Parkash Karmwani

  • Home
  • Parkash Karmwani

Parkash Karmwani پبلشرز

 ُداس_آهي(ڪالم_مضمون)  (ڊائري)  (آتم ڪٿا)  (جيل ڊائري)  َ_ڏٺوسين(ناول)  #آئون ۽ مان(ناول)  (ناول)  (ناول)  (ناول) #يوڪوا...
24/06/2025

ُداس_آهي
(ڪالم_مضمون)



(ڊائري)



(آتم ڪٿا)



(جيل ڊائري)


َ_ڏٺوسين
(ناول)


#آئون ۽ مان
(ناول)



(ناول)



(ناول)



(ناول)
#يوڪواوگاوا
ترجمو

#ڌرتيءَ_جو_گيت
(ناول)



(ناول)


َ_واري_ڇوڪري
(ناول)
#اُڌي_پرڪاش
ترجمو


(ڪالم_مضمون)



(ڪالم_مضمون)



(آتم_ڪٿا)


۾
(تاريخ)



(تاريخ ۽ تحقيق)



(ڪھاڻيون)



(برما جو سفر نامو)


#ڪِي_جو_ڪَنھن_پار
(يورپ جو سفر نامو)



(سرائڪي شاعري)


ُوت_ڳالھائيندو
خليل ڪنڀار

#آنچليئو
(شاعري)


(سياست)



(ڪهاڻيون)


رابطي لاءِ:
سامروٽي، پبليڪيش ۽ ڪتاب گھر، مٺي
0333-3173584
0341-3386907

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جي طرفان لڳايل عيد ڪتابي ميلي جو اڄ آخري ڏينھنزبردست آفر 50%سيل جاري آھيشام 5 بجي تائين جاري رھ...
02/04/2025

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جي طرفان لڳايل عيد ڪتابي ميلي جو اڄ آخري ڏينھن
زبردست آفر 50%
سيل جاري آھي
شام 5 بجي تائين جاري رھندي،ھن زبردست آفر مان فائدو وٺو.
ھنڌ ڪشمير چوڪ مٺي

  عيد جي خوشين ڀري ڏهاڙي تي    جي طرفان تاريخ 01 ۽ 02 اڱارو ۽ اربع جي ڏينھن  َ تي ٻن ڏينهن جو    لڳايو پيو وڃي، جنھن ۾ ت...
30/03/2025


عيد جي خوشين ڀري ڏهاڙي تي جي طرفان تاريخ 01 ۽ 02 اڱارو ۽ اربع جي ڏينھن َ تي ٻن ڏينهن جو لڳايو پيو وڃي، جنھن ۾ توھان کي سنڌي،اردو،انگلش جا شاھڪار ڪتاب بلڪل مناسب قيمت تي ملي سگھندا.
شاگردن، استادن، عالمن ، اديبن ، شاعرن ۽ صحافين کي دل جي گھرائي سان شرڪت جي ڪوٺ ڏجي ٿي.
تاريخ: 01 ۽ 02 اڱارو ۽ اربع
هنڌ: ڪشمير چوڪ، مٺي

پاران: سامروٽي پبليڪيشن ۽ ڪتاب گھر، مٺي
0333-3173584
0341 3386907


مٺي ۽ پرپاسي جي دوستن لاءِ بهترين موقعوهر اداري جو ڪتاب50 سيڪڙو رعايتي سيل15 جنوري کان 2 فيبروري تائين جاري رهنديهاڻي ئي...
17/01/2025

مٺي ۽ پرپاسي جي دوستن لاءِ بهترين موقعو
هر اداري جو ڪتاب
50 سيڪڙو رعايتي سيل
15 جنوري کان 2 فيبروري تائين جاري رهندي
هاڻي ئي اچو سامروٽي ڪتاب گھر مٺيءَ تي
آن لائين لاءِ سروس چارجز لاگو هوندي
هنڌ: سامھون ٿر پينافليڪس، ويجھو پريس ڪلب مٺي.

