Sindhu News Jacobabad

Sindhu News Jacobabad Sindhu News Jacobabad.

03/09/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد پير ميهر شاهه ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار راج ڪمار مائي مٺي ۽ سائيڪل سوار ريلوي اسٽيشن جو رھواسي علي نواز پٽاڻ زخمي ٿي پيا جنهن کي پوليس سول اسپتال منتقل ڪيو

02/09/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد ۾ صحافي بابو جميل احمد اوڍو ۽ اي ايس آء منير احمد اوڍو جي گهران چوري جي واردات اڻڄاتل چور 28 لک روڪ رقم ۽ 10 تولا سونا زيور کڻي فرار
ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ اڻڄاتل چور صحافي بابو جميل احمد اوڍو ۽ اي ايس آء منير احمد اوڍو جو گهر ٻهاري ويا
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي
رات دير سان اڻڄاتل چور گهر ۾ داخل ٿي مامي بابو جميل احمد اوڍو ۽ منير احمد جي گهران 28 لک روڪ رقم ۽ 11 تولا سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا. صابر علي اوڍو

31/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر جي گهران ڏيڍ ڪروڙ جو ڦر، پوليس جو ڀاتين تي شڪ جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد پير بخاري درگاهه ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند ڊاڪٽر طفيل شاهه جي گھر ۾ گهڙي هڪ ڪروڙ 46 لک لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع ايس ايس پي جيڪب آباد واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ گهر جي ڀاتين کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي گهرڌڻي جو چوڻ آهي ته ٻه هٿياربند مٿي گهر ۾ گهڙي آيا هٿيارن جي زور جي ڏيڍ ڪروڙ جو رقم کڻي فرار ٿي ويا آهن ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٻڌايو ته ڏيڍ ڪروڙ جو ڦر سمجهه کان ٻاهر آهي گهر ۾ ايتري رقم ڪيئن پيل هئي پوليس کي شڪ آهي ته ان ۾ گهرڀاتي ملوث آهن انهن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي

31/08/2026

سنڌو نيوز
جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پير بخاري ڀرسان ڌاڙي جي وڏي واردات
ايس ايس پي سميت نفري پھچي وئي

31/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد جي سول اسپتال جي رهاشي ڪوارٽر تي رٽائرڊ ملازمن جا ڪيترن ئي سالن کان قبضا حاضر سروس ملازمن پریشان وزيري صحت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

سنڌو نيوز جيڪب آبادجيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ڀرسان مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار قاسم...
30/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ڀرسان مزدا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي م موٽر سائيڪل سوار قاسم علي جتوئي زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي به موجود ماڻهن سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي

29/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد: صدر ٿاڻي جي حد جيلاني ٽائون ڀرسان ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ 10 سالا معصوم نينگري عائزا, آصف علي منجھو ۽ احمد نواز سومرو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي موٽر سائيڪل سوار جھٽ پٽ کان جيڪب آباد جي طرف اچي رھيا ھئا ته جيلاني ٽائون وٽ واقعو پيش آيو زخمي احمد نواز سومرو جو چوڻ ھو ته ٻن ڪارن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنھن کان بعد ڪار ڪنٽرول مان نڪري موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي.

28/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد جي بينظير پارڪ مان سي آء پوليس هٿان منشيات فروشن گرفتار نامعلوم هنڌ منتقل منشيات فروشن وڪي پيچوھو آء جي سنڌ پوليس جي لسٽ ۾ آهي پوليس کي گھربل ھو پوليس ذريعا

27/08/2026

Sindhu News Jacobabad

جيڪب آباد ۾ ڪار اندر قتل ٿيل اختر چانڊيو کي قتل ڪندڙ مک جوابدار حسين بروھي ۽ دين محمد جکراڻي جي پوليس گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي ڏوھ ۾ استعمال ٿيل پسٽل بہ ھٿ

سنڌو نيوز جيڪب آبادجيڪب آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ  قتل ٿيل نوجوان اختر علي چانڊيو جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن حسين علي بروھي ۽ دين...
27/08/2026

سنڌو نيوز جيڪب آباد
جيڪب آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان اختر علي چانڊيو جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن حسين علي بروھي ۽ دين محمد جکراڻي کي شاھين فورس جي انچارج طارق ترين ـ آفتاب ترين ۽ سي آئي اي انچارج عمر بنگلاڻي گرفتار ڪري ورتو ـ سندن قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ مقتول جو موبائيلـفون ھٿ ڪيو ويو ـ قتل جو ڪارڻ ڇوڪري بازي ٻڌايو وڃي پيو ـ جوابدارن پوليس آڏو ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي ـ پوليس ذريعا

Address

Jacobabad
Jacobabad

Telephone

+923337347432

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhu News Jacobabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share