Darbadar Sail

Darbadar Sail Autophile!

گورے کالے، چھوٹے بڑے، عیسائی یہودی ،ہندو مسلم سبھی مجھ سے محبت کرتے تھے سوائے اُس شخص کے جس سے مجھے محبت تھی!   یکم جولا...
01/07/2023

گورے کالے، چھوٹے بڑے، عیسائی یہودی ،ہندو مسلم سبھی مجھ سے محبت کرتے تھے سوائے اُس شخص کے جس سے مجھے محبت تھی!



یکم جولائی
یومِ ولادت
🤎😊

اڻپوري تحرير!          ڪومائجي ويل گُلڙو...پرھ ڦٽي ٽاڻي اٿي نازڪ هٿن سان چهري کي اگهي، نفيسي طرح سان آرسي آڏو پاڻ کي مله...
30/06/2023

اڻپوري تحرير!
ڪومائجي ويل گُلڙو...
پرھ ڦٽي ٽاڻي اٿي نازڪ هٿن سان چهري کي اگهي، نفيسي طرح سان آرسي آڏو پاڻ کي ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر صبح جي پهر جي پرندن جون چون چون هن کي پنهنجو پاڻ ڏانهن مائل ڪري وڌو. زلفن و الهند کي سنوارڻ اڻپورو ڇڏي فطرت جي منتظرن ڏانهن وڃڻ عهد ٿي ويو... جيئن هوءَ اڳتي وڌندي وئي تيئن پنڊ کي رلائيندي ۽ ڀٽڪائيندي اچي ڪنهن وڻ جي لام هيٺ ويهڻ جو موقعو مليو، ٿڌا ساھ ڀريندي مولا جو شڪرانو ادا ڪيائين! پر وري به من کي قرار ڪونه پئي آيو انهي لحاظ کان پنهنجي ذات کي واحل ڪنهن راهي جيان ٿورو لطف اندوزي لا اٿي پئي، ويندي ويندي ڪيئي ڪٺن پيچرا لتاڙيندي لتاڙيندي، جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏٺو تہ نازبوءِ جو گلڙو ڪومائجي ويو آھي!؟

دربدر سائل

Happy Eid Al Adha! It is an Eid of sacrifice, and commitment of  Allah's order. May Allah SWT bless you with the same th...
29/06/2023

Happy Eid Al Adha! It is an Eid of sacrifice, and commitment of Allah's order. May Allah SWT bless you with the same thing in all circles of life.

Regards: Darbadar Sail ✨🤎🌹

جڏھن انسان زمان ماضيءَ جي جهان ۾ جهاتي پائي ڏسندو آھي، ته  ڪيترن ئي ساروڻين جي سار جا سپنا دل جي ڌرتي تي لاڏائو پکيئڙن ج...
27/06/2023

جڏھن انسان زمان ماضيءَ جي جهان ۾ جهاتي پائي ڏسندو آھي، ته ڪيترن ئي ساروڻين جي سار جا سپنا دل جي ڌرتي تي لاڏائو پکيئڙن جيان نروار ٿي پوندا آهن. جيڪي پنهنجي ديس جي مٽي کي ڇڏي ولر جو روپ ڌاري پرديس جي پٽن تي اچي ڌاڻي پاڻي جي ڳولها ۾ مشغول ٿي ويندا آهن، پر اُھي پنهنجي ديس جي مٽي کي وساري ناھن سگهندا، انهن وٽ به احساس ھوندا آھن، جنهن جي ڪري واپس ورڻ جي سڪ ۽ اڪير جون امنگون سدا بهار رھنديون آھن ۽ جيئن ئي موسمي تبديليون سازگار ٿينديون آهن؛ ته اھي واپس وڃي پنهنجي وطن جي مٽي کي داڻا چڳڻ جي ڪل سان چمي ۽ سيس نمائي ڀيٽا پيش ڪندا آهن. بلڪل ائين ئي يادن جا انبار به لامارا ڪري دل جي گهراين تائين وڃي پراڻن پٽن جي لمحن کي کن پل لاءِ نمايان انداز ۾ آڻي اداسي جي عالم جو درشن ڪرائيندا آهن، ڪڏھن انهن جي سڪ ۽ اڪير سان اکين جا پانڌ آلا ٿي پوندا آهن ته ڪڏھن انهن جي پيار ۽ محبت جا قصا ساري چپن جي مرجهائجي ويل مرڪ واپس ورڻ سان خوشين جا ڀؤنر ڀڻڪڻ لڳندا آهن. ڪڏھن وري دستبردار ٿيڻ جا سنيها ڳلن جي ڳوٺ جي گلين مان لڙڪن جون مالهائون ٺاھي قلم جي نوڪ مان نڪتل پترن جو احوال ٿيندا آهن. لَحظي مَنجِھ لَنگِھي جڏھن سارون ۽ پُڪارون دل جي در تان خزان جي زرد ٿيل پن جيان ڪِري وينديون آهن، تہ انسان زمان حال جي هلچل ۾ وڃي سوچن جي گهوڙي تي چڙهي معاشري جي فرد جِي حيثيت سان پنهنجي ڌرتي جي ماروئڙن جا ڏک ۽ ڏنڀ ڏسي بي وسي جي وڙ چڙھي ويندو آهي. بک ۽ بدحالي تي ڳڻتيون ڪري، خودڪشين جي وڌندڙ انگ تي سوچي، ڏوجهرن جي ڏونگر کي وڌندو ڏسي، بي حسي جي احساسن کي پرکي، سرتي جي سنگ کي ساري ۽ ديس جي مٽي سان پيار ۽ محبت جو وچن ورجائيندو سوچن جي ساگر کي ويران رِڻ سان وڃي سانتيڪو ڪندو آهي.

دربدر سائل

مرگهه اڃارا نيڻ...!۽ ها اهو ڏينهن چٽي طرح ياد آهي، جڏهن پرھ جي پکين جون تنوارون اينديون هيون ۽ اتر کان پاري جون سدائون ا...
27/06/2023

مرگهه اڃارا نيڻ...!

۽ ها اهو ڏينهن چٽي طرح ياد آهي، جڏهن پرھ جي پکين جون تنوارون اينديون هيون ۽ اتر کان پاري جون سدائون اينديون هيون. انهيءَ ساعت توهان يادن جي وهاڙي کي ٽيڪ ڏئي پنهنجي بي رخي انداز سان بادصبا جي آڌار ڪي ورقن جون ڊائريون اماڻندا هئا! پر ڇا ڪجي ڌنڌلن سان ڀريل آڪاش مرگھ جي ڇال جيان ايندڙ هر هن لبريز ادائن و سدائن کي چيتي جي ڏار جيان چڪنا چور ڪري ذاتي عشقيه زندان ۾ قيد ڪري هميشه هميشه جي لاءِ روحاني بزم طور سانڍي واپس موٽائي ڇڏيندو هو ۽ پنهنجو چنڊ چڪور وارو ناتو اڻپورو اڻپورو پپيهي جي اڃ جيان رلندو ڀٽڪندو رهيو!؟

دربدر سائل

22/06/2023

Hello everyone 👋
Welcome to my fb page, please like, share and follow. ✨

Address

Hyderabad Sindh
Hyderabad
17000

Telephone

+923437177664

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Darbadar Sail posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Darbadar Sail:

Share