26/01/2024
ضروري ڄاڻ
سمورن مانوارن پڙهندڙن ۽ پوئلڳي ڪندڙن کي هيءَ ضروري ڄاڻ ڏجي ٿي ته، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي دفتري ۽ سرڪاري 'فيس بوڪ پيج' جي منتظم (ائڊمن) جي آءِ ڊي 'هيڪ' ٿي وئي آهي. پيج جي واپسيءَ لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن. تيستائين ڪنھن به اڻوڻندڙ پوسٽ يا ڪمينٽ کي ڪوڙو ۽ جعلي سمجهي رپورٽ ڪرڻ جي گذارش ڪجي ٿي.
هيءُ مسئلو حل ٿيندي ئي سمورن سڄڻن کي آگاهي ڏني ويندي.
سليم جروار
ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.