Sindhi Point TV News

  • Home
  • Sindhi Point TV News

Sindhi Point TV News توهان جو سنڌي پوائنٽ ٽي وي نيوز جو مقصد بيهچ ماڻهن جي م

*هي اهو مولوي آهي جيڪو 2022 م  ڪفن پائي نڪتو هو مھنگائي خلاف ۽ 2023 م سھي ٿي ويو چاچي مولوي کي چئو ته خدا جا بندا  60 وا...
06/01/2023

*هي اهو مولوي آهي جيڪو 2022 م ڪفن پائي نڪتو هو مھنگائي خلاف ۽ 2023 م سھي ٿي ويو چاچي مولوي کي چئو ته خدا جا بندا 60 وارو اٽو 135 روپيه في ڪلو ٿي ويو آهي هاڻي ڪفن پائي نڪر ظلم جي خلاف ماڻهون توکي ڳولهي رهيا آهن.*

10/12/2022
گمبٽ لڳ پپري سم نالي۾ پاڻي جو چاڙھ پاڻي روڊ ڪراس ڪرڻڻ شروع ڪيو گمبٽ جي مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾  پ پ پاران نامزد ميونسپل ...
29/08/2022

گمبٽ لڳ پپري سم نالي۾ پاڻي جو چاڙھ پاڻي روڊ ڪراس ڪرڻڻ شروع ڪيو گمبٽ جي مڪاني ادارن جي اليڪشن ۾ پ پ پاران نامزد ميونسپل ڪاميٽي لاء چونڊجي آيل چيئرمين حاجي عبدالطيف شيخ خبر پوڻ تي يڪدم سم نالي پھچي جائزو ورتو ڪرين زريعي سم نالي جي پاڻي بند ڪرايوـ پاڻي جي چاڙھ سبب کھڙا ڳوٺ بھاولدين آرائين کبڙي ۽ سميت گمبٽ شھر کي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ کان بچائي ورتوـ

06/04/2022

ڪچي جي ڳوٺ الله بخش ڪلهوڙو ۾ پوک ۾ ڍور پوڻ تان چنه برادري جي ھڪ ڌر ٻئي ڌر تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن عورت عظيمه چنه ۽ سندس نياڻي نوجوان ناري ممتاز چنه لٺين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيون جنهن بعد هنن سوڀوديرو ٿاڻي تان علاج لاء ليٽر وٺي سرڪاري اسپتال علاج لاء پهتا جتي هنن ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته اسان جي ڪڻڪ ۾ جوابدارن انور امام علي آدم بلوچ سرور چنه ۽ ٻين جون ٻڪريون پوک جي ڀيل ڪن پيون جنهن تان اسان عورتن هنن کي منع ڪئي مگر پوک مان ڍور ڪڍڻ بجاء اسان تي سخت تشدد ڪيو جنهن بعد اسان ٿاڻي تي اطلاع ڏئي علاج لاء آيا آهيون هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي
6.4.2022

11/10/2021

گمبٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي جاڳرتا ريلي ۽ جلسو. جاڳرتا ريلي جو شاندار استقبال. سنڌ جي زمينن تي والار، ڌاري آبادڪاري، سنڌ ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف گمبٽ ۾ عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي گمبٽ پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي، ان موقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻن ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاه. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو. ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار احمد سومرو،جگديش آهوجا، ڪرم وساڻ شفقت خان مھيسر ،ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي سڪندر علي چانڊيو خادم رتڙ علي حيدر اڄڻ آصف لاکائي ۽ ٻين جاڳرتا ريلي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار ۽ قومي ناڻي توڙي زمينن کي لٽڻ ۽ ڌارين کي جعلي ڊوميسائل ۽ قومي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت سڌي ريت ملوث آهي، اسان سنڌ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آھيون . سنڌ جو قومي ناڻو ۽ زمينون لٽيون پيون وڃن.ملڪ رياض جهڙن کي زمينون سستيون ڏئي قبضا ڪيا پيا وڃن. اسان سنڌ کي بچائڻ لاءِ نڪتا آھيون ، کين ووٽ نه پر عوام جو ساٿ گهرجي. اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون خلاف هنيل ڌرڻي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿيا ۽ هاڻي ڪروڙين سنڌي گڏ ٿيندا، ڀلي ڪيترائي ڪيس داخل ٿين گرفتاريون ٿين پر پوئتي نه هٽنداسين، بحريا ٽائون،ذوالفقار آباد ۽ ٻيا منصوبا سنڌ دشمن منصوبا آهن ، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ هلڻ نه ڏبو، سندن چوڻ هو ته ملڪ رياض، آصف زرداري کي لاهور ۾ بلاول هائوس ڏئي سنڌ جي زمين هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو.

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi Point TV News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Sindhi Point TV News:

  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share