23/10/2025
لاڙ جي تاريخ ۽ ثقافت کي نمايان ڪندڙ
۽ لاڙ ميوزيم جو بنياد وجھندڙ سومار شيخ
1975,ع ۾ آئون ٻڍو قمبراڻي لڳ پرائمري اسڪول شاھ محمد پنجابي ۾ استاد ھئس ھڪ ڏينهن ٽاڪ منجھند جو منهنجي صحافي دوست دائم علي جسڪاڻي سان ھڪ ٻيو بزرگ ھمراھ منهنجي اسڪول تي ڀرسان گذرندي اڃ لڳڻ سبب پاڻي پيئڻ لاء منهنجي اسڪول تي آيا ـ مون سندن آڌرڀاء ڪيو ـ حال احوال وٺڻ تي خبر پئي ته منهنجي دوست دائم جسڪاڻي سان گڏ ٻيو ھمراھ سومار شيخ به ھڪ استاد آهي پر ھن کي سنڌ جي قديم ماڳن بابت تحقيق ڪرڻ جو شوق نه پر عشق آهي انهيَ ڳولا جي سلسلي ۾ ھتي قديم ماڳن جي ڳولا ۾ نڪتل آهن ـ منجھند جي ماني گڏ کاڌي سون ۽ شام جو ساڻن گڏ آئون به نڪري پيس ٻڍي قمبراڻي لڳ ھڪ قديم ماڳ "ڪمن پير جو پوٺو " ڏسڻ لاء نڪتاسين ـ رات دائم جسڪاڻي وٽ گذاري صبح جو آئون ڊيوٽي تي واپس آيس ۽ شيخ سومار صاحب پنهنجي سفر تي اڳتي روانو ٿي ويو ـ انهيَ ھڪ رات جي پھرين ڪچھري ۽ ڪجھ سفر منهنجي ۽ شيخ صاحب جي جيء کي جڙي ھڪ ڪري ڇڏيو ـ جيڪا محبت شيخ صاحب جي وڇوڙي بعد به سندس خاندان سان قائم آهي ـ شيخ صاحب مون ۾ تحقيق ۽ تاريخ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو جنون پيدا ڪيو ـ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو ـ اسانجون سوين ڪچھريون ٿيون سندس بدين پريس ۽ سندس گھر منھنجا پنھنجا ٿي ويا ۽ ھو منهنجي استادن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو ـ
سندس باري ۾ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ لکيل آهي ته: مشھور محقق،اديب،شاعر ۽ نقاد سومار ولد الھبچايو شيخ بدين ضلعي جي ڳوٺ قرھيي ڀانڊاري ۾ 1935 ڌاري ڄائو۔
ھن عربي ۽ فارسي جي تعليم ميانجي عارف ۽ ھاشم منڌري وٽ،ڳوٺ دينارخان ٽالپر مان حاصل ڪئي،انکان پوء ڳوٺ غلام حسين جمالي جي مڪتب ۾ پڙھيو،1952 ۾ ٽنڊي باگي مان فائنل جو امتحان پاس ڪري،ان ئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو،1967 ۾ اديب فاضل سنڌي جو امتحان پاس ڪيائين ۽،1948 ۾ سندس شادي ٿي۔
ننڍپڻ کان ئي کيس تاريخ ۽تھذيب بابت تحقيق ڪرڻ جو شوق رھيو،ان سلسلي ۾ وسيع مطالعو ڪيائين،مختلف ماڻھن وٽ وڃي،جھرجھنگ،برن،دڙن ۽ڀٽن بابت تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ بابت نئون مواد لکيائين۔سومار شيخ ابتدا ۾”ابن الھبچايو“جي نالي سان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو،ھن جو پھريون مقالو 25صفحن تي مشتمل”مذھب ڇا آھي“ ھو۔ھن قديم آثارن،تاريخ،لوڪ ادب،سوانح ۽ ثقافت بابت تحقيق ڪئي۔زيورن،نانگن،بلائن،وڻن ٻوٽن،ھنرن ۽ لاڙ خطي بابت به لکيو۔ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريء جا مجموعا مرتب ڪيائين،سوانح عمريون لکيائين۔سندس ڇپيل پھريون ڪتاب”آڌي رات“ آھي جيڪو1955 ۾ ڇپيو۔
بدين ضلعي قائم ٿيڻ کان پوء سرڪاري عملدارن جي تعاون ۽ دلچسپي سان بدين ۾ پھريون ثقافتي ميلو لڳرايائين ۽ ”بدين جي ثقافتي تاريخ“ ڪتاب پڌرو ڪيائين۔
1952 ۾ سندس مالي حالت ايتري خراب ھئي جو سندس لائبرري جا ست مڻ ڪتاب 1400 سئو رپين ۾ وڪيائين،رٽائر ٿيڻ بعد بدين ۾ ھڪ پريس قائم ڪيائين جيڪا به مالي مشڪلاتن سبب وڪرو ڪيائين ۔ضلعي ڪائونسل جي سھڪار سان ميوزيم قائم ڪيائين جنھن ۾ ڪيترائي نوادرات جمع ڪرايائين،اھو ھاڻي”لاڙ ميوزيم“ جي نالي سان مشھور آھي۔۔۔۔
شيخ سومار جو شاھ لطيف جي ڪلام تي به ڪافي ڪم ٿيل آھي،ھن سنڌ جا جھرجھنگ جاڳي شاھ جا گم ٿيل ۽اڻ ڇپيل شعر ھٿ ڪيا،سندس ڪتابن جو تعداد232 آھي،جن مان47 ڇپيل آھن۔
سڄي ڄمار ڪارڪن ٿي ادب تي ڪم ڪرڻ وارو اھو انسان 23 آڪٽوبر1986 تي بدين ۾ وفات ڪري ويو. "
شيخ سومار جو نالو سنڌ جي لاڙ علائقي جي تمام وڏن محققن ۾ ڳڻيو وچي ٿو ـ جيڪو اعزاز سندس قابل فخر عشق ۽ سچائي سان تحقيقي ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ کيس حاصل ٿيو ـ آئون منهنجي ساڻس دوستي کي پنهنجي خوشنصيبي سمجھان ٿو ـ بقول شاھ صاحب جي ته :
مون سي ڏٺا ماء ـ جنين ڏٺو پرين کي
تنين سندي ڪا ـ ڪري نه سگھان ڳالھڙي : شاھ
يادگيريون : مشڪورڦلڪارو :