Roshni Publication

Roshni Publication Grown in 1980, alongside river Indus | home to 1200 books, bridging ideas on literature, art & culture
(1)

"Roshni Publication is the largest and most respected Sindhi-language trade publisher in the Sindh. Headquartered in Hyderabad, the company's commercial activity includes the publishing of its own books in Sindhi, as well as in English, and Urdu, and the distribution of books to local publishers. Founded in 1980, Roshni Publication began publishing in 1981 with three titles. Today, the company pub

lishes more than 50 new titles every year and has an active back list of over 800 titles. Known for its strong fiction and narrative non-fiction list, Roshni Publication has published across virtually every segment, including short-stories, travelogues ,History, Philosophy, biography, politics, history, education, science and religion. Roshni Publication have published the books of almost every renowned Sindhi author including Shah Latif, Sachal Sarmast, Sammi, G.M.Syed,Abrahim Joyo,Atta Muhmmad Bembhero,Shaikh Ayaz,Amar Jalil,Altaf Shiakh,Ustaad Bukhari,Tanveer Abbasi,Abdul Qadir Junejo,Adel Soomro,Ayaz Gul, Imdad Husseni,Noor-ul-Huda Shah,Atta Muhmmad Bembhero and other authors. Roshni Publication's biggest publishing initiatives in the recent past include the translation of all major works related with Sindh, political literature and republication of mystic poetry of Sindhi Sufi poets."

06/06/2026

اسين ننڍ جا نيڻ آھيون پرين،
ستي ساھ جاڳي وڃي ڏُور ڏُور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي ڪيتين جا،
سوين قافلا رهگذر ۾،
سفر ۾ سوين ڪائناتون،
آغاز جن جو، نه انجام جن جو،
ازل کان ابد تائين، سُک جون براتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين راز آڻيون،
سوين ساز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين ساز چاهيون، ستارا جڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسين جاڳ جا ڀاڳ آھيون پرين،
اسين ننڍ جا نيڻ آھيون پرين.

نصير ميمڻ جو بنگلاديش بابت هي جامع ڪتاب "بنگلاديش - بحران کان بحران تائين" سنڌي سياسي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. بنگلاديش ...
06/06/2026

نصير ميمڻ جو بنگلاديش بابت هي جامع ڪتاب "بنگلاديش - بحران کان بحران تائين" سنڌي سياسي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي. بنگلاديش جي معاشي، ثقافتي ۽ سياسي حقن جي جدوجهد بابت سنڌيءَ ۾ ايترو تفصيل سان لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. ان موضوع تي ڏيھ پرڏيھ ۾ ڇپيل ڪيترن ئي اهم دستاويزن جي تحقيق تي ٻڌل هي ڪتاب سياسي ڪارڪنن، ليکڪن، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياسي مامرن ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب هڪ اهم ريفرنس دستاويز آهي

For orders and other details, contact: 03312285746

سنڌيڪار طرفانهزارين سالن کان انسانيت جي تاريخ امن، انصاف، برابري سان نه، پر پورهيت طبقي جي رت، پگهر ۽ پورهئي جي مرحليوار...
06/06/2026

