19/10/2025
سنڌ سميت سموري ڪائنات ۾ رھندڙ روشن خيال انسانن کي سنڌو تهذيب جي تهوار ڏياري جون کوڙ ساريون واڌايون ھجن
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيِنُ سِڙهَه سَنباهِيا وِجهيوِ وَرُ ونَجهه کي،
روئي وَڻجارِي مارِيندءِ مارِي! پِرِهَه سُورَ پِريِنُ جا
سُرُ سَامُونڊِي
...............................................
علامتي ۽ معنوي مفھوم کي پيش نظر رکندي, هي ڏڻ بنيادي طور تي امن جو ڏڻ آهي . ڏيئن جو ٻرڻ يعني روشني ، شعور جي علامت آهي جيڪا روشني جي اونداهي تي، شعور جي جھالت تي، چڱائي جي برائي تي سچ جي ڪوڙ تي اميد جي مايوسي تي ،امن جي دهشتگردي تي فتح جي علامت آهي. اسان سڀئي ثقافتي ۽ مذهبي تھوارن کي ملهائڻ تي پختو يقين رکون ٿا، ۽ دنيا جي هر هنڌ جيئان, انهن کي ڪنهن به ثقافتي، مذهبي يا رياستي رڪاوٽن کان سواءِ ملهائڻ جي آزادي تي به يقين رکون ٿا. رنگ،نسل,مذهب يا ثقافت جي بنيادن تي فرق، حقيقت ۾ دنيا کي غير انساني بڻائن ٿا. اچو ته متحد ٿيون ۽ گڏجي انسانيت جو جشن ملهايون..
Let this Diwali ignite the light of knowledge, spark creativity, and fill our hearts with the joy of shared stories. Wishing all those celebrating a Happy Diwali
دیپ مندر کے ہوں یا مسجد کے,
ہم جہاں میں فقط روشنی چاہتے ہیں.!