهن کي شايع ڪري مونکي مان بخشيو. آئون سمجهان ٿي، زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ هر پهريون واقعو، پهريون حادثو، پهرين خوشي ۽ پهرين محبت لاشعور تي گهري ڇاپ ڇڏيندي آهي ۽ ياد بڻجي هميشه رهجي ويندي آهي. پهرين خوشي به مقدس عقيدن ۽ ٻاراڻي روش جهڙي هوندي آهي. همسري مون لاءِ خاص آهي. هر طرح سان، هر حوالي سان، ڇو ته همسري منهنجي سڃاڻپ آهي، مون کي متعارف ڪرائيندڙ آهي. هن جي ڊگهي سفر پويان هلڪي سيڪ تي پچيل شخصيت جي اڻ ٿڪ ۽ اڻ ورچ محنت آهي. ميڊم سان فون تي کوڙ ساريون ڪچهريون ٿيون. سندس نکريل شخصيت جي غائبانه ڇاپ هميشه محسوس ڪيم. آئون سوچيندي هيس، ڪير ڪيئن ٿو ايترو سٺو ٿي سگهي. جڏهن ميڊم سان روبرو ملاقات ٿي ته هڪ شفيق سلجهيل ٻاجهاري قربائتي ماءُ جهڙو احساس محسوس ٿيو هئم. سندس لفظن ۾ ساھ هو، دل هئي، ڌڙڪن هئي، دماغ هو، اتساهه هو، رهنمائي هئي، واکاڻ هئي. پوءِ ته مون به اکيون پوري پئي رنڊا روڙيا ۽ همسري اهي پئي شايع ڪيا. آئون خوش آهيان! همسري جي ڊگهي سفر طئي ڪرڻ تي. جس لهو. اسان کي خاص محسوس ڪرائڻ ۽ لفٽ ڪرائڻ تي کوڙ مهربانيون ۽ همسري کي مڻين مبارڪون.
***
ھمسري جو شعوري جاڳرتا جو سفر
خوشبو بلوچ
ليکڪا/استاد
دور بدلجي چڪو آھي زندگي جي ھر شعبي ۾ جدت اچي رھي آھي ..! سائنس، انساني زندگي کي آسان ڪري ڇڏيو آھي. دنيا ھڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي انٽرنيٽ ۽ موبائيل فاصلا گهٽائي ڇڏيا آھن. ڪتابن جي جاءِ تي ڪمپيوٽر اچي ويو آھي. ان ٽيڪنالاجي جو اثر ادب تي پڻ پيو، پھرئين ڪتاب لکڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ جتي سال لڳي ويندا ھئا اتي ھاڻي اهو ڪم گهٽ وقت ۾ ٿيڻ لڳو آهي. ڪتابن جي جاءِ ويب سائيٽ والاري آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ ڪتاب کي آن لائين پڙھڻ جو رجحان وڌي رھيو آھي. جيتوڻيڪ ويب سائيٽ تي مئگزين آڻڻ به ڪو آسان ڪم نه آھي، پر جتي محنت ۽ سچائي هجي ته ڪم آسان ٿي ويندو آهي. ادب جي دنيا ۾ اھڙو ئي عزم ۽ ارادو محترمه زاھده ابڙو ڏيکاريو آهي. ھمسري اهو مئگزين آهي جيڪو وقت ۽ حالتن جي ضرورت مطابق مواد شايع ڪري ٿو. ھمسري ادبي تحريرن سان گڏ ملڪي سياسي ۽ سماجي ۽ معلوماتي مضمونن سان مزين ھڪ بھترين مئگزين ھجڻ سان گڏ ھڪ عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين تي مضمون شايع ڪري ھڪ شعوري آگاھي مھيا ڪندو رھي ٿو. مئگزين جي سرواڻ محترمه زاھده ابڙو ۽ پوري سٿ کي مئگزين جي يارھن سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿي.
***
سالگرهه مبارڪ هجي، همسري!
ڪامران جتوئي قاضي احمد
هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ شايد ئي ڪو همسري ميگزين جهڙو ڊجيٽل يا هارڊ ڪاپي ۾ نڪرندڙ ميگزين هجي، جيڪو هر حوالي سان انيڪ موضوعن تي معياري مواد ڇاپي ۽ مسلسل وقت سر شايع ٿئي. همسري روشن سنڌ جي نويد آهي. همسري نوان ليکڪ پيدا ڪيا آهن. معياري ادب پيش ڪيو آهي. همسري جا ايڊيٽوريل ڪوڙھہ ۾ ورتل سماج جي لاءِ ترياق آهن. اڄ جي همسري سڀاڻ جي تاريخ آهي. اسان جي ايندڙ نسلن کي اسڪولن جي نصابي ڪتابن کان وڌيڪ همسريءَ جا پرچا/ايڊيشن ڪم ايندا. ميگزين جي وقت سر پڌرو ٿيڻ، لي آئوٽ کان ويندي، پڙهندڙ جي ذوق کي نظر ۾ رکي، معياري چونڊ لکڻين کي ڇاپڻ ڏاڍو محنت طلب ۽ صبر وارو ڪم آهي، جنهن جو ڪريڊٽ ايڊيٽر صاحبه ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو، جو سندن ڪم کي داد/مڃتا ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. سنڌ اوهان جي پورهئي کي مانُ ضرور ڏيندي.