سنڌيڪار طرفان

هزارين سالن کان انسانيت جي تاريخ امن، انصاف، برابري سان نه، پر پورهيت طبقي جي رت، پگهر ۽ پورهئي جي مرحليوار ۽ منظم ڦرمار سان لکي وئي آهي، جيڪا ’شرمناڪ حقيقت‘ ايڪھين صديءَ ۾ رهندڙ انسانن کان اهو بنيادي، تُز، تکو ۽ تاريخي سوال پڇڻ تي مجبور ڪري ٿي ته آخر ڪيسيتائين هي رجعت پسند قوتون ۽ ٿيئي ٿيندي جا ڌڻي ۽ ڦرلٽ جي موجوده صورتحال جا رکوالا پنھنجي لالچ، هوس ۽ بدمست حڪمرانيءَ جا محل مظلوم پورهيتن جي چور چور ٿيل هڏن تي اڏيندا رهندا؟ هي ڪو افسانو، ڪھاڻي، قصو ناهي، پر اها هڪ رتورت، جيئري جاڳندي ۽ مسلسل جاري حقيقت آهي، جنھن ۾ انساني پورهئي جي بنيادي قدر کي آمراڻين راڄن ۽ سامراج جي منشي حڪمران اشرافيه طرفان بي رحميءَ سان لتاڙيو ويو آهي. آجپي ۽ نجات جي هر ترقي پسند جدوجھد جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سماج جي سموري دولت پيدا ڪندڙ اصل ڌڻين، هارين، مزدورن ۽ بنيادي پيداواري قوتن کي سامراج جي پاليل ڦوروئن جي چنبي مان ۽ انهن جي پارايل ذهني ۽ فڪري زنجيرن توڙي جسماني غلاميءَ مان آزاد ڪيو وڃي. عوام جي جياپي جي وسيلن جي اها منظم ڦرلٽ ڪڏهن به تاريخ جو ڪو اوچتو حادثو يا ڪنھن آفت جو نتيجو نه رهي آهي، بلڪه اها هڪ انتھائي سرد مهريءَ سان جوڙيل، سازشي، منظم جبر جي عالمي نظام جو اهم ۽ بنيادي مقصد رهي آهي، جنھن ذريعي عوام جي رت جي آخري قطري کي نپوڙي، عالمي سامراج ۽ ان جي ساٿاري مراعات يافته حڪمرانن ۽ سردارن، ميرن، پيرن، ملڪن، چوڌرين، زردارن جي قارون جي خزانن کي اڃان وڌيڪ ڀرڻ آهي ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل هي نظام جاري ۽ ساري رکڻ آهي.
عالمي استحصالي نظام جو اهو سڀ کان وڌيڪ وحشي، انسانيت سوز ۽ خونخوار روپ اسان کي پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي چپي چپي تي نظر اچي ٿو، سنڌ جي سموري تاريخ ان سان ڀري پئي آهي، سنڌ ۾ صدين کان پاڙون کتل ظالم جاگيردارن ۽ وحشي وڏيراشاهيءَ پنھنجي سامراجي ۽ بيٺڪيتي آقائن جي ڪمداري ڪندي، ڦرلٽ جي ان عالمي نظام کي هڪ مھارت ۽ فن سان جاري ۽ ساري رکيو آهي. ڦرلٽ کي ريتن، رسمن، قانونن جي پردي پويان لڪايو ويو. جن سنڌي هارين پنھنجي رت ۽ پگهر سان هن ڌرتيءَ کي ’سڄي پاڪستان جو اناج گهر‘ بڻايو، تن کان سندن بنيادي انساني حق کسي، کين يورپ جي اونداهي دور جي زرعي غلامن کان به بدتر حالت طرف ڌڪيو ويو. سندن اها ابتري، بيوسي، لاچاري ۽ بک ڪنھن پسمانده زرعي معيشت جي پيداوار نه هئي، بلڪه صدين کان سرسبز، ساوڪ ۽ سرهاڻ جي قصن واري، مهراڻ جي موجن واري سنڌ ۾ مراعت يافته حڪمرانن جي پرمار سان فطري اتحاد واري طبقاتي ڦر مار تي ٻڌل، سنڌي عوام سان دشمنيءَ واري، ڦرمار واري رٿابندي جي ڪري پيدا ٿي هئي ته جيئن پيداواري وسيلن ۽ زمين تي سندن مڪمل ۽ اڻکٽ بالادستي قائم رهي سگهي. هنن پورهيتن کي هر قسم جي بنيادي انساني حقن کان محروم رکي، هڪ دائمي ۽ اڻ کٽندڙ دهشت جي ماحول ۾ رکيو ويو، جتي غيرقانوني قيد جو خوف، پنھنجي ئي اباڻين زمينن تان اوچتي بي دخليءَ جون ڌمڪيون ۽ ظالم جاگيردارن جي خانگي جيلن ۾ پنھنجي عورتن جي اغوا ۽ مال ڍورن جي کسجي وڃڻ جو خوف سندن زندگي جو روزمره جو حصو بڻجي ويو هو.
انگريزن جي اچڻ کان وٺي ۽ ويھين صديءَ جي شروعات ۾ جاگيردار پنھنجين وسيع زمينن تي رڳو مالڪن وانگر نه، پر پنھنجي ئي ٺاهيل ننڍين ۽ وحشي رياستن جي مطلق العنان فرعونن وانگر راڄ ڪندا هئا، جيڪي کانئن پوليس هٿان ڪٽرائڻ، چوريءَ کان ويندي خون تائين ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائڻ، گم ڪرائي ڇڏڻ، ڪکاون گهرن مان بي دخليءَ، خانگي قيدن ۾ عمريون ڦليار ٿيڻ جي خوف ذريعي هارين کان زبردستي بيگار ۽ مفت پورهيو وٺندا هئا. اهو ڏهڪاءَ ان ڪري رکيو ويو هو ته جيئن ڪو به هاريءَ پنھنجو حق گهرڻ جي جرائت نه ڪري سگهي. ظالم جاگيردار ۽ سندن ٺڳ منشي هاريءَ جي سڄي سال جي پورهئي کي بٽائيءَ جي بھاني، ڦري کيس نسل در نسل نه کٽندڙ قرضن جي کاتن ۾ غلام بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ رياستي مشينري، خاص طور تي پوليس، وڏيري جي ذاتي سپاهه بڻجي، هر انصاف گهرندڙ آواز کي دٻائڻ جو ڪم ڪندي هئي، ته ان وقت اها ڀوائتي صورتحال ان وحشت ۽ بربريت جي هڪ انتھا هئي. اهو هڪ تاريخي سچ آهي ته ڪو به جبر ۽ انسانيت لڄائيندڙ استحصال لامحدود وقت تائين پنھنجي بقا قائم نٿو رکي سگهي ۽ آخرڪار ويھن صدي جي شروعات ۾ ان ظلم، ڏاڍ، دانهن ڪوڪن ۽ ڪيھاهٽن للڪار جو روپ ورتو.
حقيقتن ۽ سماجي توڙي معاشي تضادن جو ڳوڙهو تجزيو اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾ موجود اهي انتھائي سخت ۽ غير انساني حالتون، ڪي قدرتي آفتون يا خدائي فيصلا نه هئا، پر اهي ظالم وڏيراشاهي ۽ بي زمين هارين جي وچ ۾ طاقت جي ان انتھائي غير متوازن، آمراڻي ۽ هاري مار ورهاست جو نتيجو هيون، جتي هڪ جيئري جاڳندي انسان کي پيداوار جي هڪ بي جان اوزار ۽ پالتو جانورن کان به بدتر سمجهيو ويندو هو. ان سماجي ۽ رياستي جبر ۽ اڌ-غلاماڻي (semi-feudal) نظام ۾ پورهيت انتھائي ابتدائي ۽ وحشي حالتن ۾ پنھنجو ساهه کڻڻ تي مجبور هئا، جن وٽ نه ڪي سماجي حق هئا، نه سياسي سڃاڻپ ۽ نه وري ڪو معاشي تحفظ؛ کين رڳو ايترو ئي کاڌو ۽ جيئرو رکڻ جو سامان مهيا ڪيو ويندو هو، ته جيئن سندن ساهه جي تند ڳنڍيل رهي سگهي، ته جيئن هو پنھنجي رت ۽ پگهر سان هن بيٺڪيتي اشرافيه جا عاليشان محل اڏيندا رهن. جاگيردارن جو اهو مطلق العنان ۽ فرعوني ڪنٽرول رڳو زمين جي حدن تائين محدود نه هو، پر اهي پنھنجي نجي ۽ آمراڻين بادشاهتين ۾، پنھنجي هاريءَ عوام جي جسمن توڙي ساهن جا اڪيلا مالڪ بڻجي ويٺا هئا، جن سماج جي سرجڻهارن کي هڪ دائمي ۽ اڻ کٽندڙ دهشت جي قيدخاني ۾ واڙي ڇڏيو هو، جتي قيد ٿيڻ جو خوف، اباڻين زمينن جي کسجي وڃڻ جو ڊپ ۽ پنھنجي عورتن جي اغوا ٿيڻ جو الڪو هر وقت لڳل رهندو هو. اهو سمورو استحصالي ڍانچو مڪمل طور تي ڦرلٽ جي ان نظام تي بيٺل هو، جتي هاريءَ جو مقدر رڳو وچين دور جي غلامن وانگر جبري پورهيو (بيگار) ڪرڻ ۽ پنھنجي پيدا ڪيل دولت مان ظالمانه رواجن ۽ ’ابوابن‘ جي نالي تي ٿيندڙ ڪٽوتين کي خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ هو. اهڙي هانءُ ڏاريندڙ، ساهه منجهائيندڙ ۽ انسان دشمن ماحول ۾، جتي مقامي پوليس ۽ انتظاميا سميت پورو رياستي ڍانچو، هن وسيع ۽ منظم ڦرلٽ ۾ ڪمدارن جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو،
