10/01/2014
حيدرآباد (پريس رليز) صوبائي سطح تي جبري پورهئي جي خاتمي لاء قانون جوڙڻ ۽ پاليسي سازي سان ملڪ جا پنجاه لک پورهيت جبري پورهئي کان آجپو حاصل ڪري عزت ڀريو روزگار ڪمائي سگهندا . اها ڳاله ڀنڊارسنگت پاران مقامي هوٽل ۾ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ قانون سازي ۽ پاليسي جوڙڻ مطعلق ڪوٺايل سيمينار ۾ ڪئي وئي . سيمينار جي صدارت هڪ پورهيت عورت بشيران مسيح کان ڪرائي وئي ، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ وفاقي وزير عبدالحڪيم بلوچ ، قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا مري ، پورهئي واري کاتي جي صوبائي صلاحڪار اصغر علي جوڻيجو ، سماجي اڳواڻ مصطفيٰ بلوچ ، ايڪشن ايڊ جي شاهجهان بلوچ، بي ايل ايل ايف جي سربراه سيده غلام فاطمه ۽ ڀنڊار سنگت جي صدر شاهينه رمضان شامل هئا . ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ تاج مري پريزنٽيشن ڏيندي چيو ته دنيا ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو جبري پورهئي جو شڪار آهن ، جڏهن ته پاڪستان ۾ 30 کان 80 لک ماڻهو جبري پورهئي جي نتيجي ۾ جديد غلامي جي ورچڙهيل آهن ،هن چيو ته سنڌ جي زراعت ۾ 18 لک هاري غلامي واري ذندگي گهاري رهيا آهن . جڏهن ته پاڪستان ۾ بٺن تي ڪم ڪندڙ 2 لک خاندان جبري پورهئي جو شڪار آهن . هن چيو ته بٺن کي پاڪستان جي قانون مطابق صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي پر اتي ڪم ڪندڙ پورهيت صنعتي پورهيتن واريون سهولتون حاصل ڪرڻ کان وانجهيل آهن ، کين سوشل سيڪيورٽي ، پوڙهائپ واري پينشن ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ مان حاصل ٿيندڙ سهولتون ، گهرن جي مالڪي ، روزگار جي ضمانت (EOBI) ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هارين جي حق ۾ ترميمون ڪري ان تي عمل کي يقيني بناو وڃي ته بتن ۽زراعت مان جبري پورهئي مان خاتمو آڻي سگهجي ٿو . ان موقعي تي ڳالهائيندي ڀنڊار سنگت جي صدر شاهينه رمضان چيو 18 ترميم کانپوء مڙني صوبائي حڪومتن تي اها ذميواري لاڳو ٿي وئي آهي ته پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ قانون سازي ڪري پاليسي جوڙين . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بنا دير جي اهڙي قانون سازي ڪري. هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار جي چئن بٺن جي پورهيتن کي سوشل سيڪيورٽي ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪئي وئي آهي ، هن انهن بٺي مالڪن ۽ پورهيت يونين جي ساراه ڪئي ۽ ڀنڊار سنگت جي ڪارڪنن جي پڻ ساره ڪئي . جڏهن ته ڀنڊار سنگت جي امير بخش شر چيو ته پورهيت سماج جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا پر کين بنيادي سهولتون حاصل نه آهن . سدا بهار بٺه يونين جي صدر بشيران مسيح چيو ته بٺي جا پورهيت پره ڦٽي کان اڳ اونداهي ۾ پورهيو شروع ڪن ٿا ۽ سج لٿي تائين پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا پر کين سندن پورهئي جو صحيح اجورو نٿو ڏنو وڃي . هن چيو ته هڪ هراز سرون ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 کان چار گهر جا ڀاتي ڪم ڪن ٿا پر سڄي خاندان جو اجورو فقط 480 ملي ٿو جيڪو في ماڻهو جي حساب سان روزانو ڏيڍ سو مس ٿئي ٿو ، جنهن مان 200 روپيه ڪٽوتي کان پوءِ رڳو کين 250 کان 300 روپيه بچن ٿا ، آئون هتي ويٺل ماڻهن کان سوال ٿي ڪريان ٿي ته جا انهن پيسن مان گهر جو چلهوٻري سهگي ٿو . اشرف بروهي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن آفيسر ڀنڊار سنگت 11 جنوري 2014