***
عبدالسميع وسير
قانوندان
ھمسري جي سموري سٿ کي “ھمسري” جي يارھين سالگره تي کوڙ ساريون واڌايون هجن. سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ مئگزينن مان ھمسري مئگزين تمام مختصر وقت ۾ پنهنجي تمام سٺي ۽ منفرد ساک ٺاهي آهي. هن اداري مختلف مسئلن تي جھڙيءَ ريت پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ نون موضوعن کي اسپيس ڏنو آھي سا ڳالهه ساراھ جوڳي آهي. ڪجهه سال پھرين جڏھن مون پھريون دفعو ڪالم، تبصرا لکڻ شروع ڪيا ته ھمسري مئگزين مون کي سٺو اسپيس ڏنو، ان تي آئون ھمسري مئگزين جي ايڊيٽر ميڊم زاھده ابڙو صاحبه جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجا ليک مئگزين ۾ شامل ڪيا، اھا منهنجي لاءِ تمام گھڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ھمسري نوجوانن کي اسپيس پيو ڏي. ھمسري لاءِ نيڪ تمنائون!
***
همسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي تاثرات
يوسف جميل لغاري
استاد
جتي پڙهڻ جو رجحان آهستي آهستي گهٽجندو پيو وڃي، اتي همسري مئگزين جو يارنهن سالن تائين مسلسل فڪري، ادبي ۽ سماجي شعور کي زنده رکڻ قابلِ تحسين عمل آهي.۔ هي نه رڳو هڪ آن لائين رسالو آهي، پر هن ادبي احساس، علمي گفتگو ۽ سماجي سجاڳي کي هڪ مضبوط پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي۔. خاص طور تي نوجوان قلمڪارن، استادن، محققن ۽ سماجي شعور رکندڙ ماڻهن کي آواز ڏيڻ ۾ همسري جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي.۔ ڊجيٽل دنيا ۾ مواد جي گهڻائي باوجود معيار کي برقرار رکڻ، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتي کي محفوظ رکڻ ۽ جديد موضوعن کي ادبي انداز سان پيش ڪرڻ همسري جي وڏي ڪاميابي آهي۔. همسري مئگزين کي يارهين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون۔.
***
ھمسريءَ جي 11 سالگره مناسبت سان
مير سردار چنڙ
ايم فل اسڪالر ( سنڌي ٻولي)
ادبي دنيا ۾ رسالا اُن ڪرنگهيءَ جي هڏي جيان آهن، جنهن جي سهاري ادب واڌ ويجهه ڪندو آهي. ڪوبه ادب تڏهن ترقيءَ جي راهه تي هلي سگهندو آهي، جڏهن اُن ادب ۾ رسالن جي اهميت کي سمجهيو ويندو آهي. سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ به رسالن هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔. گذريل ٻن صدين کان رسالن جو سنڌي ادب تي وڏو اثر رهيو آهي. هن وقت تائين سوين رسالا جاري ٿيا ۽ پوءِ بند به ٿيا آهن، پر هر رسالي جو پنهنجو ادبي ڪارج رهيو آهي. هر رسالي ادب جي ترقيءَ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي۔. اڄ جيڪي به اديب، دانشور، ليکڪ، شاعر ۽ قلمڪار اسان جي سامهون آهن، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن رسالي جي پيداوار آهن. انهن جي واڌ ويجهه ۾ ڪنهن نه ڪنهن رسالي جو ضرور ڪردار رهيو آهي، جنھن بعد اڄ ھن مقام تي موجود آھن. سنڌي ادب ۾ موجوده دور ۾ “همسري” رسالو انهن چند رسالن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي پنهنجي معيار سبب خاص اهميت رکن ٿا. “همسري” رسالو اڄ کان يارهن سال اڳ شايع ٿيو ۽ اڄ تائين هن رسالي جا سوين شمارا شايع ٿي چڪا آهن، پر اڄ به هن جي معيار ۾ تر جيترو به فرق ناهي آيو، اڄ به پڙھندڙن توڙي لکندڙن جي دلين تي ساڳيو راڄ ڪري ٿو، اڄ به پڙھندڙ مهيني جي شروعات ۾ “ھمسريءَ” جو وڏي بي صبريءَ سان انتظار جي اوسيئڙي ۾ رھن ٿا. “همسري” رسالو رڳو خاموشي واري انداز ۾ ادبي ڪم ناهي ڪيو، پر هن هر ڀيري وڏي واڪي سنڌ جي قلمڪارن کي پڪاريو آهي ته اچو! سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو۔ “همسري” جو شروع کان هڪ نهايت اهم اصول رهيو آهي ته: “معيار اوهان ڏيو ۽ پليٽ فارم اوهان کي اسان مهيا ڪنداسين.” يعني اوهان ادبي معيار تي پورا لهو ته اسان نه صرف اوهان جي اصلاح ڪنداسين، پر اوهان جي خيالن کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين تائين به پهچائينداسين۔. “همسري” رسالو گذريل يارهن سالن کان سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪندو اچي پيو.۔ هن رسالي مان مون جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن لکڻ سکيو ۽ لکڻ شروع ڪيو۔. هي منفرد انداز ۾ نڪرندڙ رسالو آهي، جنهن ۾ ادب، لسانيات، افسانوي ادب، غير افسانوي ادب، لوڪ ادب توڙي سياست جهڙن موضوعن تي پڙهڻ لاءِ مواد ملي ٿو.۔ ان سان گڏ مختلف وقتن تي عالمي منظرنامي ۽ سائنسي ادب بابت پڻ وڏي مقدار ۾ معياري مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.۔ “همسري” رسالي جي ايڊيٽر زاهده ابڙو ساراهه لهڻي، جيڪا مسلسل يارهن سالن کان “همسري” رسالي کي ساڳئي معيار سان جاري رکندي اچي ٿي.۔ جيڪڏهن اهو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته موجوده دور ۾ جيڪڏهن هڪ ئي وقت ادبي، سائنسي ۽ عالمي معيار جو سنڌي رسالو نڪري ٿو ته اهو “همسري” ئي آهي، جيڪو پوري دنيا جي ادب، سياست ۽ سائنس تي گهري نظر رکندي هر مهيني پابنديءَ سان شايع ٿيندو رهي ٿو. هن وقت تائين “همسري” رسالي جا جيڪي به شمارا جاري ٿيا آهن، تن ۾ علمي ۽ ادبي خزاني جا انمول هيرا موجود آهن.۔ اها دعويٰ بيجا نه ٿيندي ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ “همسري” جو هڪ اهم مقام آهي، جيڪو سدائين قائم رهندو۔. مان “همسريءَ” جي پڙهندڙن ۽ “همسريءَ” جي ايڊيٽر زاهده ابڙو کي “همسريءَ” جي يارهين سالگره جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
***

ڊاڪٽر مشتاق احمد راهو همسري مئگزين جي 11 هين سالگره تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪيان ٿو۔. همسري

عوام جي بجيٽ جو انتظار اجايو آهي!اعجاز ممنائيڪو دور هو جڏهن ماڻهو سڄو سال بجيٽ جو انتظار ڪندا هئا ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيند...
11/06/2026

عوام جي بجيٽ جو انتظار اجايو آهي!
اعجاز ممنائي
ڪو دور هو جڏهن ماڻهو سڄو سال بجيٽ جو انتظار ڪندا هئا ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيندي ۽ عوام کي رليف ملندو ۽ سڄي سال جا ٿڪ لهي ويندا. ڇو ته عوام کي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو بجيٽ جي وڏي خبر ملندي هئي ته ڪهڙي شيءِ سستي ٿيندي ۽ ڪهڙي شيءِ مهانگي ٿيندي، پر هاڻي ته روزاني جي بنياد تي نئين بجيٽ غريب عوام تي مسلط ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب عوام کي هاڻي سال ۾ هڪ ڀيرو پيش ٿيندڙ بجيٽ جو ڪوبه اوسيئڙو ناهي هوندو، جتي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ روزانو اضافو ٿئي اتي جون واري بجيٽ طرف ماڻهو ڇو ڏسندا. هن وقت ظلم اهو آهي ته جيئن ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌن ٿيون ته روزمره جون شيون هڪدم آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿيون. اڳي هڪ دفعو سال ۾ بجيٽ پيش ٿيندي هئي ته سڄو سال ان تي عوام گذر ڪري وٺندو هو، پر هاڻي نه عوام حڪومتي فيصلن تي ڌيان ٿو ڏئي ۽ نه حڪومت عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ٿي. ان ڪري هاڻي بجيٽ مان اميدون رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. ڇو ته بجيٽ اچڻ کان اڳ ئي جيڪي خبرون گردش ڪري رهيون آهن، انهن مان غريب جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. خبرون ٻڌائين ٿيون ته حڪومت کي آئي ايم ايف جي شرطن اڳيان جهڪايو ويو آهي. بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ، سڀ امير ٽيڪسن کان آجا ۽ غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ جو رجحان قائم آهي. هاڻي سولر پليٽ تي به ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. نه رڳو جنرل سيلز ٽيڪس ۾ اضافي جا واضح اشارا ملي رهيا آهن، پر مختلف قسمن جي شين تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون عروج تي آهن. هن وقت مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقي جي معاشي حالت بدتر آهي، هو علاج ۽ ٻارن جي تعليم جا خرچ به برداشت نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن وچولي طبقي جي ڳالهه ڪجي ته اهو به پنهنجي سفيد پوشيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ زندگي جي گاڏي کي ڌڪي رهيو آهي. مهانگائي جنهن رفتار سان وڌي رهي آهي، تنهن ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون اٽي ۾ لوڻ برابر محسوس ٿين ٿيون. ان ڪري ملازم مجبور ٿي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۽ پنهنجن حقن جي جنگ وڙهڻ لاءِ پارليامينٽ جي ايوانن ڏانهن رخ ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
اصل ڳالهه اها آهي ته حڪمران عوام جي نالي تي قرض کڻي پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀري پنهنجون ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن ۽ قوم کي آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هن وقت قرضن جي ان ڦاهي کان بچڻ لاءِ ڪو به رستو نظر نه ٿو اچي. چند ارب ڊالر جي قرضن جي حصول لاءِ پنهنجي قوم کي گروي رکڻ ڪٿان جو انصاف آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پنهنجي شهرين کي رليف ڏيڻ بدران آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي مٿن وڌيڪ بار وجهي رهي آهي. ان ڪري غريب عوام لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪابه اميد جهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي. ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ٻين ضروري شيون جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جا اشارا پڻ ملي رهيا آهن. جتي جنگ ٿي رهي آهي اتي عوام کي ڀرپور رليف ڏنو پيو وڃي، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ جنگ جي نالي تي مهانگائي جو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ عوام کي نه گئس مهيا آهي نه بجلي، نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه تعليم، نه صحت، نه سيڪيورٽي ۽ نه امن و امان حاصل آهن. اهڙي ملڪ ۾ زندگي گذارڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي. هن وقت ڳالهه صاف آهي ته مشڪلاتن جو طوفان اڃان مڪمل نه ٿيو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته ڪنهن به جنگ کانسواءِ ملڪ جي معيشت جو سڌرڻ ناممڪن آهي. پگهاردار طبقو هتي ٽيڪس ڏئي ٿڪجي پيو آهي ۽ حاڪم جن کان ٽيڪس گڏ ڪرڻ گهرجي انهن ۾ هٿ وجهڻ کان ڪيٻائي ٿو ۽ ڪمزور طبقي مٿان هر هر ٽيڪس لاڳو ڪري ان کي دٻاءُ ۾ وجهي رهيو آهي. بيروزگاري خطرناڪ حد تائين وڌي چڪي آهي، نوجوان طبقو مايوسيءَ جو شڪار آهي ۽ روزانو غربت سبب خودڪشيون ٿي رهيون آهن. صنعتون بند ٿي رهيون آهن، سرڪاري شعبن ۾ روزگار جا ذريعي محدود ڪيا ويا آهن. عوام لاءِ پاليسيون سخت ڪيون پيون وڃن. لڳي ٿو ته اسان جي حڪمرانن کان ملڪ نه هلي رهيو آهي. حڪمرانن کي عوام جو وڌيڪ امتحان نه وٺڻ گهرجي، انهن کي عوام جي رد عمل کان ڊڄڻ گهرجي. عوام مهانگائيءَ سبب پنهنجو اولاد ۽ پنهنجي جسم جا عضوا وڪڻڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪمران واقعي ملڪ ۽ عوام سان مخلص آهن ته انهن غريبن جو خون چوسڻ بدران اشرافيه جي مٿان ٽيڪس لڳائين، انهن جون مراعات ختم ڪن ۽ پنهنجن شاهي خرچن ۾ گهٽتائي آهي عوام کي رليف فراهم ڪن. بک هميشه انقلاب لاءِ راهون هموار ڪندي آهي، عوام جي صبر جي هڪ حد هوندي آهي. عوام جي صبر کي وڌيڪ نه آزمايو وڃي.

ڪو دور هو جڏهن ماڻهو سڄو سال بجيٽ جو انتظار ڪندا هئا ته جون ۾ بجيٽ پيش ٿيندي ۽ عوام

۽ اوڀايو خان خشڪ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جو ڪيس اڌورو ڇڏي ويو زاهد اسحاق سومروجيتوڻيڪ هو گھڻي عرصي کان سنڌ سان لاڳاپيل پاڻي ...
