25/04/2025
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ وسيم نالي ڇوڪرو رهندو هو. وسيم غريب ضرور هو، پر دل جو امير ۽ سچو ماڻهو هو. هن جي ماءُ چوندي هئي: "سچ هميشه ساٿ ڏئي ٿو، ڪوڙ جو انجام هميشه خراب ٿيندو آهي."
وسيم ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هو. هو ٻين ٻارن وانگر نٿو هلي، ڇو ته هو رڳو نمبر لاءِ نه پر علم لاءِ پڙهندو هو. هڪ ڏينهن اسڪول ۾ امتحان ٿيو. ڪجھ ٻار ڪوڙ سان، نقل ڪري امتحان ۾ نمبر وڌايا، پر واهو سچائي سان امتحان ڏنو. نتيجو آيو، واهو جو نمبر گهٽ هئا، پر استاد هن جي ايمانداري تي فخر ڪيو.
ڪجهه مهينا پوءِ هڪ تعليمي مقابلو ٿيو، جتي ايمانداري، علم، ۽ ذهني صلاحتين جو امتحان ورتو ويو. وسيم ان مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي محنت ۽ سچائي سان پهريون نمبر حاصل ڪيو. انعام طور هن کي شهر جي وڏي اسڪول ۾ داخلا ملي ۽ اسڪالرشپ به.
وسيم جي ڪاميابي هن جي ماءُ جي سچائي جي سکيا جو نتيجو هئي. اڄ واهو وڏو ليکڪ ۽ استاد آهي، ۽ چوندو آهي:
"جيڪڏهن تون دل سان سچو آهين، ته دنيا تنهنجي لاءِ بدلجي ويندي."
نتيجو:
زندگي جو سفر هميشه سڌو ناهي هوندو، پر جيڪڏهن اسان سچ، ايمانداري ۽ محنت سان هلنداسين ته منزل ضرور ملندي.