Janta News

Janta News Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Janta News, News & Media Website, Jacobabad.

05/10/2025

جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي تي سرڪار پاران سوناري ھريش ڪمار خلاف فراڊ جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صرافا يونين پاران صرافا بازار ۾ شٽربند ھڙتال ڪري صرافہ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي جنھن ۾ سونارا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صرافہ يونين جي صدرحاجي سميع اللہ سرھيو، بابو مھيش ڪمار لاکاڻي سميت ٻيا شريڪ ٿيا.ن.

27/09/2025

جيڪب آباد:
جيڪب آباد ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي مختلف تنظيمن پاران اڄ پنجين ڏينهن ميونسپل هاءِ اسڪول کان احتجاجي جلوس ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ سوين ملازم شريڪ ٿيا. ڌرڻي ۾ پ ٽ الف جي ضلعي صدر عبدالجبار کوسو، گسٽا جي ضلعي صدر مير نصيب الله خان کوسو، آپڪا جي ضلعي صدر عمران خان جکراڻي، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي ضلعي صدر فرحان علي لاشاري، گريوا جي صدر عبدالرب اوڍاڻو، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر حسن رضا کوسو، لوئر اسٽاف جي عبدالرسول سومرو، سپلا جي نثار ڪيهر، گوواز جي نبي بخش انصاري سميت پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر انتظار حسين ڇلگري، محمد عالم کوسو، مهراڻ سوشل فورم جي عبدالحئي سومرو ۽ عورت ملازم به شريڪ ٿيون.

24/09/2025

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ آل سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي مختلف تنظيمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ گسٽا جي ضلعي صدر نصيب الله خان کوسو، آپڪا جي صدر عمران خان جکراڻي، پ ٽ الف جي ضلعي صدر عبدالجبار کوسو، پي ايم اي جي صدر ڊاڪٽر عبدالغفار رند، لوئر اسٽاف جي غلام محمد سومرو، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن سميت مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سوين حاضر توڙي رٽائرڊ ملازم شريڪ ٿيا. ڌرڻي ۾ انجمن تاجران جو صدر مير احمد علي بروهي به پنهنجي ساٿين سميت شريڪ ٿيو.

27/08/2025
14/08/2025

جیکب آباد
14 اگست سلام پاکستان ریلی
قیادت حافظ محمد موسیٰ سرڪي

11/08/2025

جنتا نيوز ايم سي ايچھ سينٽر پي پي ايچھ آئي پوليس ھيڊ ڪوارٽر جيڪب آباد ۾ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڌيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي سھڪار سان ھڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جٿي ٽيسٽون ميڊيسن مفت ۾ ڏنا ويا

جنتا نيوزپي پي ايچھ آيي  سينٽر پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ سومر واري ڏينهن ھڪ روزه طبي ڪيمپ لڳائي ويندي جنھن ۾ ڊاڪٽر سرجن اکن جو ...
09/08/2025

جنتا نيوز
پي پي ايچھ آيي سينٽر پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ سومر واري ڏينهن ھڪ روزه طبي ڪيمپ لڳائي ويندي جنھن ۾ ڊاڪٽر سرجن اکن جو ماھر چمڙي جو ماھر دماغ جو ماھر ٻارن جو ماھر جرنل فزيشن ۽ عورتن جي بيمارين جون ماھر پروفيسر ڊاڪٽراڻيون شرڪت ڪنديو پاران ڊسٽرڪٽ آفس پي پي ايچھ آئي انچارج ميڏيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالغفار جمالي

05/08/2025

پاکستان محافظ فورم کی جانب سے یوم استحصال کشمیر منایا گیا

16/06/2025

جيڪب آباد؛ رند برادري جا ماڻھون ڦر جي واردات خلاف ڊسٽرڪٽ نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن

15/06/2025

ٺل ۾ يومِ شهادت حضرت عثمان ؓ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي.

حافظ غلام رسول نعماني, استاد شبير احمد عثماني, حافظ محمد موسي' فاروقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جونگل موڙ کان رهبر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 18 ذوالحج حضرت سيدنا عثمان غني رضه جي شهادت جو ڏهاڙو آهي18 ذوالحج جي ڏهاڙي تي سرڪاري سطح تي عام موڪل ڪئي وڃي

08/06/2025

جيڪب آباد ايڪسين پاران مقرر ڪيل نااھل ڪرپٽ ايل ايس شوڪت ڪٽبار جون من مانيون عروج تي سٽي سڪس فيڊر تي عيد جي ڏينهن به ٽرپنگ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو عوام پاران ايل ايس کي ھٽائڻ جو مطالبو

Address

Jacobabad
79000

Telephone

+923337352522

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Janta News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Janta News:

Share