11/06/2026
همسري سالگرهه ڪمينٽس (حصو ٻيون)
ھمسري ميگزين لاءِ راءِ ۽ تجويز
شبير کوکر
ھمعصر صحافت ۾ محترمه زاھدہ ابڙو جو نالو ڪافي نرالو ،اڻڌريو ، جدت پسند ،غير روايتي ۽ مثالي آهي. ھمسري ميگزين ۾ شامل مواد جا مضمون ۽ ڪتابن تي تبصرا ڪافي اھميت رکن ٿا، ان کان علاوه ڪتابن جو تعارف پڻ قابل تعريف آهي. ڪجھ شخصيتن جا انٽرويو پڻ مزيدار رھيا آھن. مجموعي طور ميگزين ادبي علمي مڪالمي جي لحاظ کان اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.
تجويز: سنڌي صحافت روايتي طور سرگرم رھي آھي، پر ان کي غير روايتي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صحافت کي ھمعصر دور جي اھم ڪردارن، اختلاف راءِ، متبادل بيانيي کي دريافت ڪرڻ کپي جيڪو ڪم تمام گھٽ ٿيو آهي. اڪثر صحافي رڳو مشھور شخصيتن تائين محدود رھيا آھن.
***
نفيس نهڙي
استاد
همسري ادب جي دنيا ۾ نه صرف ڪردار ادا ڪيو آهي، پر اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس هر پڙهندڙ کي پنهنجي پسند جو مواد پڙهڻ لاءِ مهيا ڪري رهيو آهي. تنهنڪري انيڪ پڙهندڙ دلچسپيءَ سان هر مهيني نئين شماري جو بي صبري سان انتظار ڪن ٿا. ڊجيٽل دنيا ۾ همسري جو ڀلوڙ ڪردار آهي جتي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍڙي تجويز آهي ته جتي فيس بڪ تي مئگزين جي لنڪ رکي وڃي ٿي ته ان سان گڏ مڪمل مواد سان شماري جون تصويرون پڻ رکيون وڃن ته شايد پڙهڻ وارن جو تعداد اڃان به آساني سان وڌي سگهڻ جو چٽو امڪان آهي. مئگزين جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ايڊيٽر ۽ سندس سموري سٿ داد لهڻي، جو اهي مئگزين کي هميشه وقت تي پهچائي پڙهندڙن جو انتظار ختم ڪن ٿا. هن نفسانفسي جي مصروف دور ۾ سنڌي ادب جو هر مهيني انمول تحفو پيش ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. همسري کي يارهين سالگره جي ڊگهي سفر جي مسلسل ڪاميابي تي گهڻيون واڌايون پيش ڪجن ٿيون.
***
ھمسري مئگزين کي 11 هين سالگرهه جون دل سان واڌايون
گلزار چنا
استاد
سنڌي ادب، ثقافت، سماجي شعور ۽ نون قلمڪارن جي همت افزائي لاءِ ھمسري جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي، اھو بيحد ساراهه جوڳو آھي.۔ خاص طور تي ڊجيٽل دور ۾ جتي پڙهڻ جو لاڙو گهٽجي رهيو آھي، اتي ھمسري آن لائين پليٽ فارمن، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل اشاعت ذريعي سنڌي ادب کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي اهم ذميواري نڀائي آھي.۔ اڄ جي نوجوانن کي ادب، فڪر، تاريخ، فلسفي ۽ سماجي سوالن سان ڳنڍڻ ۾ ھمسري جو ڪردار انتهائي اهم محسوس ٿئي ٿو۔. ڪجهه سال اڳ مون ھمسري رسالي ڏانهن پنھنجي ھڪ مختصر ڪھاڻي اماڻي ھئي۔ مون کي بلڪل به اميد نه ھئي ته اها شايع ٿيندي، پر جڏهن هڪ دوست ٻڌايو ته توھان جي ڪھاڻي ھمسري ۾ ڇپجي وئي آھي. تڏهن جيڪا حيرت ڀري خوشي محسوس ٿي، سا اڄ به ياد آھي۔ ان ڏينهن کان ھمسري سان ھڪ جذباتي ۽ ادبي رشتو جڙي ويو۔، اڄ اھو منھنجي لاءِ اعزاز جي ڳالھه آھي ته مان ھمسري اخبار نصيرآباد جو رپورٽر پڻ آھيان۔. منهنجي نظر ۾ ھمسري جي وڏي خوبي اها آهي ته اتي نون لکندڙن کي صرف جاءِ نٿي ڏني وڃي، پر انهن جي اعتماد کي هٿي به ڏني ٿي وڃي.۔ ادب سان گڏ سماجي مسئلن، ثقافتي سڃاڻپ ۽ شعوري بحثن کي به ھمسري هميشه اهميت ڏني آھي۔ ڪجھه تجويزون: ڊجيٽل ايپ يا جديد ويب سائيٽ ذريعي رسالي کي وڌيڪ عالمي سطح تي متعارف ڪرايو وڃي. نوجوانن لاءِ آن لائين ادبي مقابلا، ويبينار ۽ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيا وڃن. آڊيو بڪ، پوڊ ڪاسٽ ۽ وڊيو مواد ذريعي سنڌي ادب کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو وڃي. مختلف شهرن جي نوجوان رپورٽرن ۽ ليکڪن کي وڌيڪ موقعا ڏنا وڃن۔.
***
همسري ميگزين کي 11 هين سالگره مبارڪ!
علي نواز راهمون
سماجي اڳواڻ
همسري پنهنجي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن ذريعي پڙهندڙن جي دلين ۾ هڪ خاص جاءِ ٺاهي آهي.۔ 11 سالن جو هي سفر علم، شعور ۽ سنڌي سڃاڻپ جي واڌاري لاءِ قابلِ تعريف رهيو آهي. همسري ٽيم تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي! اي-مئگزين جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين همسري آسان ۽ جديد انداز ۾ مواد پهچائي رهيو آهي. هتي همسري لاءِ ڪجهه ڪارآمد صلاحون پيش ڪجن ٿيون: موضوعاتي خاص اشاعتون: عورتن جي بااختياري، ماحوليات، تعليم، ديهي روزگار، روايتن ۽ ورثي جهڙن موضوعن تي خاص اشاعتون شايع ڪيون وڃن. گڏوگڏ ثقافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سان انٽرويوز ۽ فيچرز باقاعدي شامل ڪيا وڃن. ميگزين جي لي آئوٽ ۽ ڊزائين کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ انفوگرافڪس، فوٽوگرافي ۽ تصويرن جو استعمال وڌايو وڃي ته جيئن ميگزين وڌيڪ دلڪش ۽ جديد نظر اچي.
***
ستار سروهي
ميڊم اوهان کي همسري جي يارنهن سالن جي ڪامياب سفر جون مبارڪون هجن، جنهن ۾ اوهان مسلسل پرعزم رهيا آهيو. اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ٽيم لاءِ نيڪ تمنائون.
***
مدهوش مير
ھمسري جي ٽيم سان گڏ مان ان جي ايڊيٽر ۽ پبلشر ميڊم زاھده ابڙو کي جس پيش ڪيان ٿو، جيڪا ھڪ زنده دل، دماغ، روشن خيال ۽ اعليٰ ظرف عورت آھي. مون ھمسري مئگزين هارڊ ڪاپي ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪي اين شاھ جھڙي ننڍڙي شھر ۾ ھر مھيني 15 کان 18 ڪڏھن 20 ڪاپيون سرڪيوليٽ ٿينديون ھيون. هن جي وڏي خوبي اھا آھي ته مواد معياري آهي. اهڙا موضوع جن کي ڪيترائي ادارا ڇاپڻ کان پهرين سئو دفعا سوچيندا آھن، ھمسري انهن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪيو آهي. ھمسري جي يارھين سالگره تي ميڊم زاھده ابڙو ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون.
