Haji.Bajeer

Haji.Bajeer آدمی کو مرتے دم تک زندہ رہنا چاہیے۔

اي آئي کي شيخ اياز جون سٽون ڏنم تہ ھي اميج ڪري ڏنئينمان ٻار تہ ناھيان امان! جو چنڏ ڏسان آئيني ۾شيخ اياز    #چنڊ  #شيخ-اي...
11/05/2026

اي آئي کي شيخ اياز جون سٽون ڏنم تہ ھي اميج ڪري ڏنئين
مان ٻار تہ ناھيان امان!
جو چنڏ ڏسان آئيني ۾
شيخ اياز



#چنڊ
#شيخ-اياز

#آئينو

29/04/2026

ٿر فائونڊيشن وارا جيئن سلام ڪوٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ وارن کي ٻہ ديگون برياني جون ڏيندا آھن ايئن ڳوڙھيار متاثرن کي ٻہ ديگون برياني جون ڏئي ڦوٽو ڪڍي ھليا آيا....

27/04/2026

ڳوڙھيار ۾ لڳل باھ تباھي مچائي ڇڏائي، ضلعي ۽ تعلقي انظاميا، ٿر فائونڊيشن (سنگت نواز فائونڊيشن) ڪو بہ واھر نہ ڪئي! حالت آھي...

ھيء عبدالستار ايڌي جي پوئينرن جو حال آھي، ھاڻ ھيء ٽرسٽ فلاحي نہ ڪاروبار بڻجي وئي آھي، ٻارن جي مٿان تشدد جون رپورٽون اچي ...
27/04/2026

ھيء عبدالستار ايڌي جي پوئينرن جو حال آھي، ھاڻ ھيء ٽرسٽ فلاحي نہ ڪاروبار بڻجي وئي آھي، ٻارن جي مٿان تشدد جون رپورٽون اچي رھيون آھن....

ٻوليء جو سونار، سنڌي ٻوليء سان بيحد محبت ڪندڙ، ٻوليء کي ڇنڊي- ڦوڪي، نکاري، ڊجيٽل دنيا اڳيان آڻيندڙ، سائين امر فياض ٻرڙو ...
24/04/2026

ٻوليء جو سونار، سنڌي ٻوليء سان بيحد محبت ڪندڙ، ٻوليء کي ڇنڊي- ڦوڪي، نکاري، ڊجيٽل دنيا اڳيان آڻيندڙ، سائين امر فياض ٻرڙو جيڪو وجود ۾ ادارن کان وڏو ماڻھو آھي! ان سان اھڙو سلوڪ؟ جيڪو املھ ماڻھو ڏينھن رات ھڪ ڪري، نور نچوئي ٻوليء جي، قوم جي خدمت ڪري ھن لاء فقط ھڪ لک روپيو پگھار! سا بہ بند!؟ ڪرپٽ، ڪميڻا، عاصب ماڻھن کي ڪھڙو قدر ھيرن جو! جيڪو لکين روپيا ڇڏي ٻوليء جي خدمت لاء پاڻ کي وقف ٿو ڪري، پنھنجي ذاتي خرچ تي سرڪاري اداري کي پيو ھلائي! ٻڏي مرڻ جو مقام آھي ادارن مٿان ويٺل مانگرن مڇن جي لاء.... ۽ اھڙي ماڻھو جي خلاف سازشون! ڌمڪيون! شرم اچڻ کپي سنڌ جي لاڳاپيل ادارن، منسٽر کاتن جي وزيرن کي، آفيسرن.... شرم اچڻ کپي اھڙن لچن کي جن جي ھيٺ ھيء ھيڏو وڏو ماڻھو ڪم ڪندو رھيو ۽ ان جو حق ماريو ويو.... ھيڏو وڏو برڙ باڪاس ذھن، بلند حوصلہ، لوڀ ۽ لالچ کان مٿانھون ماڻھو ڪميڻن، واھيات، لوفرن جي سازشن اڳيان ڊھي پيو، روئي پيو😢😢 ڪيڏو نہ ڪميڻو سنڌي معاشرو آھي.....
ھيء سردار شاھ ۽ ذوالفقار شاھ ۽ لاڳاپيل وزيرن ۽ آفيسرن کي پيرين پئي ھن ماڻھو کان معافي وٺڻ کپي، ھن ٻوليء جي عاشق کان پوري قوم کي معافي وٺڻ کپي، ادارن ۾ ويٺل ماڻھن جي پيء جو پيسو ناھي سنڌ جو پيسو آھي سنڌ جي ھن عاشق پنھنجو حق ڏنو وڃي ....

22/04/2026

خليجي ملڪن کي ھاڻ سبق ملي چڪو آھي تہ امريڪا رڳو اسرائيل جو ئي يار وفادار آھي، عرب ۾ فوجي اڏا ٺاھي اسرائيل جي مدد ڪرڻ مقصود آھي. ۽ ھنن اڏن ذريعي ايران جي مٿان حملا ڪري مسلم ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ بہ ھڪ مقصد آھي. ھاڻ ٿيڻ ايئن کپي جو سعوديہ پھرين ئي پاڪستان سان دفاعي معاھدو ڪري چڪو آھي ٻيا عرب ملڪ پڻ پاڪستان سان دفاعي معاھدا ڪن جنھن ۾ عربن جو بہ ڀلو آھي تہ پاڪستان کي پڻ ڪيئي فائدہ آھن. پاڪستان ھن وقت پوري دنيا ۾ ناماچاري حاصل ڪري رھيو آھي ۽ پاڪستان جي رياست سان اندرون اختلاف پنھنجي جگھ تي ليڪن بيروني سطح تي ھن وقت سويلين سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي عالمي امن ۽ پاڪستان جي ساک کي دنيا ۾جيڪا عزت بخشي رھيو آھي سا کير ۾ کنڊ جيان لڳي رھيو آھي. ھن وقت ڀارت کي ڇڏي باقي پاڙيسري پاڪستان جا احسان مند ۽ مخلص نگاھ سان ڏسي رھيا آھن اھا پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آھي.... سو چوڻ جو مقصد خليجي ملڪن کي گھرجي تہ امريڪا جي مفادن پرست ۽ خطي جي دشمن پاليسين جي راند مان نڪري پاڪستان سان دفاعي معاھدا ڪن جيڪي ھن خطي مسلم ملڪن جي امن ، بقا، ڀائپي جي جي لاء انتھائي فائدي مند ۽ وقت جي ضرورت آھي

حاجي بجير

17/04/2026

ھيء ٿر ڪول ڪمپنيون، زمين، وڻ، پکي، سڄي ماحول سميت ماڻھو بہ آھستي آھستي گڙڪائي رھيون آھن...

17/04/2026

ايتري جھڳي ٻن نالن تي پيا ھڻو بھتر ناھي پڙھيا لکيا ماڻھو آھيو ڪو تخليقي، منفرد نالو رکو ڪاليج جو؟ شخصيت پرستيء ۾ ڇا رکيو آھي؟

16/04/2026

اسلام ڪوٽ ڪاليج جو نالو بھتر ڪونھي ڪنھن زندہ سماجي، علمي شخصيت سان منسوب ڪجي؟؟ ڇا خيال آھي اوھان جو؟؟

10/04/2026
10/04/2026

ھھھھھ

Address

Islamkot, Sindh
Islamkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Haji.Bajeer posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share