ان سامراجي مفادن کي پوري ڪندڙ ۽ تحفظ ڏيندڙ حڪومتي ادارن جي جبر خلاف ۽ انسان دشمن ماحول خلاف پورهيت عوام جي سياسي ۽ طبقاتي سجاڳي جي شروعات 1920ع واري ڏهاڪي ۾
’ڪسان بيورو‘ (Kissan Bureau ) جي قيام سان ٿي، جنھن ’هاري حقدار‘
جي تاريخي ۽ انقلابي نعري سان صدين جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. اها ئي فڪري للڪار هئي، جنھن 1930ع ۾ ميرپورخاص جي سرزمين تي ’سنڌ هاريءَ ڪميٽي‘ جي قيام جو بنياد رکيو، جتي جي ايم سيد، ڄمشيد مهتا، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاتم علي علوي جھڙن ترقي پسند اڳواڻن جن ۾ ڪجهه جاگيردار طبقي مان ماڻهو شامل هئا، مظلوم هارين کي پنھنجي سياسي ۽ جمھوري حقن لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو، جنھن قافلي ۾ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جھڙي عظيم انقلابي پنھنجي سرڪاري نوڪريءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي شموليت اختيار ڪئي.
پورهيت جي ان منظم ۽ اڻٿڪ جدوجھد 1945ع ۽ 1946ع ڌاري حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ غلام محمد لغاري جي بيباڪ اڳواڻيءَ ۾ ’بٽائي تحريڪ‘ (پيداوار ۾ هاري ۽ زميندار جي برابر حصي لاءِ ) ۽ ’الاٽي تحريڪ‘ (سرڪاري زمينون هارين کي الاٽ ڪرڻ لاءِ ) جي صورت ۾ هڪ زبردست طوفان جو روپ ڌاري ورتو، جنھن جي سچائيءَ جو اثر اهو هو جو نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش جھڙن رياستي عملدارن به هارين جي حقن جي کليل حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. ان سياسي سجاڳيءَ ۽ طبقاتي مزاحمت جو سڀ کان عظيم ۽ شاندار اُڀار 22 جون، 1947ع تي جهڏو جي مقام تي ڪوٺايل ان تاريخي ڪانفرنس ۾ ڏسڻ ۾ آيو، جتي مقامي ’قادياني اسٽيٽ‘ جي هزارين هارين، پنھنجي حقن لاءِ جاگيرداري دهشت کي سڌي للڪار ڏني. وڏيراشاهيءَ جي هٿياربند غنڊن جڏهن زبردستيءَ سان هارين جو حق کسڻ لاءِ فائرنگ ڪئي، ته پنھنجي پورهئي، پگهر ۽ پيداوار جو دفاع ڪندي، هڪ بھادر سنڌياڻي، مائي بختاور، پنھنجي سيني تي گوليون کائي شھادت جو لازوال جام پيتو ۽ پنھنجي رت سان اهو ثابت ڪيو ته هاريءَ هاڻي غلاميءَ جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ سکي ويا آهن.
مائي بختاور جي ان عظيم قربانيءَ ۽ سنڌ هاريءَ ڪميٽيءَ جي جدوجھد، هارين جي ظلم خلاف نفرت، سنڌي هارين ۽ پورهيت طبقي جي ڏهاڪن تائين هلندڙ ان اڻٿڪ ۽ ترقي پسند جدوجھد، پاسي واري چين ملڪ ۾ هارين جي تحريڪ جو ڪميونسٽ پارٽي صورت ۾ اڀرڻ جي ڪري سامراج جي ساٿاري جاگيردارين ۾ خوف پيدا ٿيو ته متان هيءَ دونهين ڀڀڙ نه ٿي پوي ۽ متان کين ساڙي نه وجهي. نتيجي ۾ هارين کي دلين ۽ دماغن ۾ بغاوت جي ٻرندڙ باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ٽين صوبائي اسيمبليءَ 1950ع ۾ ’سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 1950ع‘ پاس ڪيو، اها جاگيرداري نظام خلاف مظلوم طبقي جي هڪ انتھائي شاندار ۽ ٺوس ڪاميابي هئي.
هن قانوني دستاويز جو بنيادي ۽ تاريخي مقصد هڪ عام سنڌي هاريءَ کي ان ذهني توڙي جسماني زنجيرن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ هو، ته جيئن سندس پيداواري مُلهه جي چوريءَ کي روڪي سگهجي، بيگار جھڙي لعنت جو قانوني طور تي خاتمو آڻي سگهجي ۽ کيس زميندارن جي کليءَ دهشتگرديءَ کان قانوني تحفظ ڏيئي، هڪ باعزت ۽ خودمختيار انسان هجڻ جو درجو ڏياريو وڃي، پر تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي، جتي پورهيت عوام جي حقن جي ان قانوني ڪاميابيءَ مان جنم وٺندڙ انصاف، برابري ۽ انساني وقار جي اها اميد اڃا مس پنھنجون اکيون کولي رهي هئي، اتي سازشي، رجعت پسند ۽ سامراجي ڳٺ جوڙ تي بيٺل رياستي اسٽيبلشمينٽ، ان قانوني واعدي کي بي رحميءَ سان پنھنجي خوني پيرن هيٺان لتاڙڻ ۽ سنڌ جي هارين جي مقدر تي هڪ ڀيرو ٻيھر ظلم جي ڪاري رات مڙهڻ جي تياري مڪمل ڪري چڪي هئي.
رياستي اسٽيبلشمينٽ ۽ جاگيرداري ڳٺ جوڙ هٿان انصاف جي ان اميد جو بي رحماڻو قتل ڪو اتفاق نه هو، پر اهو جديد بيٺڪيتي حڪمرانيءَ ۽ رت چُوسيندڙ نظام جي ان بنيادي منافقت جو چٽو ثبوت هو، جنھن ۾ ’سنڌ ٽيننسي ايڪٽ‘ کي مقامي وڏيراشاهي ۽ رجعت پسند قوتن، هڪ بي معنيٰ ۽ کوکلي ڪاغذ جي ٽڪري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ظاهري طور تي هارين جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ هي قانون ان ئي حڪمران اشرافيه ۽ اسيمبلين جي پيداوار هو، جن جو پنھنجو طبقاتي مفاد هاريءَ جو رت چوسڻ ۽ سندس انساني پورهئي جي مسلسل ڦرلٽ ۾ سمايل هو؛ تنھنڪري هنن مڪمل بدنيتيءَ ۽ سازشي طريقي سان قانون ۾ اهڙيون اندروني خاميون ۽ لچڪون رکيون، جن جي آڙ ۾ رياستي مشينري، پوليس ۽ ڪاموراشاهي مڪمل طور تي وڏيري جي ذاتي نوڪر طور ڪم ڪندي رهي. مارڪسي ۽ تاريخي جدليات جو اهو هڪ اڻٽر اصول آهي، ته ڪنھن به نيم بيٺڪيتي ۽ نيم جاگيرداراڻي نظام جو قانوني ۽ رياستي ڍانچو (legal superstructure ) ڪڏهن به مظلوم پروولتاريه کي انصاف نٿو ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عدالتي ۽ انتظامي ادارن تي ئي ظالم طبقي جي مڪمل قبضو قائم هجي، ته اتي انصاف جي اميد رکڻ هڪ خام خيالي جي برابر آهي. اها حڪمران طبقي جي حق گهرندڙ هارين تي ڪيڏي نه وڏي ٺٺول ۽ منافقت هئي ته بي زمين هاريءَ جي حقن ۽ سندس آجپي جو فيصلو ڪرڻ جا اختيار ان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار کي ڏنا ويا هئا، جيڪو پاڻ مقامي وڏيري جي اوطاق جو سلامي ۽ رياستي جبر جو هڪ حقير، پُرزو هو؛ اهڙي فرسوده سرشتي ۾ وڏيراشاهي هٿان هاريءَ جو مقدر رڳو شڪست ۽ ذلت هئي.
