15/07/2026
اڄڪلھ جا ڏينهن ڪورٽن، ڪتابن ۽ ڪچهرين جي حوالي آهن، باقي انتظار صرف بارش جو آهي، جلد آسمان ۾ بادلن جا گهوڙا ڊوڙندا، گاجڙلو گونجار ڪندو، کنوڻ ڪنهن جواني جيان تجلا هڻندي ۽ ڌرتي مان وُٺي جو هڳاءُ هوا ۾ پنهنجا رنگ روشني وکيريندو پوءِ تہ واھ واھ ٿي ويندي رڳو واھ واھ ٿورئي صفا قهر ۽ ڪمال ٿي پوندو پوءِ ڏسبو يا تہ ڪوهستان جي پهاڙن ۾ پنڌ ڪبو، يا کارو ڇاڻ جي ڇاتي ماپبي جتي درياءَ ۽ سمنڊ ڪنهن وڇڙيل ويل جوڙي جيان پاڻ ۾ ملن ٿا يا اڇڙي ٿر جي ڀورن ريتن تي ويهي ملهار ڳائبو جي هي سڀ نہ ٿي سگهيو تہ ڳوٺ جي ان ڀٽ تي وڃي مورن جا ٽهوڪا ضرور ٻڌبا جن ٽهوڪن ۾ ڳوٺن جي تاريخ مهڪندي ۽ مُرڪندي ڌيما ساھ کڻندي آهي!