11/06/2026

۽ اوڀايو خان خشڪ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جو ڪيس اڌورو ڇڏي ويو
زاهد اسحاق سومرو
جيتوڻيڪ هو گھڻي عرصي کان سنڌ سان لاڳاپيل پاڻي مامرن ۽ تڪراري منصوبن تي لاڳيتو لکندو رهيو آهي، پر ويجهڙائي ۾ مختلف فني، علمي، سماجي ۽ سياسي فورمن تي سنڌ پنجاب پاڻي تڪرارن سميت وفاقي حڪومتن جي تڪراري رٿائن تي ڀرپور ڳالھائيندو پڻ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ھو سنڌو درياءَ سان بي پناهه محبت ۽ عشق ڪري ٿو، سندس 7 ڪتاب رڳو سنڌو ندي جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ ڊيمن جي مخالفت ۾ لکڻ اھڙي پيار جو اظهار آهن. سنڌو درياءَ جي وارياسي مٽيءَ جو ڳوھيل ھي شخص اوڀايو خان خشڪ سنڌو درياءَ جي سمنڊ کي ڀاڪرين پائڻ واري حصي کاري ڇاڻ کان ٿورو پھرين گھوڙاٻاري جي ھڪ ڳوٺڙي درويش ۾ جنم ورتو هو. سندس اندر ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي جو گھرو اثر موجود رهيو. بنيادي طور ھو ترقي پسند سوچ رکندڙ ھڪ سياسي ڪارڪن رهيو، جنھن 60 واري ڏهاڪي ۾ ون يونٽ خلاف شاگرد جدوجهد ۾ ڪارڪن کان اڳواڻي ڪرڻ، پمفليٽ لکڻ کان جيل ڪاٽڻ تائين وطن ۽ نظريي لاءِ جاکوڙيو. وري سب انجنيئر طور آبپاشي کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ستٽيھه سال نوڪري ڪرڻ بعد سپرنٽينڊنٽ انجنيئر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ھاڻي پاڻي جي حوالي سان گھڻو تجربو ۽ گھرو مشاهدو ۽ مطالعو سندس حصي ۾ اچي ويو. نوڪري دوران مختلف ھنڌن تي رھندي سنڌو درياءَ ۽ ان جي سموري آبپاشي نظام جو تمام ويجهو تجربو ۽ مشاهدو ڪيو، جنھن ۾ ھن پاڻيءَ بابت سٺي ڄاڻ ماڻي.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سبجيڪٽ تي ٿورا ماڻهو لکڻ وارا آهن، پاڻي ھڪ باقاعدي سبجيڪٽ آهي جنهن بابت سنڌ جي عام ماڻهو کي به ڄاڻ رکڻ گهرجي. رسول بخش پليجو ۽ ادريس راجپوت کانپوءِ اوڀايو خان خشڪ به پاڻي مامرن تي فني مھارت سان سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس وڙھندو رهيو. هن پنهنجي صلاحيتن آڌار تي ھن سنڌو درياءَ تي پاڻي جي ڌاڙن خلاف لکڻ سان ڳالهائڻ به فرض بڻائي ڇڏيو هو. ڪٿي به علمي، ادبي، سياسي، سماجي، گڏجاڻي ، ڪانفرنس يا ميڙاڪو ھجي يا ذاتي محفل ھجي اتي پاڻ سنڌ جي پاڻي مامرن تي بحث مباحثو يا ڳالهه بنا ڊپ ۽ ڊاءُ جي ضرور ڪندو هو. اوڀايو خان خشڪ قلم جي جنبش سان جيڪي ست ڪتاب پاڻي بابت لکيا، تن ۾ سنڌو درياءَ تي اوئل کان پنجاب جي ھٿ چراند، ورھاڱي وقت پاڻيءَ معاملن ۾ سنڌ يا ڪنهن به سنڌي ماڻهو جي نمائندگي نه ھئڻ، سنڌو طاس معاھدي، 1991ع واري ٺاھ ، چولستان ڪئنال سميت سنڌو ۽ ان جي ڀرتو ندين بابت تمام تفصيلي تار وھندڙ سنڌو ندي جيان کرو لکي سنڌ مخالف قوتن جي چالاڪين، سازشن، شرارتن ۽ زيادتين جا پردا چاڪ ڪيا آهن. تڪراري چولستان ڪئنال بابت سنڌ جو پھريون ماڻهو ھو، جنھن ملڪ جي صدر کي چولستان ڪئنالن متعلق بريفنگ ڏيڻ کان اڳ به پاڻ اڪيلي سر ٺٽي پريس ڪلب پهچي ھٿ ۾ چولستان ڪئنال نامنظور سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا لکيل پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. ان کان ڪجهه ڏينهن بعد قومپرستن سميت سياسي ڌرين چولستان ڪئنالن جي معاملي کي اڀاريو، پر جڏهن اوڀائي خان ٺٽي پريس ڪلب جي اڱڻ ۾ اڪيلي سر بيھي احتجاج ڪيو، تڏهن صحافي کيس حيرت سان ڏسندا رهيا ته ھڪ ٻاھتر سال بيمار پيرسن پاڻي ماھر سنڌو درياءَ تي وڌيڪ پاڻيءَ تي ڌاڙي جون ڳالهيون ڪري پيو جو چولستان ڪئنال جو معاملو ڇا آهي. هن چولستان ڪئنال کي ڪالاباغ ڊيم جو ٻيو نالو سڏيندي ان تي لکيل آرٽيڪل جون فوٽو ڪاپيون صحافين ۾ ورھائي کين چوندو رهيو ته پاڻيءَ جي معاملن ۾ ھي منصوبو سنڌ کي ختم ڪرڻ جو منصوبو آهي، ان تي رڙيون ڪريو، وڙهو ۽ لکو ته سنڌو درياءَ مري ويندو ۽ سنڌ مري ويندي. سندس ڪتابن ۾ ھڪ ڪتاب چولستان ڪئنال کان ڪالاباغ ڊيم نالي به معلوماتي ڪتاب لکيل آهي.
