10/04/2026
ڄامشورو جي علائقي المنظر پل ڀرسان ڪراچي موري وٽ ملبو جي ڍير مان هڪ شخص جي ڦاٿل هجڻ جي اطلاع تي هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي۔
اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 حيدرآباد جي ٽيم ترت واقعي واري هنڌ تي پهتي، جتي پوليس جي موجودگي ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون۔
شروعاتي ڪارروائي دوران ملبو مان هڪ نامعلوم شخص جي لاش کي نهايت احتياط سان ڪڍيو پيو وڃي۔ ريسڪيو اهلڪارن موجب لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد سول اسپتال منتقل ڪيو ويندو۔
ابتدائي ڄاڻ موجب هن هنڌ تي ڪجهه ڏينهن اڳ روڊ جي تعمير لاءِ بجري ۽ ٻيو تعميري سامان ڊمپ ڪيو ويو هو، جنهن سبب هي حادثو پيش آيو هجي ٿو۔
واقعي جي اصل سببن ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين پاران وڌيڪ جاچ جاري آهي