Vidya publication

Vidya publication Welcome Authors & Readers | Book publishing | printing| ISBN | Distribution | Book Fair Organizing | Buy or Publish- DM Us Now

پبلشر نوٽاَسي ۽ نوَي واري ڏھاڪي جي ادبي ڪئنواس تي نظير شھزاد جو نالو نمايان ملي ٿو، ھن شاعري، ڪھاڻيون ۽ صحافتي لکڻيون سر...
09/09/2026

پبلشر نوٽ

اَسي ۽ نوَي واري ڏھاڪي جي ادبي ڪئنواس تي نظير شھزاد جو نالو نمايان ملي ٿو، ھن شاعري، ڪھاڻيون ۽ صحافتي لکڻيون سرجيون. ھو سکر جي ادبي جاڳرتا واري ماحول جو گهڻو متحرڪ ڪردار رھيو. ۽ پوءِ اُمالڪ، سموري ادبي مانڊاڻ کي ڇڏي، خاموشيءَ سان اُٿي ھليو ويو. پويان ڇڏي ويو پنهنجين لکڻين جون پراڻيون ڊائريون ۽ وکريل پنا.
نظير شھزاد جي سڳي ڀائٽي، نثري نظمن جي خوبصورت شاعر ۽ ماھوار ”خيال“ مئگزين، خيرپور جي سڄاڻ ايڊيٽر راحيل بڙديءَ، پنهنجي چاچي جي املهه ادبي خزاني کي دريافت ڪيو آھي، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي، ۽ پھرين مرحلي ۾ ھيءُ ڪھاڻين جو ڳٽڪو ”پرينءَ گهاٽُ“ ترتيب ڏنو آھي. ”پرينءَ گهاٽُ“ اھا ڪھاڻي آھي، جنهن نظير شھزاد جي زندگيءَ ۾ ئي گهڻي ناماچاري حاصل ڪئي ھئي. نظير شھزاد جون سڀئي ڪھاڻيون سندس حساس ذھن جي ولوڙ جو تخليقي عڪس آھن. سندس ڪھاڻين منجهه انساني وجودي پيڙاءَ، نفسياتي ڀوڳنا ۽ سماجي اڻ برابريءَ جا عڪس نمايان آھن.
وديا پبليڪيشن، نظير شھزاد جي ڪھاڻين جو ھيءُ ڳٽڪو پڙھندڙن تائين پهچائيندي سرھائي محسوس ڪري رھيو آھي. ھي ڪھاڻيون اھي ناياب موتي آھن، جن کي وقت سر نه سنڀاليو وڃي ھا، ته شايد تاريخ جي دز ۾ لٽجي وڃن ھا ۽ اھو سمورو ڏکيو ڪم راحيل بڙديءَ ڪيو آھي، جنهن لاءِ ھو جس ۽ شابسون لھڻين. ڪتاب ۾ شامل ارڙهن ڪهاڻيون ۽ ھڪ ناٽڪ ”چڻنگ“ پڙهندڙن جي اندر ۾ سوچ ۽ سچائيءَ جي ھڪ نئين جوت ٻاريندا. اميد آهي ته نظير شهزاد جو هيءُ تخليقي ڪم سنڌي ادب، بالخصوص ڪھاڻي کيتر ۾ هڪ انمول اضافو ثابت ٿيندو.

سردار ٻرڙو
(وديا پبليڪيشن)

We inherit beliefs before we encounter evidence.How many of your convictions are actually yours?
28/08/2026

We inherit beliefs before we encounter evidence.
How many of your convictions are actually yours?

PUBLISHED NOW ➡️THINKING BEYOND THE HERD | QAZI G MIn times where critical thinking and cognitive brilliance is under at...
25/08/2026

PUBLISHED NOW ➡️

THINKING BEYOND THE HERD | QAZI G M

In times where critical thinking and cognitive brilliance is under attack; this piece of work is a subtle yet powerful reminder for return to reason. Qazi knows his mission and is armed against dogmatism, authoritarianism and degeneracy under the guise of extremes.

—Qalb e Hyder

For more info | order
03172716720

For More Info | Order
03052356233 | 03172716720

25/08/2026

ڪونڪر گڏاپ Zamuran Communication (زامران ڪميونيڪيشن)، تي ڪتاب دوستُ شاھد بلوچ وديا پبليڪيشن جو بوڪ ڪارنر وزٽ ڪندي پنھنجا قيمتي رايا ونڊيو رھيو آھي.

توھان به پنھنجي شھر يا علائقي ۾ پنھنجي دڪان ۾ اھڙو بوڪ ڪارنر قائم ڪرڻ جي خواھش رکو ٿا؟

At Zamuran Communication (زامران ڪميونيڪيشن), Konkar Gadap, book lover Shahid Baloch visited the Vidya Publication Book Corner and shared his valuable thoughts and feedback.