ذاتي زندگي ۾ سنڌ سان سندس عشق رھيو. سنڌ جي تاريخ، سماجيات، ثقافت، ٻولي ۽ ادب سان گڏوگڏ سنڌي ماڻهن جي چوطرف پيو گھمندو ڦرندو رھندو ھو. سندس اوطاق ۾ قائم سندس ذاتي لائبريري مخدوم معين لائبريري ۾ وڏي انگ سٺي ڪليڪشن نظر ايندي رهي آهي. سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا جي تبديل ٿيندڙ نقشي کي ڏسندي ڏسندي هي سنڌ جو عاشق پنهنجون اکيون اوچتو ئي پوري هليو ويو ۽ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي تي لکيل تاريخ اڌوري رھجي وئي.

جيتوڻيڪ هو گھڻي عرصي کان سنڌ سان لاڳاپيل پاڻي مامرن ۽ تڪراري منصوبن تي لاڳيتو لکندو رهيو آهي، پر ويجهڙائي

“آئيس” سماجي تباهي ۽ نسلن جي بربادي!عامر انصاريسماج جڏهن پَنهنجي اندر جهاتي پائي ٿو ته اُن کي صَرف ترقي، جديديت ۽ تبديلي...
11/06/2026

“آئيس” سماجي تباهي ۽ نسلن جي بربادي!
عامر انصاري
سماج جڏهن پَنهنجي اندر جهاتي پائي ٿو ته اُن کي صَرف ترقي، جديديت ۽ تبديلي نظر نٿي اچي، پر اُن سان گڏ ڪُجهه اهڙا خاموش، تيز ۽ انتهائي خطرناڪ زهر به سامهون اچن ٿا، جيڪي آهستي آهستي نسلن جي بُنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏين ٿا. اهڙن خطرن مان سَڀ کان وڌيڪَ ڳڻتي جوڳي حقيقت ”آئيس” (Ice) آهي، جيڪو جديد دور جو هڪ مصنوعي، ڪيميائي ۽ انتهائي خطرناڪ نشو آهي. هي نشو هاڻي ڪنهن هڪ طبقي، هڪ علائقي يا هڪ خاص سماجي گروهه تائين محدود ناهي رهيو، پر اُهو شهرن کان ڳوٺن، گهٽين، تعليمي ادارن ۽ گهرن جي اندر خاموشيءَ سان پَنهنجي تباهي جا پير کوڙي چُڪو آهي. آئيس، جنهن کي سائنسي طور ميٿ ايمفيٽامين چيو وڃي ٿو، ھي ليبارٽري ۾ تيار ٿيندڙ ڪيميائي مرڪب آهي، جيڪو انساني دماغ جي فطري نظام سان هٿ چراند ڪري ٿو. اُهو شيشي جهڙو چمڪندڙ ڪرسٽل جهڙو آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو اُن جي ظاهري شڪل کان دوکو کائي وڃن ٿا، پر اُن اندر خطرناڪ زهر انساني دماغ، دل، جسم ۽ شعور کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو. تحقيق مطابق آئيس دماغ ۾ ڊوپامين جي مقدار کي غير فطري حد تائين وڌائي ٿو، جنهن سان واپرائيندڙ عارضي خوشي، جوش ۽ توانائي محسوس ڪري ٿو، پر اُها خوشي هڪ فريب وانگر آهي جيڪا انسان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. آئيس يا ميٿ ايمفيٽامين ھي مرڪب پهريون ڀيرو 1887ع ۾ جرمن ڪيمسٽن تيار ڪيو، اُن وقت اُن جو استعمال محدود هو، پر وقت گُذرڻ سان گڏ اُن جي استعمال جا رُخ بدلجي ويا. ٻي عالمي جنگ دوران 1939ع کان 1945ع تائين فوجي سپاهين کي جاڳائڻ ۽ متحرڪ رکڻ لاءِ هِن نشي آور دوا جو استعمال ڪيو ويو. خاص طور تي جاپاني فوج ۾ “ميٿ” جو استعمال وَڏي پيماني تي ڪيو ويو، جتي سپاهين جي ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ ۽ کين متحرڪ رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. جنهن بعد جنگ ختم ٿيڻ تي هي مرڪب آهستي آهستي غير قانوني منشيات جي دُنيا ۾ داخل ٿي ويو. جنگ کانپوءِ آئيس جي پيداوار ۽ واپار آهستي آهستي وڌڻ لڳو. مختلف غيرقانوني گروهن اُن کي هڪ ڪاروبار طور اختيار ڪيو ۽ دُنيا جي مختلف علائقن تائين رسائي شروع ٿي وئي. وقت سان گڏ اُن جي تياري آسان ٿي وئي، خرچ گهٽجي ويو ۽ اثر وڌيڪَ خطرناڪ ٿي ويا، جنهن سبب اُهو عالمي سطح تي هڪ وَڏو سماجي مسئلو بڻجي ويو. پاڪستان تائين هِن نشي جو سفر عالمي منشيات جي نيٽ ورڪن سان جُڙيل آهي. جڏهن 1980-90 جي ڏهاڪن ۾ افغانستان ۾ جنگين سبب منشيات جو واپار وڌيو، تڏهن پاڪستان به اُن تباهي کان محفوظ نه رهيو. شروع ۾ هيروئن ۽ چرس جهڙيون منشيات عام ٿيون، پر وقت سان گڏ مصنوعي منشيات به مُلڪ ۾ داخل ٿيڻ لڳيون. 