Gul Mohammad Lashari

Gul Mohammad Lashari Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Gul Mohammad Lashari, TV Channel, Jacobabad.

10/07/2023

مٺو شاه کي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ واري دعوا ڪوڙي نڪتي مٺو شاه پنهنجي ساٿين هٿان مارجي ويو

09/07/2023

سلطان ڪوٽ ڀرسان موبائيل فون ۾ اڳ ئي نمبر سيو هجڻ جي شڪ تي ڪارنهن الزام ڏئي عورت قتل بعد ٻنهي ڌرين جا2ڄڻا قتل2زخمي علائقو جنگ بڻيل

02/07/2023

جيڪب آباد ۾,بدامني,چوريون,ڦر, معصوم ٻار آغوا,ڀتاخوري,جي آزار کان بيزار ٿي هندو برادري اکڙين مان نير وهائيندي پنهجا گهر,ڪاروبار,ڀڳڙن مٽ کپائي سنڌ ڄاوا جيڪب آباد واسي30خاندان جن ۾
بابو ولد جوهڙمل,وشال ولد بابو,سنديپ ولد دليپ,اشوڪ ولد رام,راجو ولد سڌام چند,حاڪم ولد جتيال داس,اڪاش ولد سخي مل,ڪپيل ولد سري چند,سترام داس ولد لڇمڻ داس,وجئه ڪمار ولد اتم چند,ڪرپال داس ولد پهلاج راء,ديپڪ ولد برج لال سميت 30 فيملي
هميشه لاءِ ڀارت روانا ٿي ويا,ياد رهي اڳ به12 هزار ماڻهون جيڪب آباد کان مجبوري سبب لڏپلاڻ ڪري هميشه لاءِ ڇڏي ويا آهن جيڪو سلسلو هن وقت تائين هلندڙ آهي.هي جيڪب آباد جي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل رش هندوبرادري جي آهي جنهن کي پنهنجا عزيز ڇڏڻ آيا آهن.هنن پنهنجا گهر اباڻي شهر جيڪب آباد کي ڇڏي هميشه لاءِ ڀارت روانا ٿي ويا آهن جڏهن ته اکڙين مان نير وهائيندي,روئندي, سڏڪندي پنهنجن رت جي رشتن کان موڪلائين پيا,جيڪب آباد,ڪنڌڪوٽ,ڪشمور جا ماڻهو پنهنجا گهر ڪاروبار ڀڳڙن مٺ تي کپائي هتان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن هن وقت تائين اعلا انتظاميان,چونڊيل نمائنده,ڌرتي ڌڻي هندو برادري کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن.
💔💔

02/07/2023

ساراه جوڳو عمل

29/06/2023

اڄ عيد جي ڏينهن تي هٿرادو مهنگائي ڪري جنهن به سامان مهنگو وڪرو ڪيو رب پاڪ ان کي هڪ نه ٻي ڪا بيماري ڏيئي ظلم جو گڏ ڪيل پئسو پاڻي جيان هارائي ڇڏيندو

26/06/2023

اسان جوعزم مظلوم جو آواز بلند ڪرڻ
هي ويڊيو الاهي ڪٿان جو آھي دوستن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ شعر ڪريو جيئين هن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچي ۽ هن کي انصاف ملي سگهي

مانوارا آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب ضلعي جيڪب آباد ٿاڻي صدر جي ايس ايڇ او اختر ابڙو وٽ ڪهڙي گدڙ سنگهي ٻڌل آهي جو جنهن ح...
18/06/2023

مانوارا آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب ضلعي جيڪب آباد ٿاڻي صدر جي ايس ايڇ او اختر ابڙو وٽ ڪهڙي گدڙ سنگهي ٻڌل آهي جو جنهن حد مان معصوم نينگر,نويد لاشاري,منورشاھ,رحيم بخش سومرو سميت 3ڄڻا آغوا ٿيل آهن جنهن کي مهينو گذري وڃڻ باوجود به ايس ايس پي ثميرنورچنہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آھي

ايس ايس پي سمير نور چنہ ضلعي جي ٻين ٿاڻن تي هفتي,مهيني اندر ايس ايڇ او تبديل ڪندو آهي ۽ 15مهينن کان هڪ ٿاڻي تي مقرر ۽ 3ڄڻا آغوا,پوء به ايس ايڇ او جو وار به ونگو نه ٿيو آھي ان جو اهوئي سبب آھي ته قومي شاهراھ جيڪي صدر ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ ڪري ڪروڙين روپين جي منشيات ڪابولي گاڏيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ ڊيلنگ تحت ڪراس ٿئي ٿو ان جي ڪري اوهان جو ڀروسو اختر ابڙو تي زياده آھي ۽ ٻين تي اوهان جو ڀروسو گهٽ آهي

ڀلي شهر بدامني,ڦرلٽ,منشيات, آغوا,ماڻھون قتل ٿين نوٽيس ڪو نه وٺندو,ڊي آء جي,آء جي سنڌ,وزيرجيل خانه جات ميراعجاز حسين جکراڻي صاحب شهرين جي قتل,آغوا,ڦرلٽ تي اوهان ئي کڻي نوٽيس وٺو

سينيئر صحافي اسرار احمد چانڊيو صاحب جي وال تان

16/06/2023
16/06/2023

ڌرتي ٽي وي هيڊ لائنيز

Address

Jacobabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Gul Mohammad Lashari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category