ان قانوني دوکي، بدترين استحصال ۽ رياستي ڏوهه جو نتيجو اهو نڪتو جو، سنڌ جي هاريءَ کان نه رڳو سندس پيداواري ملهه (surplus value ) کسيو ويو، پر کيس هڪ ذهني ۽ جسماني قيد خاني ۾ واڙي، کانئس سندس انساني وقار به لٽيو ويو، جنھن جي انتھائي دردناڪ تصوير هن تاريخي فيصلي جي بنياد بڻيل کدرپوش رپورٽ جي دستاويزن ۾ چٽي ملي ٿي: ”’انسان، انسان جو ڇا حال ڪيو آهي،‘ ان کان وڌيڪ دردناڪ منظر ٻيو ڪو نٿو ٿي سگهي، جڏهن بيوس هاري ۽ ان جا ٻارَ زميندار جا پير ڇهن ٿا.“ اها انسانيت سوز تذليل ڪا انفرادي زيادتي نه هئي، پر اها استحصالي نظام جي بقا لاءِ رياست جي سرپرستيءَ ۾ جوڙيل هڪ باقاعده ۽ منظم پاليسي هئي، جنھن جو سڀ کان بڇڙو ۽ ننگو روپ اسان کي تڏهن ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن رجعت پسند اسيمبليءَ پنھنجي پوري بي حيائي سان، 2013ع ۾، ساڳئي قانون ۾ ترميم ڪري، هارين کان ’بيگار‘ يعني مفت پورهيو وٺڻ جي کلي ۽ ظالماڻي اجازت ڏئي ڇڏي . هن ظالماڻي ۽ سفاڪ عمل اها حقيقت دنيا جي سامهون بلڪل ننگي ڪري ڇڏي ته هن ڇڙواڳ فرعوني طاقت ۽ سامراجي ڍانچي اندر رهندي، سنڌ جي مسڪين عوام کي ڪو به حقيقي انصاف ملڻ بنيادي ۽ عملي طور تي ناممڪن آهي.
پر تاريخ جو اهو خونخوار جبر هميشه لاءِ حاوي نٿو رهي سگهي، ڇاڪاڻ ته هر استحصالي نظام پنھنجي ئي تضادن جي کوکلي بنيادن تي بيٺل هوندو آهي ۽ پنھنجي تباهيءَ جا سامان پاڻ پيدا ڪندو آهي. سنڌ جي هارين سان ٿيل اهو تاريخي دوکو ۽ اداراتي ڦرلٽ هاڻي رڳو ماضيءَ جو ڪو بند ٿيل باب يا روئڻ پٽڻ جو بي جان داستان ناهي، پر اهو اڄ جي باشعور ۽ ترقي پسند نسل لاءِ هڪ چڀندڙ حقيقت ۽ انقلابي سجاڳيءَ جو زنده اهڃاڻ آهي. اڄ جي پڙهندڙ کي ان رياستي ۽ وڏيرڪي ڳٺ جوڙ جي تاريخ کي محض ڪنھن پراڻي ڪھاڻيءَ طور نه، پر پنھنجي موجوده مزاحمتي ۽ انقلابي شعور جي هڪ للڪار طور سمجهڻو پوندو، جيڪا هن صدين جي خاموشيءَ کي ٽوڙي، جديد بيٺڪيتي ڍانچي جي مڪمل تباهيءَ ۽ نئين سماج جي اڏاوت جو گهر ڪري رهي آهي.
انهيءَ عظيم تاريخي ۽ انقلابي تقاضا جي پسمنظر ۾، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تازو ’هارين جو فيصلو‘ (Peasant Judgement ) ڪا معمولي قانوني ڪارروائي نه آهي، پر اها وحشي وڏيراشاهيءَ ۽ ان جي جديد بيٺڪتي سرپرستن جي منھن تي پورهيت طبقي جي ان اڻٿڪ جمھوري بيداريءَ (democratic awakening ) جي هڪ زوردار چماٽ آهي، جنھن صدين کان قائم استحصالي قوتن جي جوڙيل ساختياتي جبر (structural oppression ) جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي. هي تاريخي فيصلو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته جڏهن مظلوم پورهيت پنھنجي حقن جي شعور سان اٿي ٿو، ته رياست جي استحصالي ڍانچي کي به پنھنجا گوڏا کوڙڻا پون ٿا ۽ کيس مجبور ٿيڻو پوي ٿو ته هو 2013ع واري ان رجعت پسند، سازشي ۽ غير آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏئي، جنھن هارين کان جبري بيگار وٺڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي، انسانيت جي انتھا درجي جي تذليل ڪئي هئي. عدالت جو اهو انقلابي حڪم ته هارين جا فيصلا هاڻي انتظامي ڪامورا (اسسٽنٽ ڪمشنر) نه، جيڪي هميشه مقامي وڏيري جي دٻاءَ ۽ لالچ هيٺ پنھنجو ضمير وڪڻندا آهن، پر باقاعده سول عدالتون ڪنديون، اهو دراصل ان رياستي ۽ وڏيرڪي ڳٺ جوڙ جي صديون پراڻي اداراتي ڦرلٽ خلاف ترقي پسند جدوجھد جي هڪ وڏي سوڀ آهي. ان سان گڏوگڏ، هارين جي بنيادي رجسٽريشن جي بحالي ۽ کين اوچتي بي دخليءَ کان بچائڻ توڙي سندن حقن جي ادائيگي لاءِ گڏيل قومن جي پڌرنامي مطابق نئين قانون سازيءَ جو حڪم ان ڳالهه جي پڪ ڏياري ٿو ته پورهيت جي پگهر جي ڦرلٽ کي هاڻي وڌيڪ قانوني تحفظ حاصل نه رهندو.
سنڌ جي ڳيجهو جاگيردار طبقي ۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ حڪومت، انساني حقن، جمھوري حقن، مظلومن سان انصاف جا سڀ چوغا لاهي ڇڏيا آهن ۽ هارين جي حق ۾ آيل هن فيصلي جي خلاف 2020ع ڌاري، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ هڪ سول پٽيشن (Civil Petition 652/2019) داخل ڪئي آهي. جنھن ۾ هنن ان قانوني نقطي کي چئلينج ڪيو آهي، جيڪو هارين جي انصاف جي نالي ماتر گهرجن کي پورو ڪندي، ڪيس سول ججن وٽ ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ٿو. حڪومت پنھنجي هاريءَ دشمن، قانون دشمن ۽ انصاف دشمن موقف ۾ اهو اکين ۾ ڌوڙ وجهندڙ دليل ڏنو آهي ته هي فيصلو انتظامي معاملن ۽ صوبائي قانون سازيءَ جي اختيارن ۾ سڌي مداخلت آهي. اها حڪومتي پٽيشن سنڌ حڪومت جي هاريءَ دشمن سفاڪ بدنيتي جو چٽو اظھار آهي، ته هارين کي هن ايڪهين صديءَ ۾ وڏيرن جي غلام بيوروڪريسي جي حوالي رکيو وڃي، هارين جي مٿان ظلم جي ڪاري رات تاري رهي ۽ غلاميءَ جو نظام جاري ۽ ساري هجي.
اڄ جي باشعور پڙهندڙ ۽ پورهيتن جي اولاد قانوني شاگردن، وڪيلن لاءِ هن ’هارين جي فيصلي‘ کي پڙهڻ، سمجهڻ انتھائي ضروري آهي، هي فيصلو ۽ حڪومت پاران ان کي چئليج ڪرڻ، اها ڳالهه پڌري ٿو ڪري، ته طبقاتي ظلم خلاف جنگ اڃا پنھنجي پڄاڻيءَ تي ناهي پھتي. هارين جي زندگيءَ ۾ غلاميءَ، ظلم، نا انصافيءَ ۽ بربريت جو راڄ قائم آهي. هي فيصلو رڳو عدالتن جو عام فيصلو نه آهي، پر اهو ان لتاڙيل پورهيت عوام جو ڦرلٽ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. گڏوگڏ هاري جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ لاءِ سياسي، قانوني ۽ نظرياتي هٿيار آهي. جاگيردارن ۽ سندن سامراجي ساٿارين ڪڏهن به پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجون ناجائز مراعاتون ناهن ڇڏيون ۽ نه وري هو پنھنجي اقتدار جي تباهيءَ جي هن پرواني تي آسانيءَ سان عمل ٿيڻ ڏيندا؛ تنھنڪري اها اسان جي شعوري، سياسي ۽ تاريخي ذميواري بڻجي ٿي ته اسين هارين تي ٿيندڙ ظلم کي سموري سماج آڏو پڌرو ڪريون، سنڌ حڪومت جي پورهيت دشمن نيتن، عملن کي وائکو ڪريون. واضح رهي ته هي جدوجھد ڪنھن هڪ شعبي يا مڪتبِ فڪر يا ڪنھن تنظيم يا سماجي گروه جي ناهي، پر اها سموري انسانيت جي اجتماعي آجپي جي ڊگهي جنگ جو اهم ڏاڪو آهي، جنھن ۾ غير جانبدار يا خاموش رهڻ جو سڌو مطلب ظالم ۽ ڦورو جو ساٿ ڏيڻ آهي.
تاريخ جي ضمير کي جهنجوڙيندڙ هي سوال آهي ته، ڇا اسان پنھنجي ’مجرماڻي، طاقتور ظالم کان ٺاهه ڪندڙ ۽ بزدلاڻي خاموشيءَ‘
سان ان رجعت پسند، آمراڻي ۽ استحصالي رت چوسيندڙ نظام جا خاموش حصيدار بڻيل رهنداسين، يا پنھنجي مجرماڻي ’اک ٻوٽ،‘
’سڀ ٺيڪ آهي،‘ ’شيون پاڻمرادو بهتري طرف وڌن پيون،‘ جي فڪري مغالطن ۽ سماجي زنجيرن کي ٽوڙي، ان تاريخي للڪار جو جواب ڏيندي، مظلوم هارين جي تاريخي ۽ انقلابي آجپي جي هن عظيم جدوجھد ۾ غير مشروط، بي باڪ ۽ کليل يڪجهتيءَ سان بيٺا هونداسين؟
راشد دائود پوٽو

