05/05/2026
مهراڻ ٽي وي انٽرٽينمينٽ پيش ڪري ٿو ڊراما سيريز "پَيرِي"
ڳوٺاڻي زندگي، احساسن ۽ اخلاقي امتحانن تي ٻڌل هڪ وڌيڪ سنسني خيز قسط… 🌾
سيريز جي نئين قسط ۾ هڪ وڏو ۽ ڏکوئيندڙ موڙ اچي ٿو، جتي چورن جي حملي ۾ زخمي ٿيندڙ پيرل پيري آخرڪار پنهنجي زندگيءَ جي جنگ هارائي وڃي ٿو 💔
پيرل پيري جي وفات کان پوءِ ڳوٺ ۾ خال پيدا ٿي وڃي ٿو، پر ڪهاڻي هتي ختم نٿي ٿئي…
سندس جاءِ تي فوج مان رٽائر ٿي واپس ڳوٺ ايندڙ سندس ئي شاگرد نورل چورن جا پيرا کڻڻ جي ذميواري سنڀالي ٿو ⚖️
ان دوران ڳوٺ ۾ هڪ ٻي چوري ٿئي ٿي، جنهن تي پوليس جو صوبيدار نورل کي سڏائي ٿو ته پيرا سڃاڻي اصل ڏوھارين تائين پهچي سگهجي…
پر جڏهن نورل واقعي جاءِ تي پهچي ٿو ته هو حيران رهجي وڃي ٿو 😔
چورن جا پيرا وقت سان گڏ مٽجي چڪا آهن، ۽ هو صاف چوي ٿو ته:
“پيرن جا نشان ڊهي چڪا آهن، هاڻي پڪ ڪرڻ مشڪل آهي”
هاڻي سوال اهو آهي… ڇا نورل پنهنجي استاد جي مشن کي اڳتي وڌائي سگهندو يا ڳوٺ انصاف کان وري به محروم رهجي ويندو؟ 🤔
"پِيرِي" ڳوٺاڻي سماج جي تلخ حقيقتن، لالچ ۽ ناانصافين کي اجاگر ڪندڙ هڪ زبردست
✨ ڏسندا رهو مهراڻ ٽي وي انٽرٽينمينٽ