03/06/2026
مهاڳ
پدري سماج ۾ عورت تي قلم
پدري سماج ۾ عورت تي قلم کڻڻ ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آهي. شاهد علي مناهجي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو آهي، ”عورت جي آزادي“ هن ڪتاب ۾ تلوار جهڙيون جَهلڪيون اوهان کي نظر اينديون، شاهد قديم ڊگهي عرصي (Age) ”مادري سماج“ تي به لکيو آهي ته موجوده پدري سماج جي عورت سان ٿيندڙ ظلم تي به هڪ تصوير چٽي آهي.
شاهد علي بنيادي طور هڪ استاد آهي جيڪو درس ۽ تدريس جي شعبي سان جُڙيل آهي. شاهد علي هڪ غير معمولي ماڻهو آهي، جنهن سماج جي انتهائي هڪ اهم اسم تي قلم کنيو آهي. شاهد علي هڪ روشن خيال ترقي پسند ليکڪ آهي، هو پنهنجي عمل، علم، زبان ۽ قلم سان اونداهي سماج ۾ روشني پکيڙڻ چاهي ٿو، انهي لاءِ درس و تدريس علم ۽ عمل جدوجهد جا روشن ڏيئا در در گهر گهر روشن ڪرڻ چاهي ٿو.
پنهنجي ڪتاب ’عورت جي آزادي‘ ۾ لکي ٿو، ”عورت اڄ به اسان جي سماج ۾ غير محفوظ آهي ڇو ته اسان وٽ عورتن جي تعليم عام نه آهي نه وري اسان جي سماج ۾ کين ڪو اهم رتبو ڏنو وڃي ٿو. اسان جي عورت کي اهي حق تڏهن ملي سگهن ٿا جڏهن اسان پنهنجي عورتن کي مڪمل آزادي ۽ تعليم ڏيون.“
شاهد علي تعليم کي ڇوٽڪاري ۽ آزادي جو رستو سمجهي ٿو. انجنيئرنگ جي دنيا ۾ Guide books لاءِ چوندا آهن ته اهي رت ۽ ڳوڙهن سان لکيل آهن ڇو ته زندگيءَ جي بيشمار تجربن کان پوءِ اهي هدايتون لکيون وينديون آهن، هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو لاطيني آمريڪا جي ڏاهي پائلو فراري لکيو آهي ان به انسان جي آزادي تعليم کي سڏيو آهي، تعليم ئي واحد رستو آهي جيڪو روشني ۽ سوڀ، خوشي ۽ سرهائي انسانيت، برابري، سونهن ۽ آزاديءَ جي دنيا جوڙي ٿو سو اسان جو ساٿي شاهد علي ٽئگور جي ڀڙڪندڙ ڏيئي وانگر عورت جي آزادي جهڙو خوبصورت ڪتاب لکي معاشري ۾ سهائي پکيڙي آهي. اڄ جي عورت سنڌ ۾ وڏي ظلم ۽ بربريت جي دردناڪ دور ۾ گذاري ٿي، ظلم جا ته ڪي ئي رنگ آهن پر هڪ ڳالهه جنهن کي سنڌ ۾ ڪارو ڪاري چئجي ٿو، اها ڪوڙي غيرت جي نالي تي بي غيرتي ۽ غير انساني رسم آهي. خاص ڪري اتر سنڌ ۾ گرم ترين علائقن ۾ وڏيرن ۽ سردارن جي نگراني ۾ نپجي وڏي ٿي آهي.
ڪوڙيون ڳالهيون ڪوڙا فيصلا مارڻ وارو به مرد ڪارو ڪرڻ وارو به مرد فيصلي ڪرڻ وارو به مرد اهڙين روايتن رسمن کي ”عورت جي آزادي“ جهڙا ڪتاب، ليک لکي ڪمزور ڪري سَنڌائتا ڌڪ هڻي ختم ڪري سگهي ٿو.
