Qomi Awaz

Qomi Awaz قوم جي ترجماني ڪندڙ آواز، توهان جو پنهنجو آواز! "قومي آواز"

12/07/2026

گھوڙاٻاري (رپورٽ): ور شهر ويجهو ڳوٺ اوڀايو جت وٽ تيز رفتار پاڻيءَ جو ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڪناري بيٺل رڪشا سان زوردار ٽڪرائجي ويو.
حادثي جي نتيجي ۾ حاجي جت ولد مبارڪ جت، جيڪو مولوي زمان جت جو چاچو هو، سخت زخمي ٿي پيو. کيس فوري طور علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
حادثي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.

11/07/2026

ٽنڊو الهيار (رپورٽ: عبدالواحد لغاري)
چمبڙ ڀرسان ڳوٺ خير محمد لغاري جا رهواسي بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن ڳوٺ ۾ اڄ ڏينهن تائين بجلي جي سهولت فراهم نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب سوين رهواسي اونداهي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سڄي ڳوٺ کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ صرف ٽي بجلي جا پول ۽ هڪ 25 ڪي وي جو ٽرانسفارمر گهربل آهي، پر ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل کاتن ۽ چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏيڻ باوجود سندن جائز مطالبو نظرانداز ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب ٻارن جي تعليم، عورتن جي روزاني زندگي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ گرمي جي موسم ۾ عام ماڻهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بجلي کان علاوه سندن ڳوٺ ۾ ٻين بنيادي سرڪاري سهولتن جي به کوٽ آهي، جنهن سبب هو پاڻ کي مڪمل طور تي نظرانداز ٿيل محسوس ڪن ٿا.

ڳوٺاڻن حڪومت سنڌ، حيسڪو اختيارين ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور سندن ڳوٺ لاءِ ٽي بجلي جا پول ۽ هڪ 25 ڪي وي جو ٽرانسفارمر فراهم ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن علائقي جا رهواسي جديد بنيادي سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبو جلد قبول نه ڪيو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿيندا.

11/07/2026

جنگشاهي: (رپورٽ جاويد جان)
جنگشاهي ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ قيمتي ۽ ناياب وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري آهي، جنهن سبب علائقي جو قدرتي ماحول تيزي سان متاثر ٿي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن غيرقانوني ڪٽائي کي فوري طور نه روڪيو ويو ته مستقبل ۾ ڪوھستان سخت موسمي تبديلي، گرمي جي شدت ۾ واڌ، برساتن جي بي ترتيبي، پاڻي جي کوٽ ۽ جهنگلي جيوت جي نقصان جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏيندو.

مقامي رهواسين ۽ ماحولياتي حلقن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني وڻن جي ڪٽائي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيئن ڪوھستان جو قدرتي حسن، ماحولياتي توازن ۽ جهنگلي جيوت محفوظ بڻائي سگهجي.

ڪراچي: ناميارو قانوندان عامر نواز وڙائچ 2063 ووٽ کڻي، ٽيون ڀيرو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجي ويو.
11/07/2026

ڪراچي: ناميارو قانوندان عامر نواز وڙائچ 2063 ووٽ کڻي، ٽيون ڀيرو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجي ويو.

11/07/2026

ٽنڊوالهيار (رپورٽ: عبدالواحد لغاري)
جي سابق قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ سينيئر سياسي شخصيت حاجي ستار بچاڻي جي پهرين ورسي جي تقريب بچاڻي هائوس، ٽنڊوالهيار ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري ۽ مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ مرحوم جي فرزند ذوالفقار ستار بچاڻي پڻ موجود هو، جڏهن ته سردار شاهنواز لغاري، مختار لغاري ۽ ٻين مهمانن به شرڪت ڪئي. تقريب دوران قرآن پاڪ جي تلاوت، فاتحه خواني ۽ مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن مرحوم حاجي ستار بچاڻي جي سياسي ۽ سماجي زندگي جي مختلف پهلوئن تي خيال ظاهر ڪيا، جڏهن ته سندس عوامي خدمتن، سياسي جدوجهد ۽ علائقي سان لاڳاپيل ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو ويو. مقررن پنهنجي خطابن ۾ مرحوم جي شخصيت ۽ خدمتن بابت مختلف رخن کان روشني وڌي. تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي امن، استحڪام، خوشحالي ۽ مرحوم حاجي ستار بچاڻي جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي، جڏهن ته مختلف علائقن مان آيل سياسي ڪارڪنن، معززين، دوستن ۽ شهرين پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪري مرحوم کي خراجِ عقيدت پيش ڪئي.

11/07/2026

حيدرآباد ۾ وائيلڊ لائيف کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، ڪاڇي مان وڍيل ڄار (کبڙ) جي وڻن سان ڀريل ڪنٽينر ھٿ ڪري ورتو

10/07/2026

ٺٽو: قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس ڪرڻ سميت معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ پاران علامتي بک هڙتال

10/07/2026

ٽنڊوالهيار (رپورٽ عبدالواحد لغاري)

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ادائيگين دوران مستحق عورتن جون سنگين شڪايتون، مبينا ڪٽوتين ۽ بي ضابطگين جا الزام. متاثر عورتن ايف آءِ اي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کان فوري جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

10/07/2026

ٺٽو: آمري اسٽاپ تي خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، لاش واقعي واري هنڌ پيل، پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

Address

Bhitai Nagar
Hyderabad
0000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Qomi Awaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share