15/04/2026
افسوس💔🥹
هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾!
خيرپور ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ پئنچائت سڏائي....پيار جو پرڻو ڪندڙ خالده روبينه چانڊيو کي سام طور رکي سؤ ماڻهن جي ھجوم ۾ سنسار ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ آء جي سنڌ جاويد عالم اوڍو طرفان پوليس خلاف سخت ڪاوڙ سڀنيءَ جوابدارن ۽ جرڳو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪيو
جنھن کان پوءِ پوليس ڳوٺ ٻٽو چانڊيو ۾ سرچ آپريشن شروع ڪندي جوابدارن جي گھرن جون ديوارون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون
پوليس وڌيڪ پنج جوابدار گرفتار ڪري ورتا،،،،،،،،،،،،،،
افسوسناڪ واقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي لھر پکڙيل آهي ت خيرپور ضلعي ۾ رياست کي چيلينج ڪري پنھنجي رياست جوڙي ناري خالده چانڊيو کي وڏي ميڙاڪي ۾ کلي عام قتل ڪيو ويو آهي جيڪو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. .