***
وزير حسين ميمڻ
ھمسري کي يارھين سالگره ملھائڻ تي دل جي گھراين سان مبارڪون هجن. ادي زاهده جي بي لوث محنت ۽ اڻورچائي سبب ھي ادارو پنھنجو حق ادا ڪري رھيو آھي. بنا ڪنھن اپت جي مسلسل هي ادارو جدوجھد ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ لاءِ بي لوث طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. اوھان لک لک واڌاين جا مستحق آهيو.
***
اڪرم حيدري
استاد/ليکڪ/شاهه جو شارح
ھمسري ميگزين جي يارنھن سالن جي شاندار ادبي سفر تي ميڊم زاھدہ ابڙو صاحبه ۽ پوري ھمسري سٿ کي دل جي گھراين سان واڌايون ۽ دعائن ڀريون مبارڪون. اھا خوشيءَ جي ڳالھہ آھي ته ھمسري پنھنجي ادبي معيار، سھڻي پيشڪش ۽ نون موضوعن وسيلي سنڌي ادب جي خدمت جو جيڪو سفر شروع ڪيو، سو اڄ به ساڳئي جذبي سان جاري آھي۔. اسان کي هميشه ھمسري پاران سٺي موٽ، عزت ۽ حوصلا افزائي ملي آھي، جنھن لاءِ اسين پوري سٿ جا دل سان شڪرگذار آھيون.۔ دعا آھي ته ھي ادبي قافلو ائين ئي روشنين، محبتن ۽ علمي خوشبوئن سان اڳتي وڌندو رھي. ساڳئي وقت هڪ تجويز آهي ته جيئن نون ليکڪن جي همت افزائي ڪئي ٿي وڃي تيئن اڀرندڙ اديبن ۽ شاعرن جا ننڍا ننڍا انٽرويو به شايع ڪيا وڃن جيڪي سندن حوصلا افزائي ڪندا. اميد ته ان ڳالهه تي عمل ڪيو ويندو.
***
ياسر منگي
سيڪريٽري (سنڌي ادبي شاخ ڏوڪري)
ڊجيٽل دور جي تيز رفتاريءَ ۾، جتي ماڻهن جي دلچسپي مختصر وڊيوز، تڪڙين خبرن ۽ سوشل ميڊيا جي عارضي مواد ڏانهن وڌي رهي آهي، اُتي ڪنهن ادبي ۽ فڪري رسالي جو مسلسل يارنهن سال زندهه رهڻ ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ، ڪا معمولي ڳالهه ناهي. رسالا ڪنهن به سماج جي علمي ۽ ادبي نبض هوندا آهن۔ اهي رڳو لکڻيون ڇاپڻ جو ذريعو ناهن هوندا، پر نون خيالن کي جنم ڏيڻ، تخليقي ذهنن کي همٿائڻ ۽ سماج جي فڪري تربيت ڪرڻ جو اهم ڪم به سرانجام ڏيندا آهن. خاص طور سنڌي ادب ۾ رسالن جي تاريخ انتهائي اهم رهي آهي، ڇو ته ڪيترن ئي وڏن شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن جا ابتدائي آواز رسالن جي صفحن تان ئي سامهون آيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ “ھمسري” جو مسلسل يارنهن سالن تائين ادب، سماج، عورتن جي مسئلن، نون خيالن ۽ تخليقي اظهار کي جاءِ ڏيڻ، هڪ ذميواراڻو ۽ سنجيده ادبي ڪم آهي. “ھمسري” جي سڀ کان خوبصورت ڳالهه اها آهي ته هن رسالي پاڻ کي رڳو روايتي ادبي دائري تائين محدود نه رکيو، پر وقت جي سوالن، سماجي تبديلين ۽ نئين نسل جي احساسن سان به پنهنجو رشتو جوڙي رکيو. ان جي صفحن ۾ جتي تخليق جو حسن ملي ٿو، اُتي شعور جي روشني به نظر اچي ٿي. هي رسالو اختلافن کان ڊڄڻ بدران مختلف خيالن کي جاءِ ڏئي هڪ صحتمند ادبي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، جيڪا ڪنهن به