2000ع کانپوءِ آئيس جو استعمال ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو، پر 2010ع کانپوءِ آئيس جو نشو سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس ۽ ٻين هنڌن هِن نشي جا ڪيس تيزيءَ سان وڌيا آهن. هي نشو شهري علائقن کان ننڍن شهرن، گھرن، ڳوٺن ۽ هاڻي تعليمي ادارن تائين پُهچي چڪو آهي. هن وقت حالت ڳنڀير آهي، ڇو ته آئيس هاڻي صرف گهٽين يا غير رسمي جاين تائين محدود ناهي، پر اُهو يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ڪُجهه حلقن تائين به پُهچي چُڪو آهي. جتي علم، شعور ۽ مستقبل جي تعمير ٿيڻ گهرجي، اُتي هي نشو خاموشي سان نوجوان ذهنن کي تباهه ڪري رهيو آهي. ڪيترن تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي روين ۾ تبديليون، پڙهائي کان بي رخي ۽ نفسياتي مسئلن جي پويان هِن نشي جو اثر ڏٺو وڃي پيو. رپورٽن موجب پاڪستان ۾ آئيس جي تباهي انتها تائين پهچي چُڪي آهي. هر ڏينهن لڳ ڀڳ 700 انسان نشي سان لاڳاپيل بيمارين، اوورڊوز ۽ اُن جي پيچيدگين سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي وڃن ٿا. مطلب ته هر ڪلاڪ ۾ تقريبن 25 کان 30 قيمتي جانيون خاموشي سان ضايع ٿيون ٿيون. هي زهر هر سال تقريبن 2.5 لک انساني زندگيون ڳڙڪائي وڃي ٿو. جنهن جي پويان تباهه خاندان، روئندڙ مائون، ٽٽل پيءُ ۽ دردناڪ مستقبل جي ڪهاڻي لڪل هوندي آهي. خاص طور تي جڏهن آئيس جي ڳالهه ڪجي ٿي ته صُورتحال وڌيڪَ ڳڻتي جوڳي ٿي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ صرف آئيس سبب ٿيندڙ موتن جو ڪوبه تصديق ٿيل رڪارڊ موجود ناهي. گهڻا ڪيس رپورٽ ئي ناهن ٿين يا وري ٻين طبي سببن نالي هيٺ لڪي وڃن ٿا. ان نشي جو هڪ ٻيو ڳڻتيءَ جوڳو پاسو اُهو آهي ته هِن وبا جو شڪار صرف مرد ۽ ڇوڪرا ناهن، پر عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون به اُن جي وَرِ چڙهيل آهن. مختلف طبي ۽ سماجي رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ هن نشي جو استعمال تيزيءَ سان هلي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته عورتن ۽ ڇوڪرين ۾ هن نشي جا اثر اڪثر سماجي، ذهني دٻاءُ، غلط صحبت يا لڪل حالت ۾ ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن جي درست ڊيٽا سامهون نٿي اچي. اُن جي باوجود ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ سماجي ادارن جو چوڻ آهي ته هن نشي سبب پيدا ٿيندڙ اثرن سبب نفسياتي بيمارين، دل جي اوچتي بند ٿيڻ، خودڪشيءَ جي رجحان ۽ اوچتي موت جهڙا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هي صرف انگن جو اضافو ناهي، بلڪه هڪ اهڙو خوفناڪ سچ آهي جيڪو اَڃان تائين مڪمل طور ظاهر ئي ناهي ٿيو ۽ خاموشي سان نسلن کي ڳڙڪائيندو وڃي. تحقيق موجب هن نشي جو شڪار 15 کان 25 سالن جي عمر جا نوجوان ٿين ٿا. هيءَ عمر زندگيءَ جو اهم دور هوندو آهي، جتي خوابن، مقصدن ۽ مستقبل جا بُنياد رکيا ويندا آهن، پر ان وقت نوجوان نفسياتي طور تي تمام حساس به هوندو آهي. تجسس، دوستن جو دٻاءُ، بيروزگاري، مايوسي، غلط صحبت ۽ سماجي دٻاءُ نوجوانن کي هِن نشي ڏانهن ڌڪي ڇڏين ٿا. شروع ۾ اُهو هڪ رونشي طور آزمايو ويندو آهي ۽ پوءِ عادت ۽ ضرورت بڻجي ويندو آهي. هي نشو انسان جي ننڊ جي نظام کي متاثر ڪري ٿو. ڇو ته هن جي واپرائڻ سان دماغ غير فطري طور متحرڪ ٿي وڃي ٿو، جنهن سبب ماڻهو 6 کان 24 ڪلاڪ تائين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن کان ٽن ڏينهن تائين بنا ننڊ هلي سگهي ٿو، پر اُها ڪيفيت طاقت يا صحت جي علامت نه هوندي آهي، پوءِ اُها هڪ خطرناڪ بيماريءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. دل ۽ دماغ جو حد کان وڌيڪ متحرڪ رهڻ غير فطري هجڻ ڪري انسان چڙچڙو، بيچين ۽ جارح ٿي پوي ٿو. ڪُجهه وقت کانپوءِ اهو ڊپريشن ۽ نفسياتي بُحران ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ انسان مڪمل طور ٽٽي پوي ٿو. ماڻهو جي ننڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ بُک به ختم ٿي وڃي ٿي، جسم تيزيءَ سان ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو، وزن گهٽجي وڃي ٿو، چهري جي تازگي مڪمل طور غائب ٿي وڃي ٿي، ڏند خراب ٿي وڃن ٿا، چمڙي جي رونق ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انسان وقت کان اڳ پوڙهو نظر اچڻ لڳي ٿو. سَڀ کان خطرناڪ ڳالهه اُها آهي ته ياداشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، انسان وهمي ٿيو پوي، حقيقت ۽ خيال ۾ فرق وڃائي ويهي ٿو. دل، جگر ۽ گردا سخت متاثر ٿين ٿا ۽ پوءِ آئيس جو عادي ڪيترن ئي سببن سبب موت جي آغوش ۾ هليو وڃي ٿو. هي نشو صرف هڪ عادت ناهي، پر هڪ اهڙو بي رحم عذاب بڻجي وڃي ٿو، جيڪو انسان کان سندس خوشيون، صحت، هوش، شعور ۽ ذهن ڦري وٺي ٿو ۽ پوءِ هو اُهو نٿو ڏسي ته سندس اڳيان ڪير بيٺو آهي. هي نشو ماڻهن کي اهڙي درجي تي پهچائي ٿو جتي هو پَنهنجي ئي گهر وارن سان بدسلوڪي ۽ تشدد ڪرڻ لڳن ٿا. رشتن جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اهو گهر جيڪو نشي جي عادي جي لاءِ ڪڏهن محفوظ جاءِ پناهه هئي اهو سندس وجود سان جهنم بڻجي وڃي ٿو. اُنهن اذيتن جو گهڻو بار اُنهن معصوم نياڻين تي پوي ٿو، جيڪي بنا ڏوهه جي سزا ڀوڳين ٿيون ۽ ڪيتريون ئي نياڻيون اهڙي تشدد سبب پنهنجي زندگي وقت کان اڳ وڃائي ويهن ٿيون. جڏهن نوجوان نسل هِن نشي جو شڪار ٿئي ٿو سندن خاندانن جي هر فرد جو سڪون تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ ننڊون اُڏامي وڃن ٿيون. انهن جي تعليم جو سلسلو رڪجي وڃي ٿو ۽ اهڙا نوجوان گهڻو ڪري ڏوهن جي دنيا ۾ ڦاسي پون ٿا. اهڙا نوجوان گندگيءَ جي ڍيرن تي زندگي گذارڻ لڳن ٿا ۽ اهو منظر سندن خاندان وارن لاءِ ۽ سماج لاءِ نفرت جو سبب بڻجي وڃي ٿو. نشي جي واڌ جا اهم سبب بيروزگاري، غربت، نفسياتي دٻاءُ، سماجي بيچيني، غلط صحبت، منشيات جي آسان دستيابي ۽ قانوني ڪمزوريون آهن. تعليمي ادارن ۾ شعور جي کوٽ ۽ سوشل ميڊيا تي غلط اثر پڻ هِن مسئلي ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان هِن سماجي درد کي سمجهون ۽ هن خلاف آواز اُٿاريون ۽ معاشري کي هن زهر کان بچائڻ لاءِ گڏجي بيهون. ڇو ته اسان جي خاموشي ڪيترن ئي گهرن جا ڏيئا اُجهائي سگهي ٿي. اسان کي هن زهر خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن حڪومت منشيات خلاف سخت قانون لاڳو ڪري. اسمگلنگ نيٽ ورڪن کي مڪمل طور ختم ڪري ۽ سرحدن تي نگراني کي مضبوط بڻائي. ساڳئي وقت بحالي مرڪزن جو ڄار وڌايو وڃي، جتي متاثر ماڻهو ٻيهر زندگيءَ ڏانهن واپس اچي سگهن. تعليمي ادارن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مهمون هلائڻ گهرجن ته جيئن نوجوان طبقو محفوظ رهي. والدين کي ٻارن سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي، انهن جي اٿ ويهه، دوستن ۽ عادتن تي نظر رکڻ گهرجي. جيتوڻيڪ سماج ۾ رھندڙ ھر فرد کي اِھا خبر آهي ته آئيس هڪ خاموش دشمن آهي، پر عام طور تي ان بابت نٿو ڳالهايو وڃي. انسان ٻاهران ساڳيو نظر ٿو اچي، پر اندران مڪمل طور خالي ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن نوجوان محفوظ آهن ته قوم زنده آهي ۽ جيڪڏهن نوجوان تباهه ٿي ويو ته قوم به تباهه ٿي ويندي.

سماج جڏهن پَنهنجي اندر جهاتي پائي ٿو ته اُن کي صَرف ترقي، جديديت ۽ تبديلي نظر نٿي اچي، پر اُن

Address

3rd Street
Hussainabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Humsari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Humsari:

Share

Category