سعيد ايڊورڊ لکي ٿو، ”اسين سڀ سماج ۾ زندگي گذاريون ٿا ڪنهن نه ڪنهن قوميت جو حصو آهيون ۽ هر هڪ قوم جي پنهنجي زبان رسمون ۽ تاريخي پسمنظر آهي. دانشور ڪهڙي حد تائين خدمتگار ۽ دشمن ٿيندا آهن.“
”عورت جي آزادي“ نالي ڪتاب لکندڙ شاهد علي ٻاهرين ۽ اندروني تصوير جو عڪس هن جي چونڊ مان پڌرو آهي. جيڪو پيغام هن جي خيالن خوابن ۽ سوچ جي زاوين مان ليئا پائي رهيو آهي ته انساني آزادي مقدر آهي. انهيءَ انساني آزاديءَ ۾ عورت جيڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ جيون ساٿياڻي جي روپ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي، انهي مقدس ڪردار جي تاريخ جي مختلف ڏاڪن تي هڪڙي وک کنئين آهي. هن ڪتاب جا چونڊ موضوع آهن، سڌريل دنيا ۽ عورت، جديد دور ۽ عورت، قديم سماج ۾ عورت جي حيثيت، ايشيائي عورت، عورت ۽ سماج، اڄ جي عورت ۽ تعليم، عورت جو سماج ۾ ڪردار، ارتقا جو دور ۽ عورت، عالمي دنيا ۽ عورت، شعور ۽ عورت ۽ سوشلزم ۾ عورت جي آزادي، ٻيا انيڪ نازڪ موضوع ليکڪ ڇيڙيا آهن. عورت جي مٿان جيڪي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا، انهن کان هرڪو بخوبي واقف آهي، هو عورت جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي ٿو تڏهن ته خود لکي ٿو، ”هر خاموشي جي ديوار هڪ بغاوت بڻجي ٿي، جنهن کي هن سماج جي ڪوڙين رسمن، رواجن، اصولن جي ور چاڙهي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.“
ليکڪ پنهنجي دانشوراڻي اک سان ظلم جا سڀئي عڪس، اولڙا ۽ منظر چٽي طرح ڏسي ۽ پَسي ٿو. تڏهن ته هو لکي ٿو ته، ”رواجن ۽ اصولن جي وَر چاڙهي اَبدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو.“ شايد هو ڪارو ڪاري جي نالي ۾ ماني دير سان پچائڻ ۽ ٻه جريب ٻني ٻاري واري خواب جي لاءِ نياڻين کي ڪوڙي غيرت جي آڙ ۾ قتل ڪري ڇڏين ٿا. معصوم انسانن کي ائين قتل ڪرڻ ڄڻ ڪو ڪبوتر ذبح ڪيو اٿن ائين ظلم جي ڪاري رات سنڌ جي عورت مٿان ڇانيل آهي.
اهڙو اونداهو منڊ،
جگنو هڪ به نه جيئرو!
تارا سڀ تڙجي ويا،
چاري ناهي چنڊ؛
اهڙو اونداهو کنڊ،
تڙپي شل توورو
شاهد مناهجي جا خواب انساني سماج جي آزادي لاءِ بُلند مينار وانگر آهن. ڏسو هو لکي ٿو، ”اچو ته ڀتين پويان لڪل دنيا ڏسون جتي زنجيرن ۾ جڪڙيل پرين کي آزادي جا خواب ڏسيا وڃن ٿا.“
شاهد علي The secret world ڀتين جي پويان جي دنيا اندر جهاتي پائڻ جي جرت ڪئي آهي جيڪا هڪ شاندار ڪوشش آهي عورت جي موضوع تي اسان جي اديبن، شاعرن تحقيق ڪندڙن ۽ تاريخ جا پيرا کڻندڙن گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، شاعري سرجي وئي آهي، وڏا مقالا لکيا ويا آهن ڊراما پيش ڪيا ويا آهن.
حفيظ شيخ هڪ ڪهاڻي لکي هئي، ’امان مان اسڪول نه ويندس‘ جيڪا هڪ معصوم ٻارڙي جي فرشتن جهڙن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ٻارڙي تي ملا مخطب جي هڪ جعلي معلم تشدد ڪري ٿو، اهڙي ريت هڪ ٻئي ڪهاڻيڪار هڪ ٻي ڪهاڻي سرجي ’امان هو مون کي ڪاري ڪري ماريندا‘ ۽ ’امان مان ڪاري ناهيان‘ ان ڪهاڻي ۾ معصوم فرشتا سيرت نياڻي کي نيٺ ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، سا اصل ۾ اها هوا جي اجري نياڻي آهي.
اِٽليءَ جي غير معمولي ذهين سياسي مفڪر انٽونيوگرامچي ’جيل جا نوٽ بوڪ‘ ۾ لکيو آهي ته، ”سڀئي ماڻهو دانشور هوندا آهن ها البته ائين چئي سگهجي ٿو ته سماج ۾ سڀني ماڻهن جو ڪم دانشورانه نه آهي.“
استاد شاهد علي مناهجو بيٺل سماج اندر ڪجهه سوال اُٿاريا آهن.
”اسان جو سماج ڪٿي بيٺو آهي؟“
”اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟“ هن فلسفي جي دنيا ۾ جهاتي پائڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي، هو عورت کي انساني سماج جي اَڏيندڙ سڏي ٿو. تنهن لاءِ هن پنهنجي مضمونن ۾ مادري سماج، پدري سماج جون تصويرون چٽيون آهن، هي هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي، اسان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، ڪافي ڳالهيون آهن جيڪي هڪ ڪتاب ۾ بيان نٿيون ڪري سگهجن، ٿي سگهي ليکڪ ٻئي حصي ۾ اسان آڏو آڻي!
”اي ڪاش!
اهو تون ڄاڻي هان ته آزاد هوا ڇا ٿيندي آ.“
شيخ اياز
آزادي انسان جو بنيادي حق آهي جيڪو هر انسان جو خواب آهي، دراصل هر جاندار جو بنيادي حق آهي، ٻار، عورت، ننڍا توڙي وڏا، مرد هجي يا جانور آزادي هر ڪنهن سونهين ۽ لهڻي.
شال سهڻي سنڌ اهو آزادي وارو اوج ۽ خواب ماڻي سگهي.
انسان اُتم آهي،
انسانيت اُتم آهي،
عورت عظيم آهي؛
جيڪا انساني تخليق جي ماءُ آهي.
_ايڊووڪيٽ ڊاڪٽر فهيم نوناري