مھاڳسامي سفرَ ھليا، آسَڻَ اُجھائين!جيتوڻيڪ ھوءَ منھنجي لاءِ عمر جي لحاظ کان ھڪ ماءُ جيان ھئي، پر ھن سان تعلق ھڪ وڏيءَ ڀي...
06/06/2026

مھاڳ

سامي سفرَ ھليا، آسَڻَ اُجھائين!
جيتوڻيڪ ھوءَ منھنجي لاءِ عمر جي لحاظ کان ھڪ ماءُ جيان ھئي، پر ھن سان تعلق ھڪ وڏيءَ ڀيڻُ ۽ ھڪ گھري دوست جيان ھو. پليجي صاحب سان زندگيءَ جي طويل ساٿَ ۽ ھڪ گھر ڀاتيءَ جھڙي تعلق سبب، سندس سموري ڪُٽنب سان ويجھن عزيزن جھڙو يا انھن کان به گھرو تعلق رھيو. ائين ادي حُورَ سان به اھو احترام ۽ مُحبتَ جو سُٻنڌُ 1988ع کان شروع ٿيو، جڏھن پليجو صاحب ٺٽي مان چونڊن ۾ بيٺو ھو ۽ مان پليجي صاحب جو سيڪريٽري ھوس. انھن چونڊن جا ٻه مھينا ھر ھنڌ پليجي صاحب سان مان گڏ ئي گڏ رھيس. ان کي به ھاڻي اَٺَٽيھَه سال گذري ويا آھن. پليجي صاحب سان اھو ساٿُ تنظيمي طور لڳ ڀڳ ارڙنھن سالَ ۽ ذاتي طور اھو عرصو ٽن ڏھاڪن کان به وڌيڪ رھيو. ان سموري عرصي ۾ پليجي صاحب سان جيڪي تنظيمي ۽ ذاتي طور ويجھا ترين دوست رھيا، انھن ۾ ھڪ مان به ھوس. ان ويجھي تعلق سبب پليجي صاحب سان گڏ سندس ويجھن عزيزن سان به ڄڻ ته ھڪ گھر جھڙو تعلق جُڙي ويو ھو، جن ۾ پليجي صاحب جون ٻه سَدوريون، بھادر ۽ لوڪ ڏاھيون ڀينرون به شامل ھيون ھڪ ادي غلام فاطمه ۽ ٻي ادي حُورَ. ھونئن اھو عوامي تحريڪ جو ڪلچر به ھو ته جنھن سان تنظيمي تعلق ھوندو آھي، ان کي پنھنجو ويجھو مائٽ سمجھبو آھي ۽ ميزبان قرب به اھڙو ئي ڏيندا آھن. مون پليجي صاحب جي ھنن ٻنھي ڀينرن کي پنھنجي وڏي ڀاءُ پليجي صاحب جو عاشق ڏٺو. ھنن کي اصل جاءِ نه ملندي ھئي جتي ھو پليجي صاحب کي ويھارين.، دليون ھنڌَ ۽ پنھنجيون اکيون وڇاڻا ڪري ڇڏينديون ھيون. دراصل پليجو صاحب ھنن لاءِ ھڪ مھربان ۽ استاد پيءُ جيان ھو جو ادي حور چوندي ھئي ۽ پنھنجيءَ آتم ڪٿا ۾ به لکيو اٿس ته ھنن پنھنجي پيءُ ماءُ جي جواني ڪونه ڏٺي جو ھو کين وڏي عمر ۾ ڄاوا ھئا. اھو پليجو صاحب ئي ھو، جنھن پنھنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻن کي اولاد جيان پڙھايو. پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان وڌيڪ پليجي صاحب کي ويجھيون پنھنجيون اھي ڀينرون ھيون، يعني ادي حُورَ ۽ ادي غلام فاطمه . سندن وڏي ڀيڻ ادي مريم پليجو مون نه ڏٺي. دلچسپ ڳالھه ته سرڪاري ملازمت سبب، سياسي نالي طور ادي حُورَ پنھنجي وڏي ڀيڻُ جو نالو مريم استعمال ڪندي ھئي، ۽ گھڻا ماڻھو کيس ئي مريم پليجو سمجھندا ھئا، جڏھن ته اُھا سندن وڏي ڀيڻ ۽ عمر ۾ پليجي صاحب کان به وڏي ھئي.
ڀيڻون ته ھونئن ئي سڄي دنيا ۾ بيحد پيار ڪندڙ ۽ مھربان ھونديون آھن، پر مون پليجي صاحب جي ھنن ٻنھي ڀينرن کي پليجي صاحب تي ساھُ صدقو ڪندي ڏٺو. پليجي صاحب جي ڪري منھنجو به ساڻن گھڻو تعلق رھيو، مونکي به اولاد جيان ئي بيحد ڀائينديون ھيون. منھنجي وڏي ڀيڻ پروفيسر زينت چانڊيو جو به ساڻن ائين ئي تعلق رھيو. ڪراچيءَ ۾ ڪار ساز ۾ ادي غلام فاطمه جو گھر ڄڻ اسانجو پنھنجو گھر ھوندو ھو. سندس گھر وارو ادا غلام نبي پليجو به ھڪ شاندار، ماٺيڻو ۽ بيحد سچو ۽ قربائتو انسان ھو. پليجو صاحب اڪثر پنھنجي ان ڀيڻ جي گھر وڃي رھندو ھو ته مون کي به ساڻ وٺي ويندو ھو. پليجي صاحب جي ته پنھنجي ننڍي ڀيڻ جو گھر ھو، پر مونکي به ڪڏھن ان گھر ۾ اوپرائپ جو احساس نه ٿيو، ادي غلام فاطمه ھڪ مھربان ماءُ جيان خيال رکندي ۽ ڀائيندي ھئي. ساڳيو قرب ادا غلام نبيءَ جو ھوندو ھو. پليجي صاحب زندگيءَ ۾ ڪڏھن ھڪ ويلي تي اڌ ماني به نه کاڌي ھوندي، ھو کائيندو ئي ڪونه ھو، تنھن تي ھر ويلي تي ادي غلام فاطمه مونکي ماني ڏئي چوندي ھئي ته ”ادا ته ھلي ٿو ھوا تي، تون متان حجابُ ڪرين، نه ته زينت (منھنجي وڏي ڀيڻ ۽ فزڪس جي پروفيسر) کي تنھنجي دانھه ڏيندس.“
پليجو صاحب وري ادي زينت کي چنيسر چوندو ھو، جو 1989ع ۾ ريحانه شيخ، ادي زينت، زينت ميرجت ۽ ٻين سنڌياڻي تحريڪ جي ڇوڪرين شيخ اياز جو منظوم ناٽڪ ’دودي سومري جو موت‘ پيش ڪيو ھو ۽ ادي زينت ان ۾ چنيسر جو ڪردار ادا ڪيو ھو، ريحانه دودي جو ۽ ادي زينت ميرجت ڇوليءَ جو. ادي غلام فاطمه جي گھر گڏجاڻيون ڪندا ھئاسون ته به ماني ٽڪيءَ جو سڄو بندوبست ادي غلام فاطمه ۽ ادا غلام نبي جي حوالي هوندو ھو. ھڪ ڀيري ملڪي سطح جي ھڪ پارٽي ٺاھڻ جي سلسلي ۾ نيشنل پارٽيءَ جي تڏھوڪي چيئرمين ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ وائيس چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق بلوچ کي به مان پليجي صاحب سان گڏجاڻيءَ لاءِ اُتي وٺي ويو ھوس. ادي غلام فاطمه تي مان جدا لکندس جو انيڪ يادگيريون آھن، جيڪي قلمبند ڪرڻ جھڙيون آھن.
1988ع واري زماني ۾ ادي حُورَ اڃا ڳوٺ نيوات ۽ جنگشاھيءَ ۾ رھندي ھئي. ھاڻي ته جنگشاھي ۽ نيوات ھڪ ٿي ويا آھن، پر تڏھن جدا جدا ۽ پَرَ ڀَرو ھئا. رستا پڪا نه ھئڻ سبب ھڪ ميل به وڏو پنڌُ لڳندو ھو. سندس گھر ريلوي اسٽيشن ڀرسان ھوندو ھو. مون ٺٽو ضلعو ورائي ورائي ۽ ھر علائقو پليجي صاحب سان گڏ گھميو، خاص طور ان اليڪشن ۾، جيتوڻيڪ بعد ۾ به اڪثر ساڻس گڏ وڃڻ ٿيندو ھو. 2002ع کان پوءِ وري جڏھن پليجي صاحب جي مڪليءَ واري جاءِ ٺھي ته پوءِ اُتي ويندا ھئاسون. جيتوڻيڪ اھا جاءِ پليجي صاحب جي حياتيءَ ۾ پوري طرح مڪمل نه ٿي. بس رڳو ٻه ڪمرا رھڻ جھڙا ھئا، پليجي صاحب جي ڪمري سميت. پليجو صاحب جڏھن به ڳوٺ يا جنگشاھي ويندو ھو ته گھڻو ڪري ادي حُورَ جي گھر ئي رھندو ھو. ماڻھو يقين نه ڪندا، پر پليجي صاحب جو پنھنجو ذاتي گھر ڪوبه نه ھو. ڪراچي ۾ معمار ۾ سگا جي اسڪيم ۾ سندس ھڪ فليٽ ھو، پر اُتي به ھو مستقل طور ڪڏھن به نه رھيو. مڪليءَ وارو گھر به مستقل رھائش جي لائق نه ھو، بس جڏھن پليجو صاحب ويندو ته وقتي رھائش ۽ آفيس ۾ تبديل ٿي ويندو ھو.