Would you also like to establish a similar Book Corner at your shop in your city or area? 📚

فيودور دوستووسڪي |جيون، فن ۽ فڪر | فرھاد جيلانياڄ دوستووسڪيءَ جي وفات کي هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر سندس آو...
20/08/2026

فيودور دوستووسڪي |جيون، فن ۽ فڪر | فرھاد جيلاني

اڄ دوستووسڪيءَ جي وفات کي هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر سندس آواز اڃا تائين خاموش نه ٿيو آهي.ھن جون صدائون اڄ بہ ھر ڏسا گونجن ٿيون. دنيا جون يونيورسٽيون، محقق، فلسفي، نفسيات جا ماهر، مذهبي مفڪر ۽ ادب جا عاشق اڄ به سندس ڪتابن ڏانهن انهيءَ احترام سان موٽن ٿا، جيئن ڪو مسافر ڪنهن قديم ۽ هميشه کان وهندڙ چشمي ڏانهن موٽندو آهي.

Available For Online Order | What's App
03052356233 | 03172716720

About the AuthorQazi G M is a writer, researcher, and Story teller from Sindh, Pakistan, whose work inhabits the uneasy ...
20/08/2026

About the Author

Qazi G M is a writer, researcher, and Story teller from Sindh, Pakistan, whose work inhabits the uneasy border between literature and philosophy. Holding a Master’s degree in English Literature, he is deeply concerned with the questions that remain after inherited answers begin to collapse: What does it mean to think? How much of the self is truly our own? Where does freedom end and conformity begin?
His writing moves across literature, philosophy, psychology, politics, technology, artificial intelligence, and human evolution, often returning to a single intellectual impulse: the refusal to accept an idea merely because it has been accepted before.
Alongside his literary work, Qazi has worked in journalism and social-sector research, observing society not only through books and theories but through the ordinary lives of people. His writing seeks to bring the intimate and the intellectual into the same frame—placing the human mind against the larger forces of culture, power, technology, Environment and history.

ايران غزه ناھي(ارونڌتي راءِ جي تقرير جيڪا ھن پنھنجي تازي ڪتاب “Mother Mary Comes to Me” بابت گڙگائون ۾ 9 مارچ 2026 تي رٿ...
15/08/2026

ايران غزه ناھي

(ارونڌتي راءِ جي تقرير جيڪا ھن پنھنجي تازي ڪتاب “Mother Mary Comes to Me” بابت گڙگائون ۾ 9 مارچ 2026 تي رٿيل تقريب ۾ ڪئي)

مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ مان پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ آهيان، ۽ ڇو⁠تہ مون کي پنهنجا ڪلهه سڌا ڪري اها ڳالهه چوڻي آهي. هي اُن جنگ بابت هڪ مختصر بيان آهي جيڪا دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺڻ واري آهي. مون کي خبر آهي ته اسين اڄ هتي “Mother Mary Comes to Me” بابت ڳالهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پر اسين هن ڏينهن جو اختتام ڪيئن ڪري سگهون ٿا بغير انهن سهڻن شهرن—تهران، اصفهان ۽ بيروت—جو ذڪر ڪرڻ جي، جيڪي هن وقت باهه جي لپيٽ ۾ آهن؟ پنهنجي “مدر ميري” جي صاف گوئي ۽ بيباڪي جي روايت کي برقرار رکندي، مان هن موقعي تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي ڪيل بنا جواز ۽ غير قانوني حملي بابت ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي. هي دراصل غزه ۾ جاري آمريڪا-اسرائيل جي نسل ڪشي جو ئي تسلسل آهي. اهو ساڳيو پراڻو طريقو آهي جيڪو نسل ڪشي ڪندڙ استعمال ڪندا رهيا آهن: عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ، اسپتالن تي بمباري ڪرڻ، شهرن کي اندھا ڌند تباهه ڪرڻ، ۽ پوءِ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ. پر ايران غزه ناهي. هن نئين جنگ جو ميدان وڌي پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿو. اسين ايٽمي تباهي ۽ معاشي بربادي جي ڪناري تي بيٺا آهيون. اهو ئي ملڪ جنهن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي بم ڪيرايا هئا، شايد هاڻي دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ تي بمباري جي تياري ڪري رهيو آهي. هن موضوع تي تفصيل سان ڳالهائڻ جا ٻيا به موقعا ايندا، تنهنڪري هتي مان رڳو ايترو چوڻ چاهيان ٿي ته مان بغير ڪنهن هٻڪ جي ايران سان گڏ بيٺي آهيان. جيڪي نظام تبديل ٿيڻ گهرجن. جن ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ اسان جو پنهنجو ملڪ به شامل آه, انهن کي انهن ملڪن جي عوام کي تبديل ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ڪو ٿلهو، ڪوڙو، فريب ڏيندڙ، لالچي، وسيلن کي لٽيندڙ ۽ بم وسائيندڙ سامراجي طاقت ۽ ان جا اتحادي، جيڪي سڄي دنيا کي پنهنجي آڏو جهڪائڻ چاهين ٿا, ايران انهن جي سامهون بيٺو آهي، جڏهن⁠ته ڀارت جهڪي رهيو آهي. مون کي شرم اچي ٿي ته اسان جي حڪومت ڪيتري بي همت ۽ ڪمزور ثابت ٿي آهي. گهڻو وقت اڳ اسين هڪ غريب ملڪ هئاسين، جنهن جا ماڻهو به تمام غريب هئا، پر اسان وٽ وقار ۽ خودداري هئي. اڄ اسين هڪ امير ملڪ آهيون جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو غريب ۽ بيروزگار آهن، ۽ انهن کي حقيقي خوراڪ بدران نفرت، زهر ۽ ڪوڙ سان ڀريل ڳالهيون کارايون وڃن ٿيون. اسان پنهنجي خودداري وڃائي ويٺا آهيون، اسان وقار وڃائي ڇڏيو آهي، اسان همت وڃائي ويٺا آهيون—سواءِ پنهنجي فلمن جي. اسين ڪهڙا ماڻهو آهيون جن جي چونڊيل حڪومت ان وقت به آمريڪا جي مذمت نٿي ڪري جڏهن اهو ٻين ملڪن ۾ سربراهن کي اغوا ڪري قتل ڪري ٿو؟ ڇا اسين چاهينداسين ته اسان سان به ائين ٿئي؟ اسان جو وزيراعظم ايران تي حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل ويو ۽ بينجمن نيتن ياھو کي گلي لڳايو—ان جو مطلب ڇا آهي؟ اسان جي حڪومت آمريڪا سان اهڙو واپاري معاهدو ڪيو آهي جيڪو اصل ۾ اسان جي هارين ۽ ٽيڪسٽائل صنعت کي نقصان پهچائي ٿو—ان جو مطلب ڇا آهي؟ هاڻي اسان کي روس کان تيل خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي—ان جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي اڃا ڪهڙين شين لاءِ اجازت گهرجي؟ ڇا اسان کي باٿ روم وڃڻ لاءِ به اجازت وٺڻي پوندي؟ موڪل وٺڻ لاءِ؟ يا پنهنجي مائرن سان ملڻ لاءِ؟ هر روز آمريڪي سياستدان—جن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ به شامل آهي—اسان کي عوامي طور مذاق بڻائين ٿا ۽ اسان جي تذليل ڪن ٿا، ۽ اسان جو وزيراعظم پنهنجي مشهور خالي کل کلندو رهي ٿو ۽ گلي ملندو رهي ٿو. غزه ۾ نسل ڪشي جي عروج دوران ڀارت جي حڪومت هزارين غريب ڀارتي مزدور اسرائيل موڪليا ته جيئن ڪڍيل فلسطيني مزدورن جي جاءِ ڀري سگهن. اڄ جڏهن اسرائيلي ماڻهو بنڪرن ۾ پناهه وٺي رهيا آهن ته خبرون آهن ته انهن ڀارتي مزدورن کي انهن پناهه گاهن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت به نٿي ڏني وڃي. آخر ان جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي دنيا ۾ هن انتهائي ذلت آميز، شرمناڪ ۽ نفرت جوڳي حيثيت تائين ڪير پهچايو آهي؟ اوھان مان ڪي ماڻهو ياد ڪندا ته اسين ڪڏهن چيني ڪميونسٽ اصطلاح “سامراج جا پاليل ڪتا” تي مذاق ڪندا هئاسين. پر هن وقت مان چونديس ته هي اصطلاح اسان لاءِ بلڪل ٺيڪ لڳي ٿي—سواءِ ان جي ته اسان جي بگڙيل ۽ زهريلي فلمن ۾ اسان جا سيلولوئڊ هيرو لڳاتار خيالي جنگيون کٽيندي نظر اچن ٿا، بي عقل ۽ حد کان وڌيڪ طاقتور ڏيکاريا وڃن ٿا، ۽ پنهنجي بي مقصد تشدد ذريعي اسان جي انتهاپسند خونريزي جي خواهش کي وڌيڪ ڀڙڪائين ٿا.

Iran is standing up to them, while India cowers. I am ashamed of how gutless, how spineless our government has been. Long ago we were a poor country of very poor people. But we had pride. We had dignity. Today we are a rich country with very poor, unemployed people who are fed on a diet of hatred, poison and falsehoods instead of real food. We have lost pride. We have lost dignity. We have lost courage. Except in our movies.

ڪونجڙين جي ديس جي فيودور دوستووسڪيءَ جي نفسياتي، داخلي، فڪري ۽ فلسفي ويچارن جو قافلو  روس جي ٿڌاڻ وارن پٽن  مان نڪري، سر...
03/08/2026

ڪونجڙين جي ديس جي فيودور دوستووسڪيءَ جي نفسياتي، داخلي، فڪري ۽ فلسفي ويچارن جو قافلو روس جي ٿڌاڻ وارن پٽن مان نڪري، سرمائيدار ۽ سوشلسٽ ملڪن جا چمڪندڙ روڊ پار ڪري، ايشيا جون اونداهيون گهٽيون ۽ اُجرا اڱڻ اُڪري سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين جي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ جي آباد وسندي ۾ پنهنجو ويڙھو وسائي چڪو آھي. سنڌي ادب ۾ دوستووسڪيءَ جي ڪتابن "پاپُ ۽ پيڙا"، "جوئاري"، "ڪراما زوف ڀائر"(ٻہ ڀاڱا) ۽ ٻين لکڻين کان پوءِ سائين فرهاد جيلاني سندس پاتار جا پنا لکيا. وري، ادبي فرهادَ قلم جو ٽيڪم کڻي دوستووسڪيءَ جي جنم ڪنڊلي ڳولهي ڦولهي ورتي آهي ۽ اها پڪ آهي تہ هن روسي دوست جي جيون ڪهاڻي هن اُترادي شهزادي جي ٿڌي مزاج هٿان امرتا ماڻيندي. فرهاد جيلاني ڪرونا واري واندڪائيءَ ۾ سندس ڪتابن جي پاتال مان سندس "پاتار مان پنا" ڪڍي، لوڪ کي پڙهايا هئا ۽ اُهي بہ ايئن جيئن لفظن جي پنهنجائپ سان، جو هر ڪو ئي دوستووسڪيءَ سان دوستي ڪرڻ لڳو هو ۽ هاڻي وري کيس وئڪيشن جي واندڪائيءَ، من جي اڪيلائيءَ، روح جي بي چينيءَ ۽ رات جي تنهائيءَ، رات جو بہ سمهڻ نہ ڏنو هو، پوءِ سڀ سان ناتو ٽوڙي، هن وديشي دوست سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. کائنس پڇاڻان ڪرڻ لڳو. سندس اندر ۾ جهاتيون پائڻ لڳو. پنهنجي خيالي "ٽائيم مشين" جي رستي ساڻس گڏ گهمڻ لڳو ۽ پوءِ سندس تخليقي "تخت" - دوستووسڪي جي زندگي/ جيوڻي اچي سندس سامهون بيٺو ۽ هو هاڻي پنهنجي راڄ (پڙهندڙ) کي هي سڦلتا آڇي رهيو آهي. فرهاد جيلاني لفظن ۽ ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت ڄاڻي ٿو. پنهنجي ٻولي منجھ ڪنهن کي سمائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ اھو بہ اهڙو وديشي ليکڪ جنهن جا ويچار ڏيڍ صدي کان مٿي ٿي ويا هجن. سندس رهڻي ڪهڻي، اٿڻي ويهڻي اسان جي ڪهول کان ڪوهين ميل پري هجي پوءِ بہ هن سندس جيوڻي کي پھريون دفعو هڪ نئين گهاڙيٽي سان سنڌي ادب جي شيلف ۾ سجائي، پنهنجن لفظن سان کيس هن آرهڙُ ۾ ڪارخانن واري "آلي برف جي موقعي تي" ، ريجهائيندو ، پرچائيندو پنهنجي موهن جي دڙي جي اولهندي ماڳ تي وٺي آيو آهي ۽ اها ئي فرهاد جيلاني جي سڦلتا جي امرتا آهي.

ذوالفقار "ناصر" ساريو

"هن مختصر ناول ۾ دوستووسڪي مايوسي، لالچ، ذهني ڀڃ ڊاھ ۽ آپگھات کي غير معمولي فني مهارت سان پيش ڪري ٿو."— Penguin Little B...
01/08/2026

"هن مختصر ناول ۾ دوستووسڪي مايوسي، لالچ، ذهني ڀڃ ڊاھ ۽ آپگھات کي غير معمولي فني مهارت سان پيش ڪري ٿو."
— Penguin Little Black Classics
نرم دل | The Meek One
فيودور دوستووسڪي/ ڪريمداد خشڪ
#𝐍𝐞𝐰𝐀𝐫𝐫𝐢𝐯𝐚𝐥𝐬

20/06/2026

up to 25% off..🤩🙃😍

Hurry up Book your order or grab your favourite Books
For info: order and booking inbox or what's up:

03172716720 | 03052356233

Address

C-60, Phase 01. Nasim Nagar Qasimabad
Hyderabad
71000

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Vidya publication posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category