23/06/2026
⚖️ غير قانوني فارن ايڪسچينج ڪيس: چيني شهري جي بعد از گرفتاري ضمانت رد
ڪراچي ۾ غير قانوني فارن ايڪسچينج ڪيس ۾ گرفتار چيني شهري انتھوني هو سِياو يواؤ جي بعد از گرفتاري ضمانت جي درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي آهي۔
ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪراچي موجب خفيه اطلاع ۽ جاچ بعد ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران ملزم وٽان غير ملڪي ۽ مقامي ڪرنسي، انعامي بانڊز ۽ ڊجيٽل ڊوائيسز برآمد ڪيا ويا۔
عدالت چيو ته ملزم غير ملڪي ڪرنسي جي قانوني ذريعن کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ۽ صرف ڪرنسي جي ملڪيت ڪافي ناهي، ان جو قانوني ذريعو به ثابت ڪرڻ ضروري آهي۔
وڌيڪ چيو ويو ته سرچ وارنٽ تحت قانوني تقاضن موجب تلاشي ورتي وئي، جڏهن ته معاشي ڏوهه مالي نظام تي سڌو اثر وجهن ٿا۔
ملزم جي اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي فارنزڪ جانچ ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