زندگيءَ ۾ مونکي جن ماڻھن سان دلي پيار رھيو، انھن ۾ ادي حُورَ به شامل رھي آھي. ادي حُورَ حقيقي معنيٰ ۾ ھڪ فقير منش انسان ھئي. بيحد سادي، سٻاجھي، سچي، لوڪ ڏاھي، انقلابي خيالن جي حامل، ڪچھرين ۽ مجلسن ۽ سندن تَـرَ جي ٻولَيءَ ۾ مارڪَن جي شوقين. ڪوھستاني لاڏا ڳائڻ کان وٺي انقلابي گيتن ۽ رومانوي گيتن تائين، جڏھن اڪثر پنھنجي ڀيڻ ادي غلام فاطمه يا پنھنجين ڌيئرن، ڀاڻيجين، ڀائٽين ۽ بعد ۾ ڏوھٽين ۽ پوٽين سان ڳائيندي ھئي ته ھن جو وجود ٻَھڪي پوندو ھو. پليجو صاحب به سدائين کانئن پنھنجي پسند جا ڪلام پيو ٻُڌندو ھو ۽ خوشيءَ منجھان معصوم ٻارن جيان تاڙيون وڃائيندو ھو. ادي حُورَ مونکي سدائين بيحد ڀائيندي ھئي. جڏھن ڪجھه سال حيدراباد اچي رھي ته ساڻس اسان جي گھر ۽ پليجي صاحب وٽ ھفتي ۾ ھڪ ٻه ڀيرا ضرور ڪچھريون ٿينديون ھيون. آخري دور ۾ وري روماسا کي به ايترو ئي ڀائيندي ھئي. جڏھن ادي حُورَ ۽ پليجو صاحب گڏ ھوندا ھئا ۽ مان به ھوندو ھئس ته پليجو صاحب ڀوڳ ۾ چوندو ھو ته ”حُورَ توکي ايترو ٿي ڀانئين جو اسان کان توتي پنھنجيون تنقيدون وسريو وڃن.“
ادي حُورَ پنھنجي ڀاءُ سان رڳو روايتي ڀيڻ جيان ئي نه، پر ھن جي آدرشن، جدوجھد، علم، ڏاھپَ، ۽ سندس جستجوءَ سان به اوترو ئي پيار ڪندي ھئي. رسول بخش پليجو ھن جو رڳو محبوب ڀاءُ ئي نه ھو، پر ھن جو آئيڊيل به ھو، ھن جو اُتساھ ۽ سُونھون به ھو. ننڍي کنڊ جي انقلابي سياست ۾ پليجي صاحب اھو ھڪ وڏو مثال قائم ڪيو ھو جو، ھن نه رڳو سنڌياڻي تحريڪ جي صورت ۾ پورھيت ۽ ھيٺين وچولي طبقي جي ماين کي تنظيمي طور شامل ڪيو ۽ انھن کي منظم صورتن ۾ جدوجھدن جي ميدان تي لاٿو، پر ان ۾ ھن پنھنجي گھر جي ماين کي شامل ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ ٺھي ته ان ۾ سندس ڀيڻون اڳواڻ دستي ۾ شامل ھيون، ون يونٽ جي دور ۾ ادي اختر (اختر بلوچ ) گاڏي کاتي ۾ بک ھڙتال تي ويٺي، جنھن کي اُتساھڻ وارو رسول بخش پليجو ھو، جيڪا سندس اڳ ڄائي ھئي ۽ بعد ۾ ڀاڄائي بڻي. ضيا دور ۾ وومين ايڪشن فورم ٺھيو ته ان ۾ به ادي غلام فاطمه ۽ ادي حُورَ باني ميمبرن طور شامل ھيون. ادي حُورَ جو ان دور کان متحرڪ ڪردار رھيو. وفات وقت به ھوءَ عوامي تحريڪ جي نائب صدر ھئي.
مونکي بيحد خوشي آھي ته ادي حُور جي آتم ڪٿا ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي رھي آھي. ادي حُور جڏھن به ملندي ھئي ته پنھنجي آتم ڪٿا جو ذڪر پئي ڪندي ھئي، افسوس سندس حياتيءَ ۾ اُھا شايع ٿي نه سگھي. تازو ڏاڏا قادر رانٽو مون وٽ ڪتاب جو مسودو کڻي آيو ته ان جو مھاڳ لکان، جنھن جي مونکي بيحد خوشي ٿي، جو سندس اولاد ۽ ويجھن مائٽن کان پوءِ مان ئي ھيس، جنھن جو ساڻس ايترو ويجھو تعلق ھو. مونکي انڪري به خوشي ٿي جو سنڌ جي ھن شاندار انسان کي نئين نسل سان متعارف ڪرائڻ ۽ سندس محبتن ۽ شفقتن جو قرض لاھڻ ته ممڪن ناھي، پر ان ڏَسَ ۾ ڪجھه فرض نباھڻ جو موقعو مليو.
جيئن ادي حُورَ جي شخصيت مثالي حد تائين نج نبار، سچي، سٻاجھي ۽ ڏاھپ ڀري ھئي، ائين سندس ھيءَ آتم ڪَٿا به سندس شخصيت، ٻوليءَ، سٺن ۽ ڏُکين تجربن، زندگيءَ جي ذاتي ۽ سياسي راھن تي ڪيل پنڌن جي داستانن جو متحرڪ عڪس آھي. ادي حُورَ جون ڪجھه خوبيون مونکي سدائين بيحد وڻنديون ھيون. انھن ۾ سڀ کان پھرين خوبي سندس نج نبار شخصيت ھئي. جھڙي اندر تھڙي ٻاھر، ايتري سادي جو ان کان وڌيڪ سادگي ممڪن نه ھجي. ھن ٻھروپئي سماج ۾ اھڙا ماڻھو ورلي ھوندا آھن. ندا فاضلي جو ھڪ شعر آھي ته،
ہر آدمی میں ہوتے ہیں دس بیس آدمی
جس کو بھی دیکھنا ہو کئی بار دیکھنا
پر ادي حُورَ اھڙن ماڻھن مان ھئي، جن کي ھڪ ڀيرو ئي ڏسي دل ساک ڏيندي ته ڪَچَ ۽ ڪُوڙَ جو ھن جي وجود جي ڳوٺَ مان ڪڏھن گذر ئي نه ٿيو ھوندو. دراصل اھا سادگي ئي ھن جو باطن ھئي، جيڪا ظاھر ۾ به ساڳي روپ ۾ پَڌري ٿيندي ھئي. اھا سادگي ھن جي ڳالھائڻ، کلڻ، سوچڻ جي انداز، خوش ٿيڻ جي سببن ۽ ننڍين ڳالھين تي به حيران ٿيڻ مان پئي بَکندي ھئي. اھڙي سادگي دراصل اندر جي نبار ۽ انساني ڳُڻن ۾ وڏن ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي. پنھنجي آتم ڪٿا ۾ به ھن پنھنجي ڳوٺَ، خاندان، پنھنجي زندگيءَ، مٽن مائٽن ۽ مجموئي طور پنھنجن مشاھدن ۽ تجربن جو ذڪر بي خوفيءَ، اخلاقي جرئت ۽ پنھنجي ضمير جي سچائيءَ سان ڪيو آھي. ھن ڪتاب جي ھڪ وڏي اھميت اھا به آھي ته ڪتاب جي اھميت ثقافتي اينٿروپالاجيءَ جي لحاظ کان به آھي. ھن ڪتاب ۾ جيئن لاڙَ جي ٺٽي ضلعي جي ڪوھستاني پَٽيءَ جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي عڪس بندي ڪئي وئي آھي، اُھا ان دور جي ان مقامي ماحول ۽ سماج جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ به آھي. مثال طور، ھوءَ لکي ٿي ته مقامي سماج گھڻ نسلي ھوندو ھو، جتي پليجا، جوکيا، جاکرا، خاصخيلي، پالاري، بروھي، ميگھواڙ، واگھري، ڪشميري، پنجابي ۽ مھاجر گڏ رھندا ھئا، اھو ذڪر جنگشاھي جو آھي، جڏھن ته نيوات يعني ’نئين جو واتُ‘ ۾ رڳو پليجا رھندا ھيا. مقامي ڳوٺ توڻي جنگشاھيءَ جي ماحول جو ذڪر ڪندي، ادي حُور لکي ٿي ته ماحول مذھبي ھوندو ھو ۽ سواءِ شادين مُرادين جي ماين کي عام ڏينھن ۾ مردن آڏو لوڪ گيت، لاڏا، سماٽڪا ڳيچَ، مورا، ڳانراڻا ڳائڻ جي اجازت نه ھوندي ھئي، شادين مُرادين ۾ به گھڻي ڀاڱي دھلاري ڊاڍڻيون ھونديون ھيون جيڪي جھمريون ھڻنديون، ڪاڄَ سجائينديون ھيون.
جيئن مون مٿي لکيو آھي ته ادي حُورَ جي ٻي وڏي خوبي سندس نج نبار ڪوھستاني ۽ لاڙي ٻولي ھئي. اھڙي حسين محاوراتي ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھو ھاڻي تيزيءَ سان ناپيد ٿي رھيا آھن. منھنجي دل چوندي ھئي ته ھن جي ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا لکت ۾ محفوظ ڪجن ۽ انھن جو لاشعوري ترڪيبي استعمال ھن وٽ ڪمال جو ھوندو ھو. مون کيس ھڪ ڀيري ان بابت ٻڌايو ته ھن کِلي چيو ھو ته ”تون ھڪ اديب آھين، انڪري توکي اھا ٻولي خاص ٿي لڳي، جڏھن ته اسان جي سانڀر ۾ اسانجي ماءُ ۽ ڳوٺ جون مايون اھڙي ٻولي عام ڳالھائينديون ھيون.“ دراصل اھا عامَ جي جماليات ۽ معنويت توڻي حساسيت سان ڀرپور ٻولي ئي ته خاص ٻولي ھوندي آھي. تڏھن ئي ته لطيف سائينءَ درٻار جي خاص ٻولي ڳالھائيندڙن کي عام ۽ عام سنڌي ڳالھائيندڙن کي چيو ھو ته
”اِيءُ عامن سندو عام، خاصن منجھان نه ٿئي،“ پليجي صاحب جي غير معمولي لطيف شناسيءَ جو ھڪ سبب اھا ڪوھستاني ۽ لاڙ جي ٻولي به ھئي. سَسُئيءَ جا پنج ئي سُرَ انھيءَ ٻوليءَ جي ان لھجي ۾ آھن. ادي حُورَ جي ٽين وڏي خوبي سندس روايتي سنڌي انسان دوست ۽ بيحد قربائتو مزاج ھو. ان مزاج جا ٻه وڏا زندھ روپَ مون پنھنجي آئي ۽ ادي حُورَ جي شخصيتن ۾ ڏٺا. اڄڪلھه اڪثر ماڻھن جي وجود مان ئي تعصب، ساڙَ ۽ منفيت جي ڌَپَ پئي ايندي آھي، پر ادي حُورَ اھڙن ماڻھن مان ھئي جن کي ڏسي ئي لڳندو ھو، ’ويٺي جنين وٽ ڏُکندو ڏور ٿئي.‘ ھوءَ لطيف سائينءَ جي ان سِٽَ جي مجسم صورت ھئي. ادي حُور جو ڳالھائڻ نج نبار ھوندو ھو. ھن جو لھجو خالص ڪوھستاني گاڏڙ لاڙي ھو. ھوءَ پنھنجي گفتگوءَ ۾ جيڪي لفظ، چَوڻيون، محاورا ۽ پھاڪا استعمال ڪندي ھئي، اھو ورثو ھاڻي تيزيءَ سان گم ٿي رھيو آھي. ھن جي آتم ڪٿا ۾ ان جو ڪجھه چَسُ آھي.
سندس آتم ڪَٿا جي وڏي انفراديت سندس حسين ٻولي آھي، ان ٻولي ۽ لھجي ۾ اَجائي ٺاھَ ٺوھَ يعني تصنع جو ڪو تصور به ناھي، اِھا اُھا ئي نج نبار ٻولي آھي، جيڪي ڪوھستان ۽ لاڙ جون مايون صدين کان ڳالھيائينديون اچن. ان جا لفظ، محسوسات، محاورا، علامتون، ثقافتي معنويت سڀ پنھنجي ماحول مان کنيل آھن ۽ اھو ئي ان جو حُسن آھي. ھن ڪتاب ۾ مونکي اُنَ تَـرَ جا نالا پڙھي بيحد مزو آيو، مثال طور، ادي حُور جي پُڦيءَ جو نالو کيرَ ٻائي ھو. ڪيڏو نه سھڻو نالو آھي. سندس امان جو نالو به لاڏَ ٻائي ھو، جنھن سان مان به مليو ھيس. ھڪ لوڪ ڏاھي انسان ھئي. نالا ته گھڻا آھن، پر ھڪ نالي بيھاري ڇڏيو، نالو ھو سندس مامي جو پِني لڌو. لڌو ۽ سڪيلڌو نالا ته ٻُڌل ھئا پر پني لڌو جو مطلب ٿيو ته جيڪو باسون باسڻ کان پوءِ ڄايو ھجي. اسان جا مقامي نالا گم ٿيندا وڃن، ھاڻي اوپرن عربي نالن جي بيماري ڪاھي پئي آھي.
ادي حُورَ جو کڻي مطالعو وسيع نه ھو، پر ھن جو ادبي ۽ علمي ذوق شاندار ھو. ڪي اندر جا کوٽا ماڻھو ڪُلَ مان جُز به سمجھي ناھن سگھندا ۽ ادي حُورَ انھن لوڪ ڏاھن ماڻھن منجھان ھئي، جيڪي علم، تفڪر ۽ ڏاھپ جي جُز مان ڪُل جو جوھر ڪڍي ويندا آھن. اھا خبر تڏھن پوندي ھئي، جڏھن ھوءَ زباني يا لکت ۾ مختصر تبصرا ڪندي ھئي. منھنجي سفرنامن جي ھر قسط تي ايترا ته باريڪ بين ۽ ڳُوڙھا رايا لکندي ھئي، جو اُھي پڙھي مان ھن جي تصوراتي مشاھدي تي حيران ٿيندو ھوس. اسان وٽ چڱا ڀلا ماڻھو عمر سان تلخ، بيزار، منفي پسند ۽ منفيت جا ڀنڊار ٿيندا ويندا آھن، پر ادي حُورَ عمر سان وڌيڪ بردبار، شفيق، ڏاھي ۽ مھربان ٿيندي نظر آئي. ھن جي لوڪ ڏاھپ واري تربيت ته پنھنجي گھر، ڳوٺَ ۽ ماحول مان ٿي، سندس بنيادي تربيت پنھنجي وڏي ڀاءُ رسول بخش پليجي جي ھٿن ۾ ٿي، جيڪو ننڍي ھوندي کان رڳو پنھنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻن جي ئي نه، پر ڳوٺ جي ماين جي به ادبي، علمي ۽ سياسي تربيت پيو ڪندو ھو. ادي حُور لکيو آھي ته ھو انھن لاءِ چونڊ سنڌي ادب سان گڏ روسي، چيني ۽ ويٽنامي ڪھاڻين جا ڪتاب وٺي ايندو ھو ۽ انھن ڪتابن ۽ پليجي صاحب جي تربيت ئي سندن ذھن تبديل ڪيا. اھو ساڳيو ڪم پليجو صاحب جيلن ۾ قيدين سان به ڪندو ھو.
ادي حُور جي اھا به خوشبختي ھئي جو ھوءَ جڏھن پليجي صاحب جي ڪوششن سان، سينٽ ميري اسڪول تلڪ چاڙھي حيدرآباد ۾ پڙھڻ آئي ته پليجي صاحب کيس ع ق شيخ جھڙي ڏاھي اديب ۽ مصور استاد جي گھر رھايو، جتي پليجي صاحب سميت محمد ابراھيم جويو، گرامي صاحب ۽ حيدرآباد جا وڏا وڏا اديب شامن جو ڪچھرين لاءِ ايندا ھئا ۽ ادي حُور انھن سان انھن ڪچھرين ۾ ويھندي ھئي. ائين جڏھن ھوءَ جھمپير پڙھڻ وئي ته ابن حيات پنھور جھڙي ترقي پسند ڏاھي انسان جي گھر رھي. پليجي صاحب جو حيدرآباد ۾ لطيف آباد وارو گھر ته ھونئن ئي ادب، سياست ۽ راڳَ جو ڳڙھ ھوندو ھو، جتي ادي حُور پليجي صاحب جي ٻن گھر وارين، جن مان ھڪ جيجي زرينه ھئي، سان گڏ رھندي ھئي. انھن سمورن ادبي، فڪري ۽ سياسي ماحولن گڏجي ادي حُور جي تربيت ڪئي. ھوءَ ڪجھه وقت سائين محمد ابراھيم جوئي جي گھر به رھي جنھن، جو ذڪر ھن پنھنجي آتم ڪٿا ۾ وڏي اُتساھ ۽ محبت سان ڪيو آھي.