رابطي لاءِ:
سامروٽي ڪتاب گھر، مٺي
پرڪاش ڪرمواڻي
03333173584
03413386907

سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر جا نوان آيل ڪتاب سنڌ ڏانهن ويندڙ ريل- ڪليم بُٽ (ناول)سنڌ اُداس آهي- ايوب کوسو وڇوڙن جي واٽ-ايو...
27/12/2024

سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر جا نوان آيل ڪتاب

سنڌ ڏانهن ويندڙ ريل- ڪليم بُٽ (ناول)
سنڌ اُداس آهي- ايوب کوسو
وڇوڙن جي واٽ-ايوب کوسو (ڊائري)
واري ورق وجود جو- حسين ڪپري
ڌرتيءَ جو گيت- اختر حفيظ (ناول)
ويرون وڃ وراڪا-نياز پتافي (شاعري)
پن ڇڻ جون چانڊوڪيون-ميان مير چانڊيو (آتم ڪٿا ڀاڱو ٻيو)
ميگھ تاريخ جي آئيني ۾ -ڊاڪٽر اشوڪ ڏيواڻي (ميگھواڙ تاريخ)

آن لائين گھرايو،
فري هوم ڊليوري
رابطي لاءِ:
سامروٽي ڪتاب گھر، مٺي
0333-3173584
0341 3386907

صبح ۽ پرين يعني 31 ۽ پهرين تي پاڻ هونداسين ڪشمير چوڪ تي ڪتابن جي اسٽال سان گڏ...اچڻ نه وسارجو✌✌
30/10/2024

صبح ۽ پرين يعني 31 ۽ پهرين تي پاڻ هونداسين ڪشمير چوڪ تي ڪتابن جي اسٽال سان گڏ...
اچڻ نه وسارجو✌✌

اڄ سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم   جي پھرين ورسي آهي. : سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم ولي رام ول...
29/10/2024

اڄ سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم جي پھرين ورسي آهي.

:
سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم ولي رام ولڀ، 18 آگسٽ 1941ع (سرڪاري رڪارڊ موجب 15 مارچ 1941ع) تي ٿرپارڪر ضلعي جي شھر مٺيءَ ۾ ڪيول رام لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مٺي مان حاصل ڪئي. اُن کان پوءِ ايل ايل بي (1969ع)، سميت اردو (1967ع)، سماجيات (1971ع) ۽ ماس ڪميونيڪيشن (1991ع) ۾ ايم. اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ۽ جناح ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيون. کيس هندي سميت ڍاٽڪي، پارڪري، گجراتي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ هئي. ولي رام ولڀ 1967ع کان 1988ع تائين هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ، ۾ حيدرآباد برانچ جو مئنيجر ۽ بزنس ايگزيڪيوٽو رهيو. 1988ع کان 2001ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏنيون، 15 مارچ 2001ع تي ساڳئي اداري مان ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٿراپالاجيڪل ميوزيم جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت دوران هي ڇھه ماهي ’سنڌي ادب‘ مخزن جي پنجن پرچن جو ايڊيٽر ۽ مائڪرو فلم سيڪشن جو ڪجهه وقت انچارج پڻ رهيو. ان دوران هن اداري جي ٽماهي نيوز ليٽر جا چار پرچا پڻ ايڊٽ ڪيا. هن مختلف پرڏيھي زبانن جي مشھور ناولن ۽ ڪھاڻين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪَوِتائون به لکيون. ان کان سواءِ چونڊ پرڏيھي شاعريءَ جو ترجمو به ڪيو، جن جو تفصيل هن رِيت آهي:
ترجمو ڪيل ناول:(1) غدار (1968ع)، (2) سيتا هرڻ (1977ع)، (3) بند دروازو (1978ع)، (4) ڌاريو (1993ع)، (5) پوئين پھر جا پانڌيئڙا (2000ع)، (6) ائناڪرينينا، (7) ڪھاڻي هُنن جي، (8) سُمهيل پاڻي، (9) ڇتن ڪتن جو مسيحا، (10) ڪارو ڪتاب ترجمو ۽ ترتيب ڏنل ڪھاڻيون: (1) ٽين دنيا جون ڪھاڻيون (1980ع)، (2) ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪھاڻيون، (1983ع)، (3) نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2003ع)،
(4) بھشت ۽ دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2004ع)، (5) مٺڙا ڀاءُ...! ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2006ع)، (6) پرڏيھي ڪھاڻيون (2011ع).
اصلوڪيون ڪھاڻيون:
(1) زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2001ع)، (2) ’ليڪا نه اورانگهڻ جھڙا (2004ع)
ترجمو ڪيل شاعريءَ جا مجموعا:
(1) ڪَوِتا ڦلواڙي (2006ع)، (2) اڏارون آڪاس ۾ (طبع زاد)، (3) لؤ (شمشير الحيدريءَ جي شعري مجموعي ’لاٽ‘ جو اردو ترجمو)، (4) ’کير ڌارا‘ (ٻه جُلد)
آتم ڪٿائون ۽ انٽرويوز جا ترجما
(1) اقبال (1977ع)، (2) سدا ساوا پن (1984ع)، (3) مون وٽ نه ڪا پيتي، نه ڪو ڪلف ڪنجي (2004ع)، (4) ’موکا ميلو‘ (اِنٽرويو)
خطن جا مجموعا (1) ’جي مارن مون ڏي مُڪا‘، (2) ’سنيھڙا‘ ولي رام ’1947ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو‘ جي سري هيٺ ايم.فل/پي.ايڇ.ڊي جو مقالو پڻ لکيو. هن ڪيول ملڪاڻيءَ جي لکيل ڪتاب ‘The Sindh Story’ جو ’سنڌ ڪھاڻي‘ عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري 1991ع ۾ تاج جويي جي نالي سان ڇپرايو. هن فلسفي ۽ ڌرمي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو. ان سلسلي ۾ گيتا جو اڀياس (سار ديسائي ۽ دليپ بوس جي
(Gita in Marxism) جو ترجمو 1992ع ۾ ۽ من جي شانتي (هنديءَ مان) 2002ع ۾ ترجمو ڪيا.
ولي رام ولڀ 1983ع ۾ پروفيسر ظفر حسن سان گڏجي ’آرسي‘ نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو جاري ڪيو، جنھن جو پورو نالو ’سھيوڳي ساهت ۽ جلا جي آرسي‘ هو. هن ڪتابي سلسلي جا 1985ع تائين، چار پرچا شايع ٿيا. ان کانسواءِ ظفر حسن جي ساٿ ۾ 1978ع ڌاري ’عالمي ادب-I‘: حليم بروهيءَ ۽ ٻين سان گڏ ’سنڌي ساهت-I‘ ۽ پندرهن روزه ’عبرت‘ مخزن جي ابتدائي چئن پرچن جي ايڊيٽوريل ٽيم ۾ شامل رهيو. هن ڪجهه سنڌي نصابي ڪتابن ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر (انگريزي) واري ڪتاب جي ايڊٽنگ پڻ ڪئي. تاج جويي سان گڏ ’پريم ساگر‘ رسالي جو ’سامي نمبر‘ ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ظفر جوڻيجي سان گڏ ’ظفر حسن جي ڊائري-I‘ پڻ ترتيب ڏني. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ’آگم پبليڪيشن/قليچ سرڪل، حيدرآباد‘ پاران 1989ع ۾ ’غفار-قليچ اوارڊ‘، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو پاران 1991ع ۾ سلور ميڊل، ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ پاران 1993ع ۾ ’مرزا قليچ بيگ اوارڊ‘، ’پريم ساگر پبليڪيشن‘ ڪراچي پاران 1996ع ۾ ’ڀڳت ڪنور رام شيلڊ‘، سورمين سٿ حيدرآباد پاران 1997ع ۾ ’شھيد محمد فاضل راهو اوارڊ‘، حڪومت پاڪستان جي اقليت، راندين ۽ يوٿ افيئرس وزارت پاران 1992،1999 ۽ 2001ع ۾ ڪيش انعام سان گڏ ’نيشنل ڪلچرل اوارڊ‘، ’ماهوار نئين زندگي‘ حيدرآباد پاران 1999ع ۾ ’الھندو شاهه يادگار شيلڊ‘، 2000ع ۾ ماهوار ’سوجهرو‘ اوارڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 2001ع ۾ اوارڊ ۽ ’الودائي تقريب شيلڊ‘، ’نيول ويلفيئر مشن‘ ڪراچي پاران 2002ع ۾ ’55th انڊپينڊنس ڊي اينڊ لارڊ ڪرشنا فيسٽيول اوارڊ‘، بزم گلشن سنگت، ٽنڊي محمد خان پاران 2003ع ۾ ’امر دليپ سنگهه حُسن ڪارڪردگي اوارڊ‘، 2006ع ۾ ’ٻي- ڪھاڻي ڪانفرنس ٽرافي‘، ترجمي جي مڃتا ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ، 2008ع ۾اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جئپور پاران اوارڊ، ’سنڌي اديب نيشنل اوارڊ، 2009ع ۾ ’انيس انصاري اڪيڊميءَ اوارڊ، سنڌ ثقافت کاتي پاران 2009ع ۾ ’جوش مليح آبادي اوارڊ‘، حيدرآباد هندو پنچائت پاران 2012ع ۾ ’لائيف ٽائيم اچيومنٽ‘ اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ميڊل ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل آهن. ولي رام ولڀ مختلف ادبي، ثقافتي ۽ سماجي توڙي سرڪاري ادارن/تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. هن 29 آڪٽوبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. ولي رام ولڀ 1957ع ۾ مٺيءَ ۾ شادي ڪئي، کيس پشپا ولڀ، گوري ولڀ ۽ هڪ پٽ ڪمليشور جو اولاد آهي.

#انسائيڪلوپيڊيا

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ٻه نوان آيل ڪتابسنڌ جا ٻه ناليواري خوبصورت شاعر   ۽   جا شعري مجموعا ” ُون_راحتون“ (اياز رضو...
26/10/2024

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جا ٻه نوان آيل ڪتاب

سنڌ جا ٻه ناليواري خوبصورت شاعر ۽ جا شعري مجموعا ” ُون_راحتون“ (اياز رضوي) ُر ڇيڙيا (شنڪر ساگر)
ڇپجي پڌرا ٿي چُڪا آهن.

رابطي لاءِ:
سامروٽي پبليڪيشن ۽ ڪتاب گھر مٺي
0333-3173584
0341-3386907

اچو بارود نه ڪتاب خريد ڪريون!ديواليءَ جي پُرمسرت موقعي تي توهان جني پنهنجي شھر ميءَ جي مين ڪشمير چوڪ تي ٻن ڏينهن جو ڪتاب...
24/10/2024

اچو بارود نه ڪتاب خريد ڪريون!

ديواليءَ جي پُرمسرت موقعي تي توهان جني پنهنجي شھر ميءَ جي مين ڪشمير چوڪ تي ٻن ڏينهن جو ڪتابي ميلو لڳايو پيو وڃي.
توهان سڀني کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.
تاريخ: 31 ۽ 01 نومبر 2024
هنڌ: ڪشمير چوڪ، مٺي
پاران سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر

Address


Telephone

+923333173584

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Parkash Karmwani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

  • Address
  • Telephone
  • Alerts
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share