Aesthetic Saen

Aesthetic Saen Sindhi/Urdu Aesthetics | Poetry | Tributes to Our legends❤

الوداع آڪاش!💔سنڌ وري هڪ دفعو ٻيهر ڀلوڙ شاعر ۽ بهترين انسان کان محروم ٿي وئي 😭مان هليو ڇو ويس؟آڪاش انصاري تُون پُڇين ٿو پ...
15/02/2025

الوداع آڪاش!💔
سنڌ وري هڪ دفعو ٻيهر ڀلوڙ شاعر ۽ بهترين انسان کان محروم ٿي وئي 😭
مان هليو ڇو ويس؟
آڪاش انصاري
تُون پُڇين ٿو پرين!
مان هليو ڇو ويس،
جڏهن شام جو جامُ
خالي نه هو،
رات رم جهم هئي،
تنهنجي ساهن جي،
جھيڻن سُرن سان ستل،
منهنجي بستر تي،
منڪر ڪا موسم هئي،
تنهنجي ڪجلين اکين جي،
ڪنارن مٿي،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي،
لڳي ئي لڳي،
ها! انهي ئي کان اڳي،
مان هليو ڇو ويس؟
سچ پچين او پِرين!
دل به چاهيو گهڻو،
ڪا گهڙي تنهنجي،
وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان،
واس وٺندو رهان!
ٻن گھڙين لئي سهي،
تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾،
ڪنھن روپوش پياسي مسافر جيان،
مان پناهون وٺان،
کن پل ئي سهي،
ٿڪ ٿورو ڀڃان،
دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي نيڻن جون،
نرمل چانڊوڪيون،
سدا مست نينڍون نياپا کڻي،
روح جي رقصان رهن،
دل ته چاهيو گهڻو،
تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون،
۽ ڪومل وليون،
سئو سنديسا کڻي،
منهنجي تن تي سدا،
ائين وکريل رهن،
ها مگر ڇا ڪريون،
تنهنجي ڪاڪل جي قيدي،
ٿيڻ کان اڳي،
قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين!
جيڪا ويئي ڇِڪي،
دل ته ماڻڻ گهريون،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا ويئي ڇِڪي،
تون پڇين ٿو پرين
مان هليو ڇو ويس؟

سنڌ جو بهادر ٻچڙو سيف سميجو مُرڪي سنڌ پوليس کي گرفتاري ڏيندي!!اهو سيف جيڪو هميشہ امُن جو علمبردار رهيو آ هو جيڪو هميشہ س...
13/10/2024

سنڌ جو بهادر ٻچڙو سيف سميجو مُرڪي سنڌ پوليس کي گرفتاري ڏيندي!!
اهو سيف جيڪو هميشہ امُن جو علمبردار رهيو آ هو جيڪو هميشہ سنڌ جي سلامتي لاء سڀن کان اڳڀرو رھيو آ هو جيڪو هميشہ ظلم ناانصافي ڏاڍ خلاف ديوار ﭤﻲ رھيو آ اهو سيف جنھن جي نظر ۾ سنڌ جو هر ٻچو ڪارونجهر مان وهندڙ ان صاف شفاف پاڻي جهڙو آ جنهن جو ڪو دين ڌرم ڪونهي، پر اڄ ان سيف سان اهڙو ظلم اهڙو ڌارين وارو سلوڪ ڇو ؟؟؟ ﻳﺎﺩ رک او ڪائنر هو سيف نہ پر سنڌ آ. ❤️

تون جي وڙھندين ماريو ويندين, ھن وستي تان واريو ويندين! دودا تنهنجو ساھ ته ويندو, پر ماڻھو جو ويساھ نه ويندو 💔😓جيئري تہ ڀ...
25/05/2024

تون جي وڙھندين ماريو ويندين, ھن وستي تان واريو ويندين!
دودا تنهنجو ساھ ته ويندو, پر ماڻھو جو ويساھ نه ويندو 💔😓
جيئري تہ ڀوتارن جو جيئڻ جنجال ڪري ويٺو ھو پر مرڻ کان پوءِ بہ ڪراچي کان گهوٽڪي تائين ڀوتارن جي منهن تي دانگي مليندو ويو!
اي جوان توکي سرخ سلام❤

25/05/2024

24/05/2024

سچ وڏو ڏوهاري آهي! انڌير نگري چرٻٽ راجا!
حق سچ جي راھ ۾ ھڪ ٻيو روشن ڏيو ھميشا لاء وسامي ويو!
ھئي ڙي جوان ھئي🥺💔
افسوس ننڌڻڪي سنڌ جا ننڌڻڪا نوجوان! ڀوتارن جي اک جي ڪنڊي ۽ بيباڪ نوجوان صحافي نصرالله گڏاڻي کي نمي سلام!

28/04/2024

Darwazo khulyal aahy❤

12/04/2024

شمروز ڊٻائي❤

~❤
10/03/2024

~❤

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Aesthetic Saen posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Aesthetic Saen:

Share