سنجيده ادبي اداري جي سڃاڻپ هوندي آهي. هن سڄي سفر ۾ ايڊيٽر زاهده ابڙو جي سنجيدگي ۽ ادبي وابستگيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن رسالي کي سالن تائين جاري رکڻ رڳو انتظامي ڪم نه هوندو آهي، پر ان لاءِ مستقل مزاجي، وسيع نظر، برداشت ۽ ادب سان سچي محبت جي ضرورت پوندي آهي. زاهده ابڙو جنهن خاموش محنت ۽ فڪري ذميواريءَ سان “ھمسري” کي اڳتي وڌايو آهي، ان مان صاف محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ رسالي کي ذاتي شوق بدران هڪ ادبي ذميواري سمجهي ٿي۔. شايد اهوئي سبب آهي جو “ھمسري” پڙهندڙن ۽ لکندڙن ٻنهي وٽ پنهنجو اعتماد قائم ڪري سگهيو آهي. “ھمسري” جي يارھين سالگره رڳو هڪ رسالي جي سالگره ناهي، پر اها سنڌي ادب جي زنده هجڻ، پڙهڻ جي روايت جي جاري رهڻ ۽ فڪري گفتگوءَ جي تسلسل جي به تاريخ آهي، ان ڪري دل سان واڌايون “ھمسري” جي سموري ٽيم، لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي، جن هن ادبي سفر کي ممڪن بڻايو.
***
ريحانه فتح خان
استاد
سماج جي بند ڪمري ۾ جتي سچ چوڻ تي پهرا هجن ۽ حساس موضوعن تي لکڻ کان اڳ وڏا وڏا دانشور پنهنجا قلم لڪائي ويهن، اتي گذريل يارهن سالن کان مسلسل هڪ چراغ روشن آهي، جنهن جو نالو آهي ”همسري”! آئون ”همسري“ جي پوري ٽيم ۽ ان جي باني، محترمه ميڊم زاهده ابڙو کي دل جي گهراين سان سلام ۽ جس پيش ڪيان ٿي. ميڊم زاهده هڪ روشن خيال، اعليٰ ظرف ۽ زنده دل دماغ جو اهو نيلوفر آهي، جنهن سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ مصلحت پسندي جي برف کي پنهنجي بهادريءَ، صلاحيت ۽ قابليت سان ڳاري ڇڏيو آهي. مون جيئن ئي “همسري” پڙهڻ شروع ڪيو ته ان جي معيار ۽ بي باڪيءَ مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ مون ھمسري ۾ مواد موڪلڻ شروع ڪيو ھو. همسري جي يارهين سالگره جي موقعي تي، آئون ميڊم زاهده ۽ سندس سڄي سٿ کي هن علمي، ادبي ۽ فڪري معرڪي سر ڪرڻ تي شاباس ڏيان ٿي. قلم ۽ شعور جو هي رشتو هميشه سلامت رهي!
***
عبدالقيوم مڱريو
همسري سٿ تمام بھترين ڪم ڪري رھي آھي پنھنجي وس آھر ڪوششون جاري رکڻ کپن. اسان سکندڙ ۽ پڙھندڙ آھيون ڪڏھن ڪڏھن تنقيدي سوال ۽ سماج سڌاري جون ڳالھايون پڻ لکي ڇڏيندا آھيون. ھن وقت سچ ڳالھائڻ، لکڻ، چوڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي، پر وري به سچ سچ آھي ۽ ڪوڙي شھرت کي لڪائڻ لاءِ وري به سچن ماڻھو جو استعمال ڪيو ويندو آھي.
***
اسدالله فيض الله
ايڊووڪيٽ
سچ ته اڄ تائين مون ھمسري ميگزين ناھي پڙھيو، پر مئگزين پڙھندڙ دوستن جا بھترين ۽ مثبت ڪمينٽس پڙھي دل چاھيو ته اھو مئگزين ضرور پڙھڻ گھرجي. شروعات اڄ کان ئي.
***
ھمسري ميگزين لاءِ راءِ ۽ تجويز شبير کوکر ھمعصر صحافت ۾ محترمه زاھدہ ابڙو جو نالو ڪافي نرالو ،اڻڌريو ،