ھن ڪتاب جي ھڪ وڏي اھميت سنڌياڻي تحريڪ جھڙي غير معمولي انقلابي تنظيم جي تاريخ به آھي. سنڌياڻي تحريڪ 1982ع ۾ ٺھي، جنھن جي قيام جو سڄو خاڪو پليجي صاحب ۽ شھيد فاضل راھوءَ جوڙيو ھو. ھن ڪتاب ۾ اھو سڄو پس منظر به بيان ڪيل آھي، جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو وجود عمل ۾ آيو ھو ۽ شھيد فاضل راھوءَ جي ڌيءُ ادي شھناز راھو انجي باني صدر ٿي ھئي، اُھا سنڌياڻي تحريڪ جنھن جي سکر واري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کي شيخ اياز پنھنجي خوشنصيبي سڏيو ھو. ان حوالي سان ادي حُور سنڌياڻي تحريڪ جي ڪيترين ڀينرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي، جن ۾ ادي ممتاز نظاماڻي، زاھده شيخ، صاحبزادي ڏاھري، حضوران شيخ ۽ انيڪ سنڌياڻيون اچي وڃن ٿيون. اُھا گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته وومين ايڪشن فورم جي قيام ۾ به سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن پر خاص طور ادي حُور ۽ ادي غلام فاطمه جو اھم ۽ سرگرم ڪردار ھو، جنھن جا تفصيل ھن ڪتاب ۾ موجود آھن. سنڌياڻي تحريڪ شروع کان وٺي ملڪي، ڏکڻ ايشيائي ۽ عالمي سطح تي به ترقي پسند اتحادي، تحريڪن ۾ سرگرم رھي آھي، ان ڏَس ۾ خود ادي حُور به دھلي، بھار، چين، فلپائن سميت پنھنجن ڪيترن دورن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ نھايت دلچسپ احوال ۽ يادگيريون قلمبند ڪيون آھن.
ادي حُورَ سان ايتريون ته يادون وابسته آھن جو تفصيل لکبا ته احوال گھڻو طويل ٿي ويندو پر ساڻس پليجي صاحب جي زندگيءَ جي آخري ڏينھن جو ھڪ ڏينھن ياد پيو اچيم. پليجي صاحب فون ڪئي ۽ حسبِ معمول پنھنجي ڀوڳن واري ظريفانه انداز ۾ چيائين
”جامي تنھنجي پارٽيءَ جا ماڻھو آيا آھن ھليو اچ!“ مان سمجھي ويس ته پڪ ادي حُورَ آئي ھوندي جو ھوءَ جيئن ته نوي کان وٺي منھنجي ھر ڳالھه جي حمايت ڪندي ھئي انڪري پليجو صاحب پنھنجي خاص ڀوڳن واري لھجي ۾ کيس منھنجي طرفدار يعني منھنجي پارٽي سڏيندو ھو. پليجي صاحب سان ويجھڙائي نه رکندڙ ماڻھن مان گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندي ته پليجي صاحب جو سينس آف ھيومر بي مثال ھو، ھو ذاتي ڪچھرين ۾ ان جو خوب ۽ بروقت استعمال ڪندو ھو، ان کي دبستانِ لکنو جي اردو جي روايتي محاوراتي ٻوليءَ ۾ بزله سَنجي چئبو آھي. مان پليجي صاحب وٽ پھتس ته ڏسان ته ادي حُورَ، سندس ڌيءُ ڊاڪٽر شبانه، ڊاڪٽر مارئي ۽ ٻيون گھر جون ڇوڪريون ويٺيون ھيون، پليجو صاحب ائين ھر ڪنھن کي پنھنجي فيملي جي ذاتي ڪچھرين ۾ نه ويھاريندو ھو پر منھنجي لاءِ ته اھو پنھنجو ئي گھر ھو ۽ پنھنجون ئي عزيز ھيون. خوب ڪچھريون ۽ نيواتي ٻوليءَ ۾ مارڪا ٿيا. انھن ڏينھن تائين ادي زاھده گذاري وئي ھئي ۽ انھن ڏينھن ۾ ادي حُورَ ۽ پليجي صاحب جي ڀائٽين ۽ ڀاڻيجين جيئن پليجي صاحب جو جيڪو خيال رکيو اھو به بي مثال ھو. نوي جي ڏھاڪي جي يادن جا انيڪ تاڪيا کُليا ۽ اسان ادي زاھده کي به خوب ياد ڪيو، ھوءَ به ڄڻ ته روسي ناولن جو ڪو جيئرو ڪردار ھئي.
مان سدائين ادي حُورَ کي چوندو ھئس ته پنھنجي آتم ڪٿا لکي پر ھوءَ ھر ڀيري اھو بار مون تي رکي ڇڏيندي ھئي پر مونکي ڳڻتي ھوندي ھئي ته گھڻن ڪمن جيان اھو ڪم به رھجي ويندو. مونکي بيحد خوشي آھي ته ھوءَ اھو ڪم پورو ڪري وئي. مون 2000ع ۾ ادي غلام فاطمه جي جيل ڊائريءَ جون ڪجھه قسطون عبرت ۾ شايع ڪيون ھيون جڏھن مان ان جو انچارج ايڊيٽر ھوس پر ادي حُورَجي پنھنجي آتم ڪٿا جو ساءُ ۽ ھُڳاءَ ئي پنھنجو آھي.
زندگي پاڻ اڻ پوري آھي انڪري انجو ھر پاسو، ھر خواھش، ھر ڪم، ھر ساڀيان اڻ پوري ٿئي ٿي. ادي حُورَ ڪيترن سالن کان جڏھن به ملجي زور ڀريندي ھئي ته آڪھه سان اچي وٽس رھجي ۽ طويل ڪچھريون ڪجن. اسان به سوچيندا ھئاسون ته ڄامشوري نئين گھر منتقل ٿبو ته ادي حُور کي وٺي اچبو ۽ جنگشاھيءَ جي ٻوليءَ ۾ وڏا مارڪا يعني رھاڻيون ڪبيون پر وقت تي ڪنھن جو وَسُ نه ٿو ھلي سگھي، اھو پاڻ به بيوس آھي. اھا گھڙي ھر ڀيري اڳتي سُرندي ٿي وئي ۽ نيٺ ھڪ اھڙي اَڀاڳي ساعت آئي جو ھوءَ ڪچھرين کان بي نياز ٿي سرد ٿي وئي. ان ڪيفيت کي شاھ لطيف ئي ڪا اظھار جي عبارت ڏئي سگھي ٿو؛

پاڻھين ويٺا پاڻَ سين، پر ۾ پياڻين،
سامي سفر ھليا، آسڻ اُجھائين،
رخصت رُئارين، آئون نه جيئندي ان ريءَ.

جامي چانڊيو

Address

Shah Latif Kitab Ghar, Press Street, Hyder Chowk
Hyderabad

Opening Hours

Monday 11:00 - 21:00
Tuesday 11:00 - 21:00
Wednesday 11:00 - 21:00
Thursday 11:00 - 21:00
Saturday 11:00 - 21:00
Sunday 11:00 - 21:00

Telephone

+923312285746

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Roshni Publication posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Roshni